18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

ڪراچي ۾ ميچ نه ڪرائي پي سي بي زيادتي ڪئي آهي: ناصر حسين شاهه

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سڌُ سماءَ واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ڪراچي ۾ هاڻ امن آهي ۽ ان امن لاءِ سڀني گڏجي ڪم ڪيو آهي تنهن هوندي ڪراچي ۾ ميچ نه ڪرائي پي سي بي زيادتي ڪئي آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته لاهور ۾ ڪرڪيٽ خوشي ڏيندڙ ڳالهه آهي پر ڪرچاي ۾ به ڪرڪيٽ ٿيڻ گهرجي، ڪراچي ۾ هاڻ امن آهي ۽ ان امن لاءِ سڀني گڏجي ڪم ڪيو آهي تنهن هوندي ڪراچي ۾ ميچ نه ڪرائي پي سي بي وارن زيادتي ڪئي آهي. جيڪڏهن ميچ شيڊيول ناهي ته هڪ فرينڊلي ميچ ضرور ڪرائڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته نيب آرڊيننس جو معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، آصف زرداري احتساب جي قانون ۾ بهتري آڻڻ جي ڳالهه ڪئي آهي جڏهن ته ارڙهين ترميم تحت سنڌ کي قانون سازي ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوت سنگهه سڌو جنرل قمر جاويد باجوه جو مداح بڻجي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جو اڳوڻو ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو هڪ ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے