16 اڱارو , جنوري 2018

آمريڪا ۾ نسلي تعصب جو تاريخي پسمنظر

فريد ڀٽو لوئيوِل-  آمريڪا

هيڏي وڏي ۽ اڻ کُٽ ڪائنات ۾ انسان اڪيلو رڳو هڪڙي گولَي تي رهي ٿو جنهن کي اسان ڌرتي ماءُ سڏيون ٿا، اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان انسانن ڌرتي ماءُ سان هزارين هاڃا ڪيا آهن ۽ ڪندا ٿا رهون؛ نه فقط ايترو پر اسان انسانَ ھڪ ٻئي جا به ڄڻ ته ازل کان دشمن رهيا هجون. ڌرتيءَ تي انسان شايد ٿورڙو وقت ئي ڪو امن امان سان رهيو هجي باقي سموري انساني تاريخ جنگين ۽ فسادن سان ڀري پئي آهي. غالبن اهو پٿر جي دور کان به گهڻو پهريون اوائلي اشتراڪي دور هوندو جنهن ۾ انساني قبيلا پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ برابري جي بنياد تي هڪٻئي جي پُهچ کان دور امن ۽ ڀائيڇاري سان رهيا هجن. باقي جيئن جيئن تاريخي طور تي انساني دور اڳتي وڌن ٿا ۽ تهذيبون وجود ۾ اچن ٿيون، تيئن تيئن انسان وڃي ٿو انسان جو دشمن ٿيندو ۽ ڌرتي جي گولي تي  لڳاتار جنگيون ۽ فساد انسان جو مقدر بڻجي وڃن ٿا؛ پوءِ به الائي ڇو اسان انسان کي ڌرتي جي گولي جو واحد تهذيب يافته سماجي جانور سمجهون ۽ چئون ٿا، ايڏو بي تهذيب هوندي به….!!  اسان انسانن پنهنجن پنهنجن گروهي، نسلي، مذهبي ۽ قومي مفادن جي ڪري، صدين کان ٻين انسانن جو نه فقط استحصال ڪيو آهي بلڪِ ڪيترن ئي معصوم انسانن تي ظلم جي انتها ڪندي انهن تي زندگي جا دروازا به بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ پوءِ به پاڻ کي تهذيب يافته سمجهون ۽ چئون ٿا. انساني تاريخ گروهي، نسلي ۽ مذهبي تعصب سان ڀري پئي آهي، اڄ اسين آمريڪا ۾ نسلي تعصب جي تازي لهر ۽ ان جي ڪجهه تاريخي پسمنظر تي نظر وجهون  ٿا.

اُن بي بنياد مفروضي تي اعتبار ڪندي ته رنگ، نسل ۽ عقيدي  جي ڪارڻ ٻيا انسان نيچ ۽ گهٽ آهن يا اسين هنن کان اُتم ۽ اعلى آهيون کي پاڻ نسلي تعصب چئون ٿا.  تاريخي  طور تي جديد آمريڪا ۾ نسلي تعصب هتان جي اصلوڪن رهاڪن ”ريڊ انڊين“ جي خلاف شروع ٿيو جن کي گهڻو تڻو ماري مٽائي تقريبن ختم ڪيو ويو ۽ اڳتي هلي اهو تعصب ڪارن غلامن، يهودين، مسلمانن ۽ ڪجهه ٻين آبادڪارن خلاف شروع ٿيو جيڪو اڃا تائين ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ هلندو اچي. آمريڪا ۾ خاص طور تي ڪاري نسل جي انسانن سان اڇن آمريڪين طرفان ته ظلم جي انتها رهي آهي. ويهين صدي ۾ ڪاري نسل جي باشندن وقت به وقت پاڻ تي ٿيندڙ ظلم خلاف ڇِڙ وِڇڙ آوازُ اُٿاريندا رهيا، هوڏانهن اڇا آمريڪي اُن ڇڙ وڇڙ آواز کي دٻائڻ لاءِ منظم ٿيا ۽ مختلف تنظيمون جوڙيائون.

KKK : ڪو ڪلڪس ڪلين

اڇن آمريڪين جي نسلي برتري ۽ تعصب واري هيءَ تنظيم 1866 ۾ وجود ۾ آئي، جڏهن ريپبلڪن جي ڪجهه چڱن رهنمائن ڪارن غلام آمريڪين لاءِ سياسي ۽ معاشي برابري جي ڳالهه ڪئي. پُلاسڪي شهر، رياست ٽينيسي 1866 ۾ ڪو ڪلڪس ڪلين جو پهريون اجلاس هڪ سماجي تنظيم طور ٿيو ۽ پوءِ هن تنظيم ۾ هزارين اهي رٽايرڊ فوجي به شامل ٿيا جيڪي آمريڪا جي اندروني ”سول وار“ ۾ صدر ابراهيم لنڪن جي وفاقي فوجن خلاف وڙهيا هئا.  آمريڪا جي ڏاکڻي رياستن ۾ هن تحريڪ زور ورتو ۽ 1870 ۾ تقريبن سمورين ڏاکڻي رياستن ۾  ريپبلڪن پارٽي خلاف اڇن آمريڪين جي وڏي مضاحمتي قوت ٿي اُڀري. هڪ انتهائي دلچسپ تاريخي حقيقت ٻڌائيندو هلان ته ان مضاحمتي تحريڪ جي اڇن آمريڪين ڊيموڪرٽڪ پارٽي جي حمايت ڪري کين کٽرايو ۽ تڏهن ڊيموڪرٽڪ پارٽي اڇن بنياد پرست ۽ تعصبي آمريڪين جي پارٽي هئي ۽ اڄ جي دور ۾ ڊيموڪرٽڪ پارٽي هڪ روشن ۽ آزاد خيال پارٽي ڄاتي ۽ سڃاتي وڃي ٿي. انهن جي اقتدار ۾ اچڻ بعد KKK تحريڪ جهڙو ڪر ختم ٿي ويئي. ويهين صدي جي شروعات ۾ پروٽيسٽنٽ عيسائين KKK کي ٻيهر جيئاريندي ڪيٿولڪ عيسائين، يهودين، ڌارين آبادڪارن ۽ ڪارن خلاف منظم ٿي تمام وڏيون ريليون ڪڍيون ۽ انهن خلاف نفرت آميز تحريڪ هلائي. 1920 واري ڏهاڪي ۾ هن تنظيم جي عروج دوارن سندس ميمبرن جو تعداد وڃي چاليهه لکن تي پهتو هو. 1960 ڌاري وري KKK تنظيم ۾ اڀار آيو جڏهن آدرشي انسان ڊاڪٽر مارٽن لوٿر ڪنگ ڪارن جي شهري ۽ انساني حقن لاءِ ڀرپور تحريڪ هلائي. ان دوارن KKK جي ميمبرن ڪارن جي چرچن، اسڪولن ۽ جلسن جلوسن تي ڪيئي ڀيرا بمن سان حملا ڪيا ۽ باهيون ڏنيون. هن تنظيم جي انتها پسند ميمبرن نه فقط ڪارن باشندن کي پنهنجي غضب جو نشانو بڻايو پر انهن اڇن آمريڪين کي به موت جي ننڊ سمهاريو جن انساني حقن ۽ برابري جي ڳالهه پئي ڪئي. صدر لِنڊن جانسن 1965 ۾ هن تنظيم جي کليل لفظن ۾ مزمت ڪئي ۽ تنظيم جي ڪيترن ئي ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو.

نيو نازي ٽولا

يهودين سان ظلم ۽ بربريت رڳو جرمني جي فسطائي حڪمران اڊولف هٽلر ڪونه ڪيو، هنن ويچارن سان مذهبي عقيدي جي بنياد تي اڃا تائين تقريبن سموري دنيا ۾ تعصبي رويو روا رکيو ٿو وڃي. ڀلا اهو ڀي ڪو انسان جي هٿ وس آهي ته ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪنهن جي گهر ۾ پيدا ٿجي!؟  يهودي آمريڪا ۾ هجي يا يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ هنن سان مذهب جي بنياد تي تعصب ٿيندو پيو اچي، ۽ مان مسلمان ملڪن جي ته ڳالهه ئي ڪونه ٿو ڪريان جو هتي يهودي ته ڇڏيو مسلمانن جو هڪ فرقو ٻئي فرقي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته يهودي يا غير مسلم سان ڇا حالت هوندي!

سو آمريڪا ۾ به يهودين خلاف تعصبي گروهه موجود آهن ۽ چيو ٿو وڃي ته هتي اهڙا 99 گروه متحرڪ آهن جيڪي يهودين خلاف مذهب ۽ عقيدي جي بنياد تي نفرت ۽  نسلي تعصب پکيڙين ٿا، ۽ اهڙن گروهن جي اڪثريت صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي حمايت ڪري ٿي ۽ کيس پنهنجو رهنما سمجهي ٿي. مجموعي طور تي آمريڪي سماج ۾ ڪنهن انسان کان نفرت کي سٺو نه ٿو سمجهيو وڃي، تنهنڪري اهي نيو نازي ٽولا کلي عام ڪم ڪونه ٿا ڪن ۽ هنن کي وڏي پئماني تي پٺڀرائي ۽ حمايت حاصل ناهي ٿي سگهي.

سفيد فام برتري (white supremacy)

هيءَ ڪا منظم پارٽي يا گروهه ناهي، بلڪِ هي اصطلاح گڏيل طور تي انهن سڀني جن ۾ KKK، انتها پسند ساڄي ڌر  ۽ نيو نازي ٽولا اچي وڃن ٿا جيڪي آمريڪا جي سفيد فام آبادي کي ٻين هجرت ڪري آيل باشندن کان برتر سمجهن ٿا ۽ آمريڪا تي سفيد فام آبادي جي حڪمراني چاهين ٿا ۽ تنهن لاءِ ڪڏهن وڌ ڪڏهن گهٽ جدوجهد ڪن ٿا. اڄڪلهه، آمريڪا ۾ اهڙن ٽولن جو آواز، جلسا ۽ جلوس وڌنڌي نظر اچن ٿا جو هنن کي صدر ٽرمپ جهڙو غير سياسي ۽  چالاڪ واپاري پنهنجي رهنما طور ملي ويو آهي.

سفيد فام بنياد پرست

ريپبلڪن پارٽي جو ابراهيم لنڪن 1860 ۾ آمريڪا جو صدر چونڊيو ويو. صدر لنڪن جيئن ته غلامن رکڻ جي خلاف هو، تنهنڪري ستن ڏاکڻي رياستن آمريڪا (Union) کان عليحدگي اختيار ڪري پنهنجو نئون اتحاد Confederate States of America جي نالي سان جوڙيو. هن اتحاد ۾ هيٺيون ست رياستون شامل ٿيون:

  1. الاباما
  2. فلوريڊا
  3. مسيسپي
  4. جارجيا
  5. لُئيزيانا
  6. ٽيڪساس
  7. ڏکڻ ڪيرولائينا
  8. هنن رياسن جي علحدهه ٿيڻ جا ٽي سبب هئا:
  9. غلامن کي جائز طور رکڻ
  10. رياستن جا حق
  11. سفيد فام باشندن لاءِ سياسي آزادي

غلامن رکڻ جي مسئلي تي سالن جي رساڪشي ۽ ڪجهه ڳرن محصولن جي اطلاق کانپوءِ آخر يونين ۽ ڪنفيڊريٽ وچ ۾ جنگ لڳي. جيئن ئي اپريل 12، 1861 تي جنگ ڇڙي ته چار هيٺيون رياستون به عليحدگي اختيار ڪري ڪنفيڊريٽ رياستن سان  وڃي شامل ٿيون.

  1. آرڪنساس
  2. ورجينيا
  3. اتر ڪيرولائينا
  4. ٽينيسي

آمريڪا جي ان شهري يا مقامي جنگ ۾ اٽڪل ڇهه کان ست لک ماڻهو مئا ۽ ان کان علاوه لکين زخمي ٿيا، هيءَ جنگ چار سال هلي ۽ نيٺ 9 اپريل 1865 تي ڪنفيڊريٽ فوج جي جنرل رابرٽ لي آڻ مڃي پيش پيو ۽ صدر ابراهيم لنڪن جي فوجن هي جنگ کٽي ورتي.

اُهي سڀ ڏاکڻيون رياستون، 1870 تائين واپس آمريڪا ۾ شامل ٿينديون ويون. هاڻي عجيب ۽ دلچسپ صورتحال اها آهي ته انهن ڏاکڻي رياستن جي ڪيترن ئي شهرن ۾ انهن ڪنفيڊريٽ جنرلن جا مجسما ٺهيل آهن جن آمريڪا سان جنگ جوٽي ۽ لکين ماڻهن کي موت جي منهن ۾ ڏنو. نه فقط ايترو پر ڪيترن ئي ٻهراڙين جي سفيد فام ماڻهن جي گهرن اڳيان ڪنفيڊريٽ جهنڊا لڳل آهن. دراصل اهي نسل پرست سفيد فام ماڻهو انهن مجسمن ۽ جهنڊن کي پنهنجي برتري جي نشاني سمجهن ٿا ۽ ان جي تشهير ڪن ٿا. اهڙي طرح انهن ڄڻ نيو ڪنفيڊريٽ گروهه جوڙي ورتو هجي.

هينئر ذڪر ٿا ڪريون تازي صورتحال جو جنهن صدر ٽرمپ کي سندس صدارتي عرصي دوران پهريون ڀيرو تمام وڏو جهٽڪو رسايو آهي، شايد هُن ۽ سندس ٽيم خلاف صدارتي چونڊن ۾  روسي مداخلت واري هلندڙ جانچ به کين ايترو پريشان نه ڪيو هوندو ۽ هن جي حمايت ۾ ايتري ڪمي نه آئي جيتري هن ڀيري هڪ واقعي بعد سندس ڏنل بي تُڪي بيان سبب ٿي آهي. چوندا هن رب رُسي مت کسي، خير هي همراه ته هو ئي اهڙو…!!

رياست ورجينيا جي شهر شارلاٽسوِل جي انتظاميه شهر ۾ لڳل ڪنفيڊريٽ فوج جي جنرل رابرٽ لي جو مجسمو هٽائڻ جو فيصلو ڪيو هو. ڇنڇر 12 آگسٽ تي ان فيصلي خلاف سفيد فام بنياد پرست ۽ نسلي تعصب رکندڙن هڪ ريلي جو سڏ ڏنو ۽ پنهنجا ماڻهو گڏ ڪيا. ياد رهي ته هي ساڳيو رابرٽ لي آهي جيڪو صدر ابراهيم لنڪن جي فوج خلاف ڪنفيڊريٽ فوج جو جنرل هو.  هوڏانهن روشن خيال آمريڪين به هڪ پر امن ريلي جو اهتمام ڪيو. سفيد فام بنياد پرست ۽ نسلي تعصب رکندڙن هن پر امن ريلي جي ويجهو ايندي ئي هنن خلاف نعرا هنيا ۽ هنن کي روڪڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي جنهن بعد ٻنهي ٽولن ۾ ڇتي ويڙهه شروع ٿي ويئي. امن پسند ريلي تي هڪ تيز رفتار ڪار ذريعي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ 32 سالن جي حيدر هاير فوت ٿي ويئي. ڪار ذريعي حملو ڪندڙ 20 سالن جو جيمس فيلڊس سفيد فام بنياد پرست ۽ نسلي تعصب رکندڙ هو جنهن کي موقعي تي گرفتار ڪيو ويو. هن واقعي پوري آمريڪي قوم کي ڌوڏي ڇڏيو، سوني تي سهاڳو تڏهن ٿيو جڏهن صدر ڊونالڊ ٽرمپ ٻرنديءَ کي تيلي ڏيندي پنهنجي بيان ۾ هن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته ٻنهي ٽولن ۾ نفرت ۽ تعصب رڪندڙ ماڻهن سبب هي واقعو پيش آيو ۽ صدر ٽرمپ ڪنهن هڪ ٽولي کي ذميوار قرار نه ڏيندي ڪنهن هڪ ٽولي کي نندڻ کان انڪار ڪيو. آمريڪا جي ويجهي تاريخ ۾ ڪنهن صدر طرفان اهڙو رويو نظر ناهي آيو جنهن سبب ٻنهي پارٽين، ريپبلڪن توڙي ڊيموڪريٽڪ جي صفن ۾ بيچيني وڌي ويئي؛ قومي ٻڌي، امن، ڀائيچاري ۽ اخلاقي قدرن کي وساري صدر ٽرمپ غير سنجيده بيان ڏيندي پنهنجي بنياد پرست ووٽرن کي راضي رکڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي هر طرف کان مذمت ڪئي ويئي. عوام، ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن طرفان صدر ۽ وائيٽ هائوس تي ايڏو ته زور بار وڌي ويو جو ٻن ڏهارن بعد سومر تي صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي ٻيهر بيان ڏيڻو پيو جنهن ۾ هن سفيد فام نسل پرستن ۽ تعصبين KKK ۽ نيو نازين جي کليل لفظن ۾ مذمت ڪئي. اڱاري ڏينهن ٽيهر بيان ڏيندي صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي پهرين موقف تي موٽي آيو ۽ ٻنهي گروهن کي فساد جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته ٻنهي گروهن ۾ تمام سٺا ماڻهو موجود آهن، نيو نازي ٽولي ۾، سفيد فامن ۾ به ڪجهه سٺا ماڻهو موجود آهن ته هوڏانهن کاٻي ڌر وارن ۾ به ڪجهه سٺا ماڻهو موجود آهن. مختصرن اهو ته صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۾ اها همت ئي ڪونهي تو غلط کي غلط چئي، بري کي برو چئي. ڇاڪاڻ ته اهي بنياد پرست، نسل پرست ۽ سفيد فام تعصبي هن جا کليل حمايتي ۽ ووٽر آهن تنهنڪري هو اها همت ئي نٿو ساري ته ڪنهن به سبب ڪري ڪٿي به هنن جي ڪا مخالفت ڪري پنهنجو رهنما وارو ڪردار ادا ڪندي آمريڪي قوم جي اعلى قدرن کي اڳتي وڌائي؛ نتيجي ۾ آمريڪا وڃي پيو ساڄي ۽ کاٻي ڌر؛ انتها پسند ۽ اعتدال پسندن جي ٽولن ۾ ورهائبو.

آمريڪا جي وڏن شهرن ۾ جتي روزگار جا موقعا وڌيڪ ميسر آهن ۽ ٻهراري جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خوشحالي آهي، تنهڪري انهن وڏن شهرن ۾ تنگ نظري، بنياد پرستي سفيد فام انتها پسندي گهٽ آهي. اميد ڪري سگهجي ٿي ته جڏهن انهن ٻهراڙي جي علائقن مان بيروزگاري ۽ غربت گهٽبي ته اهڙي قسم جا نفي نظريا ۽ منفي رويا به پنهنجي موت پاڻ مري ويندا؛ پر تاريخي طور تي ڳالهه اها ڳڻبي ته ان ڏکي دور ۾ عوام طرفان چونڊيل رهنما صدر ڊونالڊ ٽرمپ ڪهڙا ڪارائتا فيصلا ڪيا جن سبب انساني سماجي و تهذيبي ترقي،  امن امان، قومي ٻڌي، ڀائيچاري ۽  برابري ۾ اظافو آيو ۽ هُن هڪ ذميوار رهنما ۽ اعلى قدرن وارو ڪردار ادا ڪيو؛ جيڪو اڃا تائين ته نظر ڪونه ٿو اچي.

fareedbhutto@yahoo.com

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير مالها ڀلي من جي…..!!:نوراحمد جنجهي

اڄ کان پنج صديون اڳ هي جهان ڇڏي ويندڙ ڀڳت ڪبيرننڍي کنڊ جو اهڙو وڏو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے