اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ نهال هاشمي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ن ليگ جي سينيٽر نهال هاشمي جي وڪيل حشمت حبيب بيماري جي ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿيو، ان جي جاءِ تي مددگار وڪيل ڪامران مرتضيٰ عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران ڪامران مرتضيٰ چيو ته هو عدالت کان معافي گهري ٿو، جسٽس اعجاز افضل پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڪامران مرتضيٰ صاحب، توهان ان ڪيس ۾ وڪيل ناهيو ۽ معافي گهرڻ جو به طريقيڪار هوندو آهي، توهان کي جيڪو چوڻو آهي اهو لکت ۾ چئو. عدالت اٽارني جنرل ۽ حشمت حيبب جي عدم دستيابي جي ڪري ٻڌڻي اڻ ڄاتل مدي تائين ڪري ڇڏي آهي.
هي به ڏسي سگهو ٿا
سرحد پار کان پاڪستاني چيڪ پوسٽ تي حملو ڪندڙ 3 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر
راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي جوانن سرحد پار کان مهمند ايجنسي ۾ پاڪستاني چيڪ پوسٽ …