22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ياسمين راشد طرفان اين اي 120 ۾ نادرا مان 29 هزار ووٽرن جي عدم تصديق وارو معاملو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج

لاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اميدوار ياسمين راشد اين اي 120 ۾ نادرا مان 29 هزار ووٽرن جي عدم تصديق وارو قدم لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي، درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اين اي 120 ۾ 29 هزار ووٽر نادرا مان تصديق ٿيل ناهن جنهن جي ڪري ننڍي چونڊ ۾ ڌانڌلي جو خدشو آهي، درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آخري 7 مهينن ۾ نادرا اين اي 120 ۾ رڳو 65 ووٽر رجسٽر ڪيا. عدالت کان درخواست آهي ته اڻ تصديق ٿيل ووٽرن لاءِ الڳ بيلٽ پيپر ڇاپيا وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے