18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

انڊس ڊيلٽا ۽ مينگروو ايڪو سسٽم

مشتاق باگاڻي

گذريل مضمونن ۾ آئون ٺٽي  ضلعي جي سماجي زندگيءَ  جون جهلڪيون پيش ڪندو رهيو آهيان، اڄ جاگرافيائي لحاظ کان شاهوڪار هن خطي بابت ڪجهه وڌيڪ مطالعو   ڪنداسين. سنڌو ندي لکن سالن کان پاڻ سان جيڪو لَٽُ  کڻي اچي  سمونڊ ۾ ڇوڙ ڪندي رهي، ان سان هڪ بهترين دوآبو  ٺهندو ويو. ان کي انڊس ڊيلٽا  سڏيو ويندو آهي.

جيئن ته هي انگريزي لفظ هاڻي پوري پاڪستان  ۾ مروج ۽ عام فهم ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري هن کي پاڻ اڳتي انڊس ڊيلٽا جي نالي سان ئي سڏينداسين.

لياري ندي کان سير ڪريڪ تائين انڊس ڊيلٽا جي ڊيگهه  356 ڪلوميٽر ۽ ويڪر پنجاهه ميل کن آهي. ڪهاڙي يا هٿ واري پکي جي ڊول (shape) وارو پاڪستان جو بي بها سرمايو سنڌ صوبي جي سونهن، دنيا ۾ يڪتا (linique) ۽ خوبصورت ترين، هي ڊيلٽا نهايت ئي اهميت جو حامل آهي، انڊس ڊيلٽا ۾ 17 وڏيون کاريون (frelis)۽ سوين ننڊيون کاريون يا درياهه  (criels) موجود آهن،انهن تي تفصلي  مضمون ڪنهن ٻئي ڀيري لکبو.

آڪٽوبر 1922ع ۾ٻه انگريز آفيسر مسٽر ميڪئنن (me cann) ۽ فادر بليٽر ( father blatter) انڊس ڊيلٽا گهمڻ آيا. هنن ان دور جي ڊيلٽا جي جيڪا لوڪيشن لکي آهي، ساهن طرح آهي، ڪراچي  اوڀر جي گهارو ڪريڪ کان سڌي لائين ٺٽي ڏانهن وڃي، سنڌونديءَ جي ٻئي پار کان ٿيندي، حيدرآباد ڏانهن وڃي ٿي، ڊيلٽا ان جي اولهه  ڏکڻ ۾آهي، ويندي عربي سمنڊ تائين، ڏکڻ اوڀر ۾ ڪوري ڪريڪ ۽ اوڀر ۾ ڪڇ جو رڻ اٿس. هو وڌيڪ لکن ٿا ته  انڊس ڊيلٽا، 43، 24  and 35 ، 23 اتر لئٽيٽيوٽ  ۽ 48، 68 and 14، 67 اوڀر لانگيٽيوٽ  جي وچ تي بيهي ٿو. ٺٽو هاڻ ڊيلٽا کان ٻاهر آهي، گذريل دور ۾ سنڌو نديءَ جي هڪ ڇاڙهه شهر جي اولهه پاسي کان وهي وڃي گهارو ڪريڪ ۾ ڇوڙ ٿي ڪيو. اڄ کان اٽڪل 140 سال اڳ اها لٽجي وئي ۽ هاڻ اها نشاني يا علامتي طور ڪاري ڪئنال جي صورت ۾ باقي آهي.

سنڌ ونديءَ جي هڪ ٻي ڇاڙهه بگها درياهه جي نالي سان پڻ وهندي هئي، جيڪا علامتي طور بگهاڙ ڪئنال جي صورت ۾ اڃان به موجود آهي. اصولي طور اسين ڊيلٽا جو سرو (head) ڪوٽڙي الهه رکيو شاهه کان چند ميل هيٺ مقرر ڪري سگهون ٿا، جتي سنڌو  ندي ٻن ڇاڙهن ۾ تبديل ٿئي ٿي. يعني اوچتو ڪريڪ (حجامڙو) ۽  حيدري ڪريڪ (کيديواري) جنهن کي هاڻ مٽڻي سڏيو ويندو آهي. هن جاءِ کان حجاڙو نار  40 ميلن کان ڪجهه گهٽ ٿيندو. هن وچ ۾ درياهه جي ننڍين چاڙهن کان علاوه ڪيتريون ئي نارون ۽ کاريون موجود آهن.

انڊس 000، 600  هيڪٽرز تي مشتمل آهي، جنهن جو 27 سيڪڙو پاڻي ۾ آهي. راجپوتانا کان سمنڊ تائين ڏکڻ ۽  ڏکڻ اوڀرواري پاسي ڪڇ جو خوبصروت رڻ پٽ آهي، مون سون جي موسم ۾ هي علائقو سال جا ڳچ مهينا پاڻي هيٺ هوندو آهي. جيڪو سڪڻ کانپوءِ لوڻ ٺهي ويندو آهي. ايڇ ٽي سورلي سنڌ گزيٽئر ۾ هن علائقي جو نهايت ئي خوبصورت  نقشو چٽيو آهي. هتي ڌٻڻيون به گهڻيون آهن.چند ٻيٽارين تي اوٺي ۾پٺيءَ ۽ اچي پيٽ وارا چنڪارا غزال (هرڻ) ۽ جهنگلي گڏهه نظر ايندا جيڪي  بنان ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي  سرحد جي ڪڏهن هن پار ته ڪڏهن هن پار پيا چرندا آهن. هو ڪيترائي ميل جيپ سان گڏ ڊوڙي سگهن ٿا. سامونڊي ڪيٽين تي ٻٽي روهاڪي پکي سان گڏ هنجهه (swan) به اوهان کي نظر ايندا. انهن جي چوڌاري انهن جا چوڪيدار پکي انتهائي چوڪس نظرايندا. جيڪي ڪنهن به خطري جي صورت ۾ ٻين پکين کي ان کان آگاهه ڪندا ته جيئن سڀ اڏامي وڃي محفوظ جاءِ تي ويهن.

منهنجو پنهنجو مشاهدو آهي ته روهاڪي چوڪيدار پکين سان سائون (parple heron) ۽ ٽيٽا (redshank) به ويٺل هوندا آهن، جيڪي پڻ خطرو ڏسي وٺي دانهون ڪندا آهن ۽ اڏامي ويندا آهن.

سڪندر اعظم جي حملي وارن ڏينهن ۾ هي وڏي جي ڍنڍ ۽ ٻيٽ جي صورت ۾ موجود هو. هن ۾ پراڻ هاڪڙي جو چوڙهو جنهن تي 1762ع ۾ مُئي وٽ غلام شاهه ڪلهوڙي بند ٻڌائي ڇڏيو هو. 1819ع واري زلزلي هن کي لوڻي ڍنڍ  بڻائي ڇڏيو. علي بندر ۽ رحمڪي بازار سرحدي شهر هئا. سئدوري (suasidai) قلعو پڻ سرحد تي اڏيل هو. جنهن جو نقشو ڪيپٽن گرنڊلي 1808ع ۾ تيار ڪيو هو. علي بندر جي  ڀرسان شڪور ڍنڍ پڻ آهي. انڊس ڊيلٽا ۾ سنڌو ندي ۽ ٻين درياهن ۽ نئين جا ڇوڙ آهي. قديم سنڌ جا قديم بندرگاهه هئا. جن مان ڪي ٿورا باقي بچيا آهن. ٻيا سڀ لٽجي مٽجي ويا، هتي مڇي خاص طور تي سانن جون قدرتي نرسريون آهن، بهترين ڪريڪ سسٽم آهي، روهاڪي توڙي کارائي پکين جي آماجڳاهه، جهنگلي جيوت جا بسيرا آهن. انڊس ڊيلٽا جو سهڻو فلورا موجود آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ بي بهامينگروو ايڪو سسٽم آهي.

دنيا ۾ مينگروو جون 69/ 70 سپيشيز (specier)  موجود آهن، هاڻوڪي دور ۾ انڊس ڊيلٽا ۾ مينگروو جا چار قسم ٿي رهيا آهن.

1-  ايوسينا ميرينا             (Avicennia marina)

2- رزوفورا مڪرنٽا             (Rhizophora mucronata)

3- ايجيسرس ڪارنيڪلٽم   (aegicerus corniculatum)

4- سراپس ٽيگل (Ceriops tagal)

هنن چئن جنسن مان ايويسينا ميرينا انڊس ڊيلٽا ۾ 99 سيڪڙو  آهي. باقي  ٽي سپيشيز (species) ٿوري تعداد موجود آهن. اهي به uneder threat آهن.

مٿي ذڪر ڪيل ٻه انگريز مسٽر ميڪئن ۽ فادر بليٽر 1922ع ۾ ڪميان ڪم ڪري انڊس  ڊيلٽا گهمڻ آيا. ان وقت هنن مينگروو جون 8 اسپيشيز (specis)  دريافت ڪيون، سي سڪينس ، گرمي، بک ۽ اڃ  جي ڪري هو انڊس ڊيلٽا  ۾ گهڻو اڳتي وڃي نه سگهيا. ٿي سگهي ٿو اڳتي مينگروو جون وڌيڪ سپيشيز (specier)   دريافت ڪري سگهن ها. ڇا ڪاڻ ته انڊو brhenz (lndo  burmese) رييجن ۾ مينگروو جون  16 کان 21 سپيشيز موجود هيون. بهرحال هنن جيڪي 8 سپيشيز دريافت ڪيون انهن مان چار سنڌ ٻيلي کاتي جي ڪنهن نه رڪارڊ ۾ درج ٿيل ڪونهن، انهن کي هتي لکت ۾ آڻي ٿو ڇڏيان.

ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ سموريون  specis  رڪارڊ ڪري ڇڏجن ها نه ته به انڊو برميز سپيشيز لکيت ۾ آڻيون ها پر جيئن ته هي اخباري ڪالم آهي ۽ دامن ڪاغذ ۾ ايتري  گنجائش ڪانهي ان ڪري هتي فقط سنڌ ۾ ناياب ٿي ويندڙ يا موجوده  مينگروو  سيپيشيز نوٽ ڪري ٿو ڇڏيان. اُچارن ۾ غلطي ٿي سگهي ٿي، ان لاءِ اڳئي معافي وٺندي سائنسي نالا به لکي ٿو ڇڏيان. جيئن ڪنهن ريسرچر کي تحقيق ڪرڻ ۾  ڏکيائي پيش نه اچي.

1- رزو فورا مڪرونٽا (Rhigophora mucronata) هي سپيشيز انڊس ڊيلٽا  کان علاوه ويسٽ ڪوسٽ ايسٽ ڪوسٽ، سندربن، چٽا گانگ، برما ۽ انڊمان ٻيٽن تي به ٿيندي آهي. ان کان علاوه سريلنڪا، آسٽريليا، خط استودائي علائقن ۽ هندوستان ۾ پڻ ٿئي ٿي.

2- روزو قورا ڪنجگٽ (Rhigophora congugata ) هي سپيشيز انڊس ڊيلٽا، ويسٽ ڪوسٽ، ايسٽ ڪويسٽ، چٽا گانگ، برما ۽ انڊمان ٻيٽن تي ٿيندي آهي.

3- سروپس ڪانڊولينا (Ceriops cando lleana) هي سپيشيز انڊس ڊيلٽا، ويسٽ ڪوسٽ، سندربن ۽ انڊمان ٻيٽن تي ٿيندي آهي.

4- سروپس روز برگهانا (ceridps rogburghiana) هي سپيشيز انڊس ڊيلٽا ايسٽ ڪوسٽ، سندرين، چٽا گانگ ۽ برما ۾ ٿيندي آهي.

5- بروجئرا جمنورزا (bruguirra gymnorhiga) هي سپيشيز انڊس ڊيلٽا ويسٽ ڪوسٽ ، ايسٽ ڪوسٽ، چٽا گانگ، سندربن، انڊمان ٻيٽن ۽ برما ۾ ٿيندي آهي.مينگرو وجون هي پنج ئي سپيشيز (species) رزوفور (rhigophor) فيملي جون آهن.

6- سونيريٽيا ايڪسيڊا (sonneratia acida) هي لائٿريڪ فيملي جي سپيشيز (specirs)  آهي. هي انڊس ڊيلٽا، ويسٽ ڪوسٽ، ايسٽ ڪوسٽ، چٽاگانگ، سندربن، برما ۽ انڊمان ٻيٽن تي ٿيندي آهي.

7- ايجيسيراس ميجس جيرن (aegiceros magus gaer tin) هي سپيشيز مائر سنيڪ (myrsinac) فيملي سان تعلق رکي ٿي هي انڊس ڊيلٽا، ايسٽ ڪوسٽ، ويسٽ ڪوسٽ، چٽا گانگ، سندربن، برما ۽ انڊمان ٻيٽن تي ٿيندي آهي.

8- ايويسينيا آفيڪينلس (avicennia officinalis ) هي وربينيڪ (verbenac) فيملي جي سپيشيز (species)  آهي. هي انڊس ڊيلٽا ايسٽ ڪوسٽ ، ويسٽ ڪوسٽ، سندربن، چٽا گانگ، برما ۽ انڊمان ٻيٽن سريلنڪا ، ملايا، هندوستان، هندي سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ جي ڪنارن سان ٿيندي آهي.

انڊس ڊيلٽا مينگرو دنيا جو ڇهون، وڏو مينگروو بلاڪ آهي، ٻئي دنيا ۾ آفريڪا، آسٽريليا، ايشيا ۽ آمريڪا ۾ هي وڻ 32 ڊگري لئٽيٽيوٽ اتر ۽ 38 ڊگري ڏکڻ تي ڏٺو ويو آهي. سائوٿ ايشيا ۾ هن جي گهڻائي آهي. جتي ڇڙيو مٺو پاڻي کاري سان ملي ٿو ۽ کارين جي ڪنارن ، گپ وارن ميدانن تي ٿئي ٿو، ٽيمپريچر 20 ڊگري کان گهٽ نه هجي، مينگروو جا تمام گهڻا فائدا آهن.

مثال طور زمين کي هي سامونڊي کاڌ کان بچائي ٿو. تيز طوفانن کي روڪي جهڪو ڪري ٿو. سامونڊي لهرن کي روڪي ٿو. هن جو ڪاٺ ٻارڻ ۾ ڪم اچي ٿو ،عمارت سازيءَ ۾ پڻ ڪم اچي ٿو. هن جي پنن کي مال شوق سان کائي ٿو. سامونڊي جيوت جي بچاءُ جو ۽ واڌ ويجهه جو اهم زريعو آهي. جهنيگي، شرمپ (shrinp) کنڀڙين واري مڇي (finfish)   (sreps) (mollusks) ۽ (reptiln) وغيره لاءِ نرسري جو ڪم ڏئي ٿو. ان کان علاوه پکين جهڙوڪ لاکي ڄاڃي، کارائي چيخلو، پيڻ، سانهن  ۽ ٻين ڪيترن روهاڪي پکين جي پناهه گاهه بڻجي ٿو. جهنگلي جانور مرون، گدڙ، نانگ، بلائون پڻ هتي رهن ٿيون، ماکي، ککرون، چيلاٽا، ڏينڀو ۽ ٻيا هزارين جيت هن ۾ رهن ٿا.

1990ع جي هڪ سروي مطابق ڪوسٽل ايريا جي 000، 100 لک ماڻهن جو دارومدار تمرجي وڻ تي آهي. يويسيڪو (unesco)  يو اين ڊي پي، ريجنل مينگرو پراجيڪٽ  آيو سي اين ڪوسٽل ايڪوسسٽم يونٽ جي مدد سان 1985ع کان 1990ع تائين ڪي 9000 ههيڪٽرز تي مينگروو پوکيا ويا. جنهن ۾ ايويسينيا ميرينا ۽ رزفورا مرڪنٽا 95 سيڪڙو سٺي واڌ ڏيکاري. پوءِ به هن جي تباهي جو حال اهو آهي جو ورلڊ بئنڪ  جي رپورٽ مطابق انڊس ڊيلٽا ۾ 000، 345 هيڪٽرز تي مينگروو  جا ٻيلا هئا، هاڻ اهي 000، 160 هيڪٽرز وڃي بچيا آهن. سيد اين خورشيد ڪنزويشن ڊئريڪٽر w w f پاڪستان جي هڪ ليک مطابق مينگروو اسپيشيز 129000 هيڪٽرز باقي وڃي بچي آهي، هي رپورٽ 1999ع جي آهي، گذريل 18 سالن ۾ ڪيتري تباهي ٿي هوندي ڪابه تازي سروي رپورٽ موجود ڪانهي. ڊاڪٽر  ڪي ايم صديقي فاريسٽري ۽ ماحوليات جي ڪنسلٽنٽ مطابق نه رڳو فاريسٽ ايريا  گهٽي آهي پر مينگروو جي واڌ ۾ به گهٽتائي آئي آهي. نتيجي طور مينگرو جون جيڪي اٺ  speeis  هتي ٿينديون هيون هاڻ فقط پنج وڃي بچيون آهن. تن مان به 99 سيڪڙو  گهٽ ڪارج واري ايوسينيا ميرينا (aviconnia) (tiner) avicennia marina (تمر) جي species  آهي.

مينگروو جي تباهيءَ جا ڪارڻ جيڪي ٻڌايا وڃن ٿا، اهي آهن. ٻارڻ لاءِ ڪاٺ جو وڍجڻ، مال جي چري جي ڪري واڌ جو گهٽجڻ، شهري لوڪن ۽ ڪارخانن جو فضلو  ۽  زهريلو  ڪيميڪل مٿي ڊيمن ، ڪئنالن ۽ رزويئرس ٺهڻ ڪري انڊس ڊيلٽا ۾ جيڪا  مٺي پاڻيءَ جي کوٽ آئي آهي، ان مينگروو جي گهڻي تباهي ڪئي آهي. iucal جي  1994ع جي رپورٽ مطابق 1947ع کان اڳ 847 ايم اي ايف (maf)  پاڻي انڊس ڊيلٽا کي ملندو هو. جيڪو هاڻ 2. 35 ايم اي ايف وڃي بچيو آهي. هن پاڻيءَ  سان 400 ملين ٽن سلٽ انڊس ڊيلٽا ۾ ايندو هو. اهو هاڻ فقط 30 ملين ٽن سالانه اچي ٿو. هو ڪيسٽرا (Hoekestra-1998) جي رپورٽ مطابق 000. 135 مڇيءَ جي ڌنڌي وارا مينگو ايريا ۾ رهن ٿا. انهن مان 60 سيڪڙو پنهنجي ٻارڻ (fuel) لاءِ ايويسينيا (avicenna) سپيشيز استعمال ڪن ٿا. جنهن جو ڪاٿو 18000 ٽن لڳايو ويو آهي.

جنهن ماهرن جي رپورٽ پڙهون ٿا اهو لکي ٿو ته انڊس ڊيلٽا ۾ 16000 اٺ موجود آهن، جيڪي سڄو  مينگروو کائي ويا. گهڻو ڪري جت ڪميونٽيءَ جا ٽي پاڙا اڪثر اٺيون ڌارين ۽ چارين، انهن ۾ فقيراڻي جت،ابائي جت ۽ عيسباڻي جت.

1982ع ۾ ڪيٽي بندر ۾ ڪچهريءَ دوران  محمد صديق فقيراڻي جت دانهون ڪيون ته ڊيلٽا ۾ اٺ فقط 3000 وڃي بچيا آهن، تن جي به پن چريءَ لاءِ ٻيلي کاتي وارن جي گهوڙا گهوڙا آهي. 1998ع جي هڪ سروي مطابق انڊس ڊيلٽا ۾ اٺن جو تعداد 203. 5 هو. 2005ع ۾ راقم جي سڪندر شاهه آف جهالو ناظم ڪيٽي بندر جي ڀاءُ ۽  بابوجت ڪيٽي بندر واري سان گڏ فقيراڻي جتن سان ڪچري ٿي، انهن ٻڌايو ته گهڻي تعداد ۾ اٺ  مڊل ايسٽ سمگل ٿي ويا. هاڻي جتن وٽ ڪي ٿورا وڃي بچيا آهن. ٻارڻ لاءِ هنن ٻڌايو ته پورٽ قاسم ، ريڙهي مياڻ، ابراهيم حيدري ۽ ٻين گهڻن ڳوٺن جا ماڻهو هاڻ گئس استعمال ٿا ڪن.  جت ڪميونٽي بهرحال  ته مينگروو جي تباهيءَ جو اهم ڪارڻ انڊس ڊيلٽا ۾ مٺي پاڻيءَ  جو نه اچڻ ٻڌايو مينگرو جي بچاءُ لاءِ  هيٺيان اپاءُ وٺڻ ضروري آهن.

1- انڊس ڊيلٽا  ۾ ضرورت مطابق درياهه جو مٺو پاڻي ڇڏيو وڃي. هڪ رپورٽ مطابق 40 هيڪٽرز لاءَ گهٽ ۾ گهٽ  هڪ ڪيوسڪ يعني 28 ليٽر پاڻي جو  وهڪرو ضروري آهي.

2-  ڪراچي، گهارو ۽ پورٽ قاسم جي انڊسٽريز جي فضلو کي جيڪو 300 ملين گيلن ڪيميڪل وارو زهريلو پاڻي ۽ 00، 37000 ٽن ڪچرو سمنڊ ۾ ڇڏيو پيو وڃي ان کي صاف ڪرڻ لاءِ ٽريٽيمنٽ پلانٽ لڳرايا وڃن.

3- مينگروو جي اهميت جي عام ماڻهن ۾ ڄاڻ وڌائي وڃي، خاص طور تي اقتصادي ۽ ماحولياتي ڄاڻ.

4- مينگروو جي واڍي ۽ چاري تي ڪنٽرول ڪري، گهرجائو  مقامي ماڻهن  کي متبادل ٻارڻ (fuel)  ۽ مال جو چارو فراهم ڪيو وڃي.

5- ٻيلي کاتي ۾ نهايت ئي ايماندار ۽ چوڪس عملو مقرر ڪري انهن کي گهربل فنڊس مهيا ڪيا وڃن. جيئن پان ، ڪيلو، کجي، ناريل ۽ سوپارين جا ٻج ٻوٽا ٻاهران گهريا ويا آهن، اهڙي طرح مينگروو  جي ٻين سپيشيز  جا ٻج ٻوٽا ٻين ملڪن مان گهرائي هتي پوکي تجربا  ڪيا وڃن.

انڊس ڊيلٽا جي هن انتهائي قيمتي وڻ کي بچايو وڃي جنهن جي 8 سيپشيز مان چار  نابود ٿي ويون. ٽي ٿيڻ تي آهن.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے