15 اربع , آگسٽ 2018

ڇا ورلڊ اليون جو دورو پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جا دَر کوليندو…؟

شاهه رخ سنديلو

پاڪستان ۾ آئي ڏينهن ڪرڪيٽ سان چاهه رکندڙن لاءِ هڪ نئين خوش خبري سامهون اچي رهي آهي، اڳ ۾ پي ايس ايل جي ٻئي ايڊيشن جو فائنل لاهور ۾ ٿيو، جنهن ۾ دنيا جي ڪجهه ناليوارن ڪرڪيٽرن شرڪت ڪري ايونٽ جي پڄاڻي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي ويران ميدان کي آباد ڏسڻ لاءِ هزارن جي انگ ۾ شوقينن لاهور جو رُخ ڪري ثابت ڪيو ته پاڪستاني عوام ڪرڪيٽ سان ڪيتري دلچپسي رکي ٿو. ان کانپوءِ پاڪستاني ٽيم جيڪا لڳ ڀڳ 8 سالن کان پنهنجي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ کان محروم آهي، مني ورلڊ ڪپ جي نالي سان مشهور آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڪاميابي ماڻي ٽائيٽل کٽڻ جو اعزاز پنهنجي ڪيو، جنهن کانپوءِ پاڪستاني شوقينن جي خوشي جو ڪو ٺڪاڻو ئي نه هو ۽ ائين ڇو نه هجي، قومي ٽيم ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ فيوريٽ ٽيم ميزبان انگلينڊ کي آئوٽ ڪلاس ڪيو، پوءِ فائنل ۾ روايتي مخالف ڀارتي ٽيم کي عبرتناڪ شڪست ڏئي ثابت ڪيو ته پلاند پراڻا ناهن ٿيندا.

پاڪستاني قوم ان خوشي مان نڪتي ئي نه هئي ته آءِ سي سي حفاظتي انتظامن تي اعتماد ڪندي ورلڊ اليون کي پاڪستان موڪلڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن خبر پاڪستاني شوقينن جي چهرن تي مُرڪون ٻيڻيون ڪري ڇڏيون آهن. پاڪستان خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ اعلانيل ورلڊ اليون جي ٽيم ۾ ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان فاف ڊوپليسي، جيڪو ورلڊ اليون جي به ڪپتاني ڪندو، هاشم آملا، جارج بيلي، پال ڪولنگ ووڊ، بين ڪٽنگ، گرانٽ ايليٽ، تميم اقبال، ڊيوڊ ملر، ٽم پين، ٿسارا پريرا، ڊيرن سيمي، سميوئل بدري، مورني مورڪل ۽ عمران طاهر جهڙا رانديگر شامل آهن. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 12، 13 ۽ 15 سيپٽمبر تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ مقابلا ٿيندا، جنهن لاءِ فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن، جنهن جو ڪريڊٽ پي سي بي کي ويندو، حڪومت کي يا فوج کي، اهو هڪ الڳ بحث آهي.

بهرحال ورلڊ اليون کانپوءِ سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم به پاڪستان اچڻ جو اعلان ڪيو آهي، هيءَ اها ئي ٽيم آهي، جنهن تي 2009ع ۾ لاهور ۾ دهشتگردن حملو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ عالمي جا ڪرڪيٽ جا دَر بند ٿي ويا، جڏهن ته ورلڊ اليون جي ڪامياب دوري جي صورت ۾ ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ بورڊ به پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪلڻ لاءِ راضپو ڏيکاريو آهي. مطلب ورلڊ اليون جي ڪامياب دوري کانپوءِ ٻه عالمي ٽيمون پاڪستان جو دورو ڪنديون، پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته ورلڊ اليون جو دورو پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جا دَر کوليندو؟ پر ائين ٿيو به عالمي ٽيمون رڳو لاهور ۾ ئي اچي کيڏڻ لاءِ راضپو ڏيکاري رهيون آهن؟ هن وقت تائين ڪنهن به ٽيم ڪراچي يا ٻئي ڪنهن شهر ۾ کيڏڻ لاءِ راضپو ناهي ڏيکاريو؟ جيڪڏهن پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جا دَر کلي وڃن ته ڇا ٽيمون رڳو لاهور ۾ ئي ميچون کيڏنديون؟ پاڪستاني حڪومت ۽ پي سي بي کي گهرجي ها ته ورلڊ اليون جي دوري دوران ڪجهه ميچون ٻين شهرن ۾ به ڪرائن ها.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے