22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

عمران خان سڀني خلاف پيو ڳالهائي، ٻين ڏانهن آڱر کڻڻ کان اڳ پاڻ ڏانهن به ڏسڻ گهرجي: قمر الزمان ڪائره

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي اين اي 120 ۾ سڀاڻي جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر الزمان ڪائره پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اين اي 120 ۾ حڪومتي مداخلت ۽ ترقياتي ڪم جاري آهن. چونڊ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي اليڪشن ڪميشن کي درخواستون به ڏين هو رڳو نوٽيس ڏئي رهيا آهن ۽ اهي ئي نوٽيس عمران خان کي به ڪيترن ئي سالن کان ڏنا پيا وڃن اليڪشن ڪميشن چونڊ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي روڪي. قمر الزمان ڪائره چيو ته عمران خان سڀني جي خلاف ڳالهائين رهيو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ کي ٻين ڏانهن آڱر کڻڻ کان اڳ پاڻ ڏانهن به ڏسڻ گهرجي. ن ليگ ۾ ڏارن کان پوءِ وڏا وڏا کڏا پوندا پيا وڃن، هن چيو ته سياسي پارٽين کي ڪمزور ڪرڻ وارا ڪڏهن به مضبوط ناهن ٿيندا ۽ سازشن ذريعي ملندڙ اقتدار ڪڏهن به عزت نه ڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته 18 هين ترميم کان پوءِ اختيار صوبن ڏانهن منتقل ٿي چڪا آهن ۽ سنڌ حڪومت جي اختيارن کي عدالت جي ذريعي اڃان وڌيڪ گهٽ ڪرڻ درست ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے