19 اڱارو , جون 2018

ڪلثوم نواز جي نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ ڪا به بي ظابطگي ناهي: ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي سينيٽر ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي چيو آهي ته ڪلثوم نواز جي ڪاغذن ۽ اثاثن ۾ ڪا به بي ضابطگي ناهي نڪتي ۽ مخالف ڪلثوم نواز خلاف عدالت ۾ ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا جنهن تي عدالت مخالف ڌرين جون درخواستون رد ڪيون.  مسلم ليگ ن جي سينيٽر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مخالف ڌرين 3 جاين تي ڪلثوم نواز جي نامزدگي وارن ڪاغذن کي چيلينج ڪيو هو، دليل ٻڌڻ کان پوءِ هاءِ ڪورٽ آر او جو فيصلو برقرار رکيو. هن چيو ته مريم نواز بهترين چونڊ ذميواري ادا ڪري رهي آهي ۽ اين اي 120 جو عوام مريم نواز جو بهترين استقبال ڪيو آهي، ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي چيو ته اسان جا هٿ ڪالهه به صاف هئا ۽ اڄ به صاف آهن، ڪلثوم نواز نامزدگي وارن ڪاغذن جي منظوري ان جو ثبوت آهي، هن چيو ته پارٽي جا سمورا فيصلا نواز شريف ڳالهين سان ڪندو آهي، اسان تي ڪنهن قسم جو رڪارڊ ساڙڻ جو الزام ثابت ناهي ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The last day of the nomination for the nomination fellow Farooq, Bilawal and Shahbaz Sharif passed the form of others

نامزدگي فارمن جي اسڪروٽني جو آخري ڏينهن، بلاول ۽ شهباز شريف سميت ٻين جا فارم منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) 2018 جي عام چونڊن لاءِ اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے