27 جمعہ , اپریل 2018

ڌيرج ڌاريو جنهن ڌُران…!

نوراحمد جنجهي

انساني اخلاق جي عظيم عمارت جا انيڪ مکيه گڻ اهڙا آهن جن سان ئي انساني زندگيءَ جو سفر سهڻو ٿيو آهي. انهن گڻن جي ڪري ئي ماڻهوءَ کي لاڀ ۽ مهانتا مليا آهن . اهڙن ڳوڙهن ڳڻن ۾  کميا ۽ کمت به اهڙي وٿ آهي جيڪا جنهن انسان ۾ هوندي هو سدائين جيت واري جُتي پائيندو. ” هار  “جو هنباري بردارگج ڪڏهن به ان کي پٽ سان نه هڻندو. کمندڙن سدائين کٽيو آهي. ”هُوڙن“  هارايو آهي. دنيا ۾ هوڻ نالي هڪڙي قوم به ٿي آهي جنهن کي پنهنجي سگهه ۽ قوت تي ناز هوندو هو ان ڪري اها ضدي ۽ هٺ ڌرمي ڪندڙ هوندي هئي.ان قوم جو سردار اٽيلا هوڻ   هو جنهن جو نالو ديومالا ۾ ان قوم جي هٺ ۽ هوڏ جو اهڃاڻ آهي. ڀٽائي سائين به کمندڙن جي کٽڻ جي تصديق ۽ توثيق ڪئي آهي. ماڻهو پنهنجي اڄاڻائي جي ڪري جنهن ضد جي گڏهه تي سوارٿي خرمستي جي نشي ۾ اچي وڃي ٿوته پوءِ سندس هار حقيقت جو روپ ڌاري سندس ڳچيءَ اچي پوي ٿي. ڀٽائي سائين فرمائي ٿو؛

کم کمندن کٽيو، هارايو هوڏن

چکيو نه چوندن، هو جو ساءُ صبر جو

صبر جي سواد جي  ”سيريءَ“  جي پروڙ ان کي ئي هوندي جنهن ان املهه رس جو ذائقو چکيو هوندو. ڌيرج ڌرڻ ۽ کمت ڪرڻ وارن جا ٻيڙائي پار هوندا آهن. سندن ڌيرج کين اڪاري پار ڪندو آهي ۽ آخر ۾ ”ڊوڙ“  کٽيندڙ  اهي ئي هوندا آهن جيڪي مستقل مزاج هوندا آهن. ڪنهن علم، پنٿ يا ڪرت ۾ ڪلا جو ملڻ به ان ڌيرج سان ئي واڳيل آهي. تڪڙي ڪُتيءَ   جي نصيب ۾ هميشه انڌن گلرن کي ويم ڏيڻ جي خواري  لکيل آهي. دنيا جي سمورين وڏين سائنسي ، فني ۽ علمي حاصلاتن جي پوٿي پٽجي ٿي ته ان ۾ به ڌيرج يعني مستقل مزاجيءَ جو عنصر نمايان ملي ٿو. سوين تجربا ڪري ڪري مس وڃي ڪو لاڀدائڪ نتيجو نروار ٿئي ٿو. تحقيق جي تارازيءَ ۾ انيڪ شيون توري توري انسان وڃي ڪنهن مناسب نتيجي تي پهچڻ جي قابل ٿيو آهي. پٿرن جا سلسلا ڀريا پيا آهن من موهيندڙ چٽن سان جيڪي انساني ڌيرج جي ڌارا جو اهڃاڻ ڏين ٿا. انساني ڌيرج ۽ کمت جي مثالن مان ئي پروڙ پوي ٿي ته انساني مستقل مزاجيءَ سان ڪيئن ”قاتل زهر“ ڪمائجي ”ماکي مڌ“  ٿي پوندو آهي. اهڙي مڌ ماکي ايندڙ نسلن کي مٺي رس جي چس سان مامورڪري ڇڏيندي آهي. انساني صلاحيت ۾ فطرت جيڪا ”ڌڪ پچائڻ“ يعني ريزيليئنس جي صلاحيت رکي آهي ان ۾ به ڌيرج جو ڪردارآهي. فرد ڌڪ پچائي اڳتي نڪري ويندا آهن . قومون به ڌڪ پچائي اڳتي وڌي تاريخ ۾ پنهنجي بقاداري ڳولي وٺنديون آهن. ڌيرج ڌريندڙ ۽ کمت ڪندڙ قومن به دنيا ۾ ڪاميابين جا رسدار ڦل ماڻيا. ڌيرج جي ان گڻ بابت ڪبير ڀڳت به پنهنجن سريلن دوهن ۾ ڪيئي صلاحون ڏئي ٿو. انهن صلاحن ۾ سندس تجربي جي مٺي ماکي ڀريل آهي جنهن جو رس چس اڄ تائين محسوس ٿئي ٿو.سندس دوهن ۽ واڻين ۾ سندس علم ، عقل ۽ بصيرت جا واهڙ وهندا نظراچن ٿا جن جو سسو پلراڄ تائين پيار جا پانڌي پي اُڃ اُجهائي رهيا آهن. ڪبير ڀڳت ڌيرج ڌرڻ بابت فرمائي ٿو؛

ڌيري ڌيري ري منا، ڌيري سب ڪُڇ هوءِ،

مالي سينچي سئو گهڙا، رُت آوي ڦل هوءِ،

اي مٺڙا من! سڀ ڪجهه ڌيرج سان ئي ٿيندو آهي تنهنڪري تڪڙ ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. مالهي  سوين گهڙا پاڻي باغ کي ڏيئي جڏهن سيراب ڪندو آهي ته ئي پوءِ مند اچڻ تي وڻن ۾ ڦرلڳندو آهي. مالهي يا باغائي جنهن ڏينهن  ٻج پوکي ٿو ان ڏينهن جي ڦل جي توقع رکي ته نه ڦل ملندو نه ئي وڻ وڌنڌو. من کي به اهڙي ڌيرج سان وڏن مقصدن جي پوئواري ڪرڻ گهرجي. ڌيرج وارن  ۽ کمي کائيندڙن کي گنج ملي ويندو آهي جڏهن ته اجائي تڪڙ ڪندڙ دردر ڀٽڪڻ جي خواري ڳچيءَ جو ڳٽ ڪري پيا هلندا آهن. هو فرمائي ٿو؛

ڪبرا ڌيرج ڪي ڌري هاٿي من ڀر کاءِ

ٽوڪ ايڪ ڪي ڪارني سوان گهري گهرجاءِ

”گنير“يعني هاٿي پنهنجي ڌيرج ڀري گت جي ڪري  ”گج“  هئڻ باوجود مڻين کاڌو ماڻي ٿو . ٻي طرف ڪتو هڪڙي ٽڪر لاءِ سوين گهرن ڀٽڪي ٿو. ڀٽڪندڙن کي ڪوئي ڀلو نه چوندو آهي ڌيرج ڌاريندڙن کي فطرت به دان ڏيندي آهي. جٽاداري جو اهڙو املهه مثال هنج پکي آهي جيڪو سُڪڻ باوجود سرڇڏي دردر ڀٽڪڻ جو ٽڪو کڻڻ نه چاهيندو آهي ۽ پهرين پريت جي ڪارڻ قرب ۾ ڪوڪون ڪري مري ويندو آهي. هنج جي ان کمت واري خصلت بابت هڪ دوهو آهي؛

هنسا سرور نه ڇوڙيئي، جي جل ڪڙوا هوءِ

ڇيلر ڇيلرڀٽڪتان نون ڀلا نه ڪهي ڪوءِ

فطرت انسان لاءِ اهڙا ڪيئي سبق پنهنجي من موهت ۽ من ميت مانڊاڻ ۾  رکيا آهن جن مان هو حظ حاصل ڪري سگهي ٿو. هونئن به انسان پنهنجي اندر جي جوهرکي فطرجي ڪسوٽيءَ جي پارس سان ڇُهي اڳتي وڌايوآهي. انسان جي شعور ۽ علم ۾ کيس اهوئي ڪجهه نظراچي ٿو جيڪو کيس سندس تجربي جي تارازيءَ امڪان جي اوت جي صورت ۾ آڇيو آهي. فطرت ۾ ته امڪان جي حدن جي لاحد لڀي ئي نٿي. ڪڏهن ”ٿيڻي“ بدلجي ”اڻٿيڻي“ ٿي پوي ٿي ته ڪڏهن ”نهڪر“ جي نون ڪوٽن مان ”هاڪر“ جي هون هون اچڻ لڳي ٿي.  بي بي  مريم کي حضرت عيسى عليه السلام جهڙو اولوالعزم پيغمبر پيدا ٿي پوي ٿو ته حضرت ذڪريا عليه السلام کي  وريل وهيءَ ۾ سندس سنڍ ونيءَ مان حضرت يحيى عليه السلام پيدا ٿي پوي ٿو. حضرت يوسف جي پهران جي پاڪ سڳنڌ سندس والد حضرت يعقوب عليه السلام جي ”سڄين “ اکين کي نور سان منور ڪري ڇڏي ٿي. اهڙن مثالن سان انساني تاريخ ڀري پيئي آهي ته ڪرڻ وارو ڪيئن ڪري ٿو ڇڏي. انساني عقل دنگ رهجي وڃي ٿو، ڇوت عقل امڪان جي دائري اندر سوچي ٿو ٿو تڏهن اوڇو ٿي بيهي رهي ٿو. قادر جي قدرت وٽ لاحد جي  لامڪانيءَ ۾ ايترو ڪجهه آهي جنهنجو تصور به  تصور۾ نٿو اچي. ڪبير ڀڳت به منجهائيندڙ حالتن ۾ توڪل جي صلاح ڏئي ٿو ته انسان کي ڪُنن جي ڪڙڪي کان گهٻرائڻ نه گهرجي. ٻوڙڻ واري کان تارڻ وارو ويجهوآهي. هو اظهاري ٿو؛

ڪبرا ڀنور ۾ بيٺ ڪي ڀوچڪ منا نه هوءِ

ڊوبن ڪا ڀئه ڇانڙدي ، ڪرتا ڪري سو هوءِ

اي ڪبير! ڪاري ڪن ۾ ويهي  من کي خوفناڪيءَ جي حوالي نه ڪر. ٻُڏڻ جو ڀئو ترڪ ڪري ڇڏ. اهوئي ٿيندو جيڪو ڪرڻ وارو ڪندو. ان جي سٽاءَ جي سڳڻائپ ۾  امڪان ۽ لاامڪانيت جي وچ ۾ وٿي ئي ناهي. ارادي جي اور، زبرزور کي به زيرڪري، ويري وير کي لاهي ڇڏي ٿي. ناممڪن ممڪن بنجي پوي ٿو. ان خيال تي بيهڻ جو نالو ئي ”توڪل “ آهي. زندگيءَ ۾ ” هوند“ ۽ ”اڻ هوند“ ٻئي اهڙيون حالتون آهن جيڪي گذرندڙ آهن  يعني بيهن نٿيون. انسان کي انهن ٻنهي حالتن ۾ بيهي وڃڻو آهي. هن جيڪو امانت ۽ امامت جو بار کنيوآهي اهو وزن سندس لاءِ وڏي پرک  آهي. هوان پرک مان ڪيئن اُڪري ٿو پار پوي اها للڪارئي سندس لاءِ اهم آزمائش آهي. ڀٽائي سائين به اهڙي آزمائش جو ذڪرهنن لفظن ۾ ڪيو آهي؛

مونکي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار۾

اُڀا ايئن چون ، مڇڻ پانڌ پُسائيين

پاڻيءَ جي پاتار۾ به پانڌ پسڻ کان بچائڻو آهي ۽ اها آزمائشي ڪسوٽي به ماڻهو ڌيرج ڌرڻ سان اُڪري پار پوي ٿو. يقين جي ٽنهي حالتن جا مدارج به کمت ۽ کميا جي تقاضا ڪن ٿا. انساني نفس به ارتقائي منزلون طئي ڪندي، ڌيرج جي ڌيان گهرجائو مرحلن مان گذري ٿو. تڪڙ انسان کي الائي ڪهڙا اوتڙوڃي ڏيکاري ٿي. انسان  عدم جي اونهائي مان وجود جي واديءَ ۾ وارد ٿيو آهي تنهنڪري سندس عروج به انهي لاذاتيت جي لذت ۾ ٿيندو. اهوئي ترڪ ڪرڻ جو تڪيو آهي جنهن سان ماڻهو غيرجٽاداري خول مان موٽي جٽاداري حاصل ڪري ٿو. اهڙي جٽاداري رکندڙن جو اوطارو ئي ”عدم“ آهي. هئڻ جي هوند واري خمار جي کوپا جڏهن انساني اکين تي چڙهن ٿا ته کانئس گهڻو ڪجهه وسري وڃي ٿو. ٻيو ته ٺهيو کانئس پنهنجو پاڻ به وسريو وڃي ٿو ۽ هو الائي ڪهڙن ڪُنن ۾ ڪاهي پوي ٿو. ڪبير جي خيال مطابق ته ماڻهوءَ مان جڏهن اها پاڻ اختياري ”مون “ ويندي تڏهن ئي هو  ان وسينءَ کي ويجهو ٿيندو جنهن لاءِ هو ورهين کان واجهائيندو رهندو آيو آهي. مون جي ڀيلي ڀيري ڀيري ڀڃڻ ئي اصل ڪمال آهي ۽ اهو ڪمال ڌيرج ڌرڻ سان ئي ملي ٿو. ڌيرج ئي ماڻهوءَ جي ڌيان کي  گيان جي گت کان به اڳتي وٺي وڃي ٿو جتي اصلي علم آهي. گياني ته سمجهي ٿو ته کيس سڀڪجهه پروڙ آهي. پر پرين جي پنٿ جو پرو تڏهن پوي ٿو جڏهن ماڻهو ”مون“ جو دنگ درو لنگهي اڳتي وڌي ٿو. ڪبيرجي ٻول مطابق؛

مين مري سب جائيگي، تب آوي گو اور

جب يه نشچه هوگا تب پاوي  گا ٺور

جڏهن مون هلي ويندي تڏهن ئي ڪنهن جي اچڻ جو امڪان ٿيندو ۽ اهو سڀ جڏهن  طئي ٿي ويندو ته ماڳ به ملي ويندو. مون وڃائڻ وارو اهو نقطو سکڻ جي ”ان لرن“  unlearn واري نقطي جهڙو آهي جنهن کانپوءِ ئي ڪا شئي ذهن وهندي آهي ۽ ”لرننگ “  Learningجو عمل شروع ٿي پوندو آهي. ”ان لرن“ کان وٺي ”لرننگ“  تائين سمورا مرحلا ڌيرج يعني مستقل مزاجيءَ جا متقاضي آهن. انسان جي سموري فڪري ارتقا ان جٽاداريءَ ۽ ڌيرج ڌرڻ سان نروار ٿي آهي. انسان پنهنجي  ذهني اڳڀرائي جي عمل دوران ڪيئي لاها چاڙها ۽ ڏکيا ڏينهن به ڏٺا آهن پر ثابت قدميءَ سان سندس بيهي رهڻ ئي کيس ڪي ڏاڪا پار ڪرائي سگهيو آهي ۽ هو مسلسل انهي پنڌ جو پانڌي آهي. ان پيرين پرڪڻا ڪندڙ پنڌ ۾ ڌيرج ڌرڻ ۽ کمت ڪرڻ جي تمام وڏي ضرورت ۽ اهميت آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ زنده جاويد فلم اکين سامهون هئي!:ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

يونيورسل اسٽوڊيو، هالي ووڊ سمورو ئي هڪ پهاڙي نما سرزمين تي ڏاڍي وسيع ايراضيءَ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے