18 جمعرات , جنوری 2018

ٿر ۾ هڪ ڏينهن جي ٺاپر کانپوءِ موت جو رقص وري شروع،وڌيڪ پنج ٻارڙا ۽ ڳورهاري عورت فوت

Thari-Kidٿرپارڪر/مٺي(نمائندن وٽان) ڏڪاري ڏيهھ ٿر تي جاري موت جي رقص تي هڪ ڏينهن ضابطو اچڻ بعد ٻيهر لامارا شروع ٿي ويا آهن، گذريل ڏينهن  وڌيڪ 5 ٻار  ۽ هڪ گورهاري عورت پيٽ ۾ ٻارڙي سميت فوت ٿي ويا آهن، سول اسپتال  مٺي ۾ڳورهاري  عورت 30 ورهين جي سُرهي زال قاسم پيٽ ۾ ٻارڙي سميت فوت ٿي وئي ، 5 ورهين جي ٻارڙي ديدار ولد مشتاق هڪ تازي ڄاول ٻار جي ساھه جو سڳو ٽُٽي پيو ، جڏهن ته  اسلام ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال ۾ 6 مهينن جي ٻارڙي سُميتا ڌي گوتم ميگهواڙ جي فوت  ٿي وئي، ڪلوئي جي ڳوٺ مهرانڊ ۾ 6 مهينن جي ماهيا ڌيءُ ڀوڄو ميگهواڙ  ۽ ڳوٺ پٻڻ ۾ 7 مهينن جي ثناءُ الله ولد جاويد راهمون دم ڏنو، 74 ڏينهن ۾ فوتين جو انگ وڌي 306 ٿي ويو آهي، ٻئي پاسي مٺي جي اسپتال سميت اسلام ڪوٽ، ڏيپلي، ننگرپارڪر، ڇاڇري ۽  ٻين نجي اسپتالن ۾ وڌيڪ 280 بيمار ٻارڙن کي داخل ڪيو آهي جيڪي غذائي کوٽ سميت مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن، ٻئي طرف انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ هيومين رائٽس جو وفد اسلام آباد کان  مٺي پهتو، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کان آگاهي ورتي، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر سوني کنگهاراڻي، پرتاب شيوائي، گلاب راءِ ، تيرٿ جهانگي، زرياب ڪاڪا، ڊاڪٽر سترام روپائي ۽ ٻين  وفد کي آگاهي ڏيندي چيو ته سهولتون صرف شهرن تائين محدود آهن، ٻهراڙين کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو، هنن چيو ته ڳورهارين عورتن ۽ ٻارن جي موت جو ڪارڻ غذائي کوٽ، شعور کان اڻ ڄاڻائي ۽ سهولتن جي کوٽ آهي، ان موقعي تي جسٽس چوهان، انيس هارون ۽ ٻين چيو ته اسان ٻهراڙين سميت سمورن علائقن جو جائزو وٺي رپورٽ وزير اعظم، قومي اسيمبلي ۽ ايوان ۾ پيش ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رد ٿيل گُڏن کي عوام وري وائکو ڪري ڇڏيو: مريم نواز

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ ۽ ن ليگ اڳواڻ مريم نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے