21 جمعو , سيپٽمبر 2018

عوامي آواز نيوز |اٺن ورهين کانپوءِ پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جا در ٻيهر کلي ويا

اٺن ورهين کانپوءِ پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جا در ٻيهر کلي ويا آهن، ورلڊ اليون ۽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ پهرين ميچ اڄ ٿي رهي آهي. اڄ شام ستين وڳي قذافي اسٽيڊيم لاهور جي هٿرادو روشنين ۾ ميچ شروع ٿيڻ جو شدت سان انتظار ڪيو پيو وڃي.  ٽڪيٽون حاصل ڪندڙ خوشنصيب هجن يا وري گهر ۾ ويهي مقابلو ڏسڻ تي مجبور ماڻهو، سڄي ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن سميت سڄي دنيا جي شوقينن جون نظرون آزادي ڪپ جي پهرين ميچ تي آهن.  ستن ملڪن جي ڪرڪيٽرن تي ٻڌل ورلڊ اليون جي آمد تي خوش شوقينن جو چوڻ آهي ته سريلنڪن ٽيم تي دهشتگرد حملي سبب ويران ٿيل ميدان ٻيهر آباد ٿيندي ڏسڻ خوشگوار تجربو هوندو. هن چيو ته ڪرڪيٽ سندن جنون آهي، وڏي تعداد ۾ اسٽيڊيم پهچي دنيا کي امن ۽ محبت جو پيغام ڏنو ويندو….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Daharki: Tribute to Martyrs of Karbala

نيوز: ڏهرڪي: مجلسن ۽ عزاداري جو سلسلو جاري

*ڏھرڪي ۾ حسيني امام بارگاہ مان ماتمي جلوس برآمد ٿيو جيڪو سخت سڪيورٽي هيٺ پنهنجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے