17 بدھ , جنوری 2018

گلن کي سزا

عبد ماڃوٺي

چوهڙ جمالي ضلعي سجاول جي اڀرندڙ پرپختي شاعر مانواري راجا کٽيءَ جو پهريون شعري مجموعو گلن کي سزا ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي، جيڪو خوبصورت ٽائيٽل، رنگين پڪي جلد  عمدي  ڇپائي ۽ سٺي پني سان    -208 صفحن تي مشتمل آهي.  بئيڪ ٽائيٽل تي راجا جي تصوير سان گڏ مشهور ناٽڪ نويس محترم عبدالقادر جوڻيجي جو مختصر تعريفي نوٽ، جنهن  ۾ هن راجا کي (Ever green/ سدا بهار شاعر) سڏيو آهي، ٻيو ڀلوڙ رايو سندس دوست علي حسن خاصخيليءَ صاحب  جو ڏنل آهي. مجموعي جو انتساب شاعر پنهنجي والدين ۽ زندگي ۾ آيل انهن  لاهن چاڙهن نانءُ  ڪيو آهي، جن کيس شاعر بنيايو آهي.

هي مجموعو عقيق پبليڪشن چوهڙ جمالي طرفان ڇپايل آهي ۽ ان جي قيمت ٻه سئو رپيا آهي. مجموعي ۾ اٽڪل 110 غزل ۽  30 کن نظم  آهن. جڏهن ته 40 کن صفحن تي مشتمل مختلف علمي ادبي مانوارين شخصيتن جا  رايا / تبصرا آهن.

جهڙوڪ ذاڪر حسين کٽي، مٺل جسڪاڻي آغا  جان آغا، غلام علي لاکاٽيو محبوب  درس ۽ خود شاعر پاران ڪيل دل جي ڳالهه مهاڳ ، سنڌ جي مشهور شاعر سائين غلام حسين ، زنگيز لکيو آهي، عوامي شاعر مجھبوب درس جي رايئي شر ۽  نظر جي ٻٽو مزو ڏنو ،

جن سچ ته واهه جو دوستي جو حق ادا ڪيو آهي، البته اداري پاران لکيل پبلشر جي نوٽ ۾ ڪيل هڪ ڳالهه سان آءُ  سهمت ناهيان ؟ لکي ٿو سنڌي شاعرن دنيا اندر وڏو نالو ڪمايو  آهي. پر لاڙ جي شاعرن کان سواءِ، سنڌي شاعري ڪجهه ڪونهي، لاڙ سنڌي شاعري کي تمام وڏا نالا ڏنا آهن ۽ موجوده دور ۾ به لاڙ جي شاعرن خوب نڀايو آهي..!!؟

پهرئين ڳالهه ته آءُ اهڙي ڪنهن تعريف جي حق ۾ ئي ناهيان ، اهو لاڙو اڳتي سگهارو ٿيو ته نه رڳو سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو پر قومي وحدت کي به سخت ڇيهو رسندو! البته ان ڳالهه ۾ڪو  وڌاءُ ناهي ته لاڙ جي شاعرن وٽ زوربياني رواني، لفظن جي چونڊ  جڙاءُ توڙي ٻوليءَ  جي رس چس، قلبي واردات جو تفصيلي نڀاءُ ۽ ان جي اپٽار جي ڳڻ جا مثال  وڻندڙ ۽ عام لڀن ٿا ته فني طور تي به وڏا پختا شاعر، پيدا ٿيل آهن. پرهتي انتهائي معضرت سان صرف چند نالن تي ئي اڪتفا ڪندي ته شيخ اياز، استاد بخاري، تنوير عباسي، مير محمد پيرزادو، خيرپور جا اڪثر شاعر، ادل سومرو اياز گل ۽ ٻيا ڪيئي ڳڻڻ جوڳا شاعر ناهن يا انهن جي شاعري ڪجهه ڪونهي، جي ڪَن ۾ ڦٽي ڪجي، ؟  بلڪ آءُ ايئن چوندس ته انهن وٽ جدت ۽  شعر جي جيڪا نغمگي آهي، ان تي لاڙ جي شاعر نمان ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترائي شاعر رسي سگهيا آهن؟  سائين رنگريز ذاڪر حسين کٽي ۽ محبوب درس، راجا جي شاعريءَ تي منهنجي صحبت ۽ ٻين شاعرن  جي  اثر جي ڳالهه ڪئي آهي. جڏهن ته حقيقت هيءَ آهي ته آءُ  گهڻو ڪراچيءَ ۾  رهان ٿو ۽ محض علم و ادب جي شاگرد جي حيثيت سان وس ۽ وت آهر سندس پڇڻ تي پنهن  جي علمي عام لياقت موجب کيس ٿورو   ٿڪو سيندو رهان ٿو، پوءِ به جيڪڏهن  راجا مون کي استاد سڏي ٿو ته ”راءِ کي وڻي ساراڻي تنهن کي  ڪير چئي ڪاڻي“ اسو مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ واري ڪار آهي. پر انصاف جي ڳالهه  هيءَ آهي ته ان جو استاد مانوارو غلام علي لاکاٽيوئي آهي. جنهن کيس علم عروض جو هُنر سيکاريو ۽ ان جي  هو دعويٰ به ڪري ٿو  ۽  راجا به ڀير تي ڏونڪي جيان اها ڳالهه مڃي ٿو. هي به سچ آهي ته علي حسن صاحب جي دائمي صحبت ترت ۽ معياري تنقيد راجا کي ويتر اجاري  اڇو ڪيو آهي. جيستائين ڪنهن کان متاثر ٿين جو تعلق آهي ته اهو مون به شدت سان محسوس ڪيو آهي. پر اها ڪا عيب  جوڳي ڳالهه ناهي.

ڳهڻي ڀاڱي هر لکندڙ پنهنجي پيشرو /  همعصر ڏات ڌڻيءَ کان سڌي اڻ سڌي طرح متاثر ٿيندو آهي، من پسند يا وقتي طور تي متاثر  ڪندڙ جملا /  شعر تحت الشعور ۾ وڃي  پناهه وٺندا آهن، پوءِ لکندڙ جڏهن ڪنهن موضوع تي قلم کڻندو آهي ته آهي سندس  سوچ جي پلاند ۾ هٿ وجهي  پير ماري، پويان پويان ڪنهن ابهم  ٻار جيئن هلڻ لڳندا آهن پر لکندڙ کي ان  جي ڪل  ڪانه پوندي آهي. اسان  جو مهان شاعر  شيخ اياز  پنهنجي هڪ مضمون (روزنامه برسات 4- آگسٽ 1996ع ۾ اهڙو اعتراف ڪندي لکي ٿو مون  لورڪاٽيهر پئي پڙهيو ته مون کي لڳو چنڊ ٻٽيهه ڪاج جي لورڪا جي سٽ (moon has warytesth) تان منهنجي تحت الشعور ترجمو ڪئي آهي، اهڙي ڏس ۾ اڳتي لکي ٿو ، اهڙو غير شعوري ترجمو فيض ۾ به ملي ٿو. جيئن ته داغ داغ  اجالايه  شب گزيده سحر ! ٽي ايس ايليٽ جي  سٽ (night bihen moon) تان ورتل آهي، اسان جي صوفي شاعرن جي ڪلام ۾ اهڙا بي حساب ۽ حيران ڪندڙ حد تائين مثال ملن ٿا. ڏسو، فقط ٻه مثال

” مون پور بي نه پڇيا جوڳي چاڙ ڪري

سڌيون سندي سڄين، هيون جن ڳري

هيون جن ڳري سنڌيون سنڌي سڄڻن!

” تتي ڪوسي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي!“ (شاهه عنايت)

” تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي !“  (لطيف سائين )

مجموعي طرح نثري راين  ۾ دوستن راجا جي شاعري جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ سندس فني ۽ فڪري خوبين تي به  لکيو آهي، مون مٿي عرض ڪيو آهي ته راجا پختو شاعر آهي، هن وٽ شاعريءَ  جون مڙوئي  گهرجون موجود آهن، پر هو مون کي غزلن کان وڌيڪ نظمن ۾ وڻيو.

اسان اهو ڀلي ڀت ڄاڻو ٿا، ته غزل بنيادي طرح ايران کان آيل صنف آهي، جيڪا ان  وقت ايران ۾ نه فقط عام پر مقبول  صنف، قصيدي مان  ورتي ويئي آهي، ( جيئن اسان وٽ  بيت، ڪافي ۽ وائي عام مقبول آهن) غزل جي خالق يا مئوجد وودڪي قصيدي مان اهڙا منظوم بند ڪڍي يڪجا ڪيا، جن ۾ شاعرن پاران عشق و محبت جون ڳالهيون ڪيل هيون ۽  جن کي تشبيب چئبو هو. پوءِ اهڙن بندن کي اڳتي هلي باقاعدي غزل جي صورت ڏني  ويئي ته ان ۾ لاڳاپيل ايراني ماحول جي عڪاسي به ڪئي وئي! سو غزل اسان وٽ مختلف  مرحلا طئي ڪندو هاڻوڪو روپ اختيار ڪري، بنهه خالص  سنڌي  صنف ٿي پئي آهي.

غزل لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته  سنڌيءَ ۾ غزل جو مئوجد خليفو گل محمد آهي.! جيڪا ڳالهه درست ناهي ! بلڪ ان کان اڳئي سچل سائين جي زماني ۾سنڌي شعري خزاني ۾ غزل  جو اضافو ٿي چڪو هو. البته اهو فني  طور تي ڪمزور هو. ! ؟  (ڏسو تنقيد ۽ تنقيد نگاري، احسان بدوي

غزل جي نزاڪت ۽ خصوصيت سبب ان ۾ تفصيل سان قلبي روئدا دبيان ڪرڻ مشڪل ڪم آهي. جڳ مشهور حضرت غالب جهڙو شاعر به ان لاءِ  ” دامن جي تنگي جو ڏک روئيندو رهيو. !راجا جي شاعري ۾ اڪثر وڻندڙ تز ۽ گهڻيون نيون تشيهون ملن ٿيون، ائين علامتن  ۽ اشتعارن جي به سهڻي سٽاءَ  نظر اچي ٿي. شاعري ۾ اهڙين نشانين جي اهميت سمجهائيندي مشهور شاعر سائين تنوير عباسي لکي ٿو“

تشبيهون ، علامتون، اشتعارا، اهڃاڻ عڪس ۽ اولڙا محڪات اهي  سموريون شيون پنهنجي پنهنجي موضوءَ  ۽ معنيٰ  ۾ الڳ وصف رکن ٿيون پر انهن مان ڪجهه  ياڪي جيڪڏهين شاعريءَ  ۾ موجود آهن ته انهن جو مطلب هڪڙوئي آهي ته شاعر جي  خيال ۾ ڪنهن جي تخيل کي جيئن جو تيئن  ساڳي شدت سان وڻندڙ ڏانءُ ۽ ڀرپور تاثر سان هو بهو اصل جيان /  يا بلڪل اصل جهڙي ئي روپ ۾ پنهنجي پڙهندڙ يا ٻڌنڌڙ  آڏو پيش ڪرڻ سادن لفظن ۾ ته مٿي  ڏنل تمام نشانيون شاعر جي ڪلام کي وڻندڙ، سگهارو ۽ اصل  جيان پسائڻ ، ٻڌائڻ يا محسوس ڪرائڻ جو ڪم ڏينديون آهن، “

شيخ اياز پنهنجي هڪ مهاڳ  ۾ لکي  ٿو ته شاعريءَ  ۾ تشبيهن جي قدامت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته قديم زماني ۾ مصر جي هڪڙي شاعر ٿيبان (thaban)  مصر جي فرعونن مان راسيس -2 (1292- 225ق – م تائين)  جي تعريف ۾ ڪجهه شعر لکيا، جيڪي اهرام مصر جي اندر هڪ سخت پٿر تي اڪريل آهن، ٻوڌي ڪتابن، زبور، توريت ۽ قرآن مجيد  ۽ ٻين عالمي ديني ڪتابن ۾ بي  حساب تشبيهون ۽ اشتارا موجود آهن،! (ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان )

جڏهين ته ادب ۾ علامت نگاري جي تحريڪ 19- صدي جي آخر ڌاري فرانس مان شروع ٿي ۽ ان جو مقصد تاثرات کي سڌي  طرح بيان ڪرڻ هو – (ڪتابچو- ويچار- ممتاز مهر )

مٿين خيالن جي روشنيءَ ۾ راجا جي شاعري ۾ تشبيهون علامتون ۽ استعارا ڏسو،

انبن ٻور ڇاڻي وڌو هو ڏسڻ سان

جڏهن ٿي کنيا ڪنهن گهڙا خوبصورت ! (ص 47)  گهڙن کڻڻ جي عمل ۽ جوانيءَ  جي اڀار تي انبن مان ٻورڊ ڇڻڻ  ڪيڏو نه شديد رد عمل آهي، ٿو لڳي تعجب اهو مون کي اڃان

بازڳيرن  جي هٿان جهٽ جي ويا، (س- 52)

بظاهر فطري طور تي ائين ممڪن ناهي، پر شاعر محض هڪ اڻ ٿيڻي کي ٿيندو ڏسي، پنهنجي حيرانگي ظاهر ڪري ٿو !” ڇا کپي مون کي ڀلا  ڇا کپي“. ٻاچتنهنجي جو ڇلو جي ٿرپوان.

هتي راجا جي شاعريءَ تي مون روان تبصرو ڪيو آهي راجا جو سنڌي ادب جو مطالبو نه هئڻ برابر آهي، جڏهين  ته هن اڙدو ۾ ڪجهه ناول ۽ ڪهاڻيون پڙهيون آهن، فراز جي شاعريءَ ۽  محي الدين  نواب جو نثر پڙهيا اٿس، سو سندس ٻولي ۽ املاتي ان جو اثر موجود آهي ته اڻ  لکو هندي جو به اثرو  رتو اٿائين ! پوءِ به هي حيرتناڪ  حقيقت آهي، ته راجا ٻن  سالن جي مختصر عرصي ۾ نه صرف ڀلوڙ شاعر ٿي پيو آهي، پر نثر تهانئين ڀلو لکي ٿو، هن هيستائين 40 کن  ڪهاڻيون ۽ ٻه ناول به لکيا آهن، سندس ڪهاڻيون مختلف  رسالن ۾ ڇپيون آهن، جڏهن ته ناول آخري ڌمال  لکجي چڪو آهي ۽ جلد ئي منظر عام تي ايندو ، ٻيو ناول لکجڻ جي پنڌ ۾ آهي ۽ نالو اٿس پڳ.

مٿي مون انهن مڙن ئي ڳالهين کان پاسو ڪيو آهي، جن تي مانوارن دوستن لکيو آهي اهي مون کان وڌيڪ گهڻ ڄاڻ آهن، سو اها اميد ڪيان ٿو ته جيڪڏهن راجا پڙهڻ ۽ سکڻ سان گڏ لکڻ جي مشق جاري رکندو ته سندس لکيو سراپاسون ٿي ويندو، باقي سونارو ته هو  اڳي ئي آهي. اها به دعا آهي ته سکڻي خوشامد ۽ مڳيءَ  جي مٺي زهر کان هو سدائين محفوظرهي، آخر ۾ اها وضاحت ڪندو ڪندو هلان ته تبصري ۾ اوهان کي ڪجهه اهڙيون ڳالهيون يا انهن جو ورجاءُ کٽڪندو يا بنهه غير ضروري  به لڳندو ؟ جيڪي بنيادي ڄاڻ  ڪري چٽيون پڌريون ۽ عام معلوم آهن، ان لاءِ  عرض آهي ته اهڙن ادبي مضمونن کي صرف عالم ، اديب، نقاد ۽ شاعر ئي نه ٿا پڙهن، پر ادبي ذوق رکندڙ توڙي نوان  سيکڙاٽ اديب ۽ شاعر به پڙهن ٿا، انهن لاءِ بنيادي معلوماتي ڳالهين جو ورجاءُ ، ايڏي ڪا اڻ وڻندڙ يا بي مهل شيءِ  نه ٿو سمجهان، سو مضمون کي ان پس  منظر به  پڙهڻ گهرجي. پوءِ به اواهان جي مصبتر راءِ  ۽ پنهنجي ڪوتاهين جي مفيد اصلاح ۽ تنقيد جي اوهان کان هر وقت اميد  رکان ٿو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير مالها ڀلي من جي…..!!:نوراحمد جنجهي

اڄ کان پنج صديون اڳ هي جهان ڇڏي ويندڙ ڀڳت ڪبيرننڍي کنڊ جو اهڙو وڏو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے