25 سومر , جون 2018

منوهر جهڙن ايماندار ماڻهن جي ضرورت آهي!

ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

آءٌ 15-فبروري 1994ع تي جئه هند ڪاليج، بمبئي ڇڏيندي بامبي يونيورسٽي جوائن ڪيئي هئي. ان کان اڳ مان اُتي هر سال ’سنڌي سرڪل‘ طرفان  بهترين سنڌي ڪلچرل پروگرام منعقد ڪندو رهندو هوس. جيتوڻيڪ مون کان هڪدم پوءِ به ڪو نه ڪو پارٽ ٽائيم سنڌي ليڪچرر منهنجي جاءِ تي اُتي ڪم ڪندو ئي رهيو؛ پر  مون کانپوءِ ’سنڌي سرڪل، جئه هند ڪاليج‘ جون ڪلچرل سرگرميون ڄڻ ٺپ ٿي ويون هيون. پندرهن سال پوءِ شاباس هئي پروفيسر نانڪ شوداساڻي صاحب کي جنهن پنهنجي مادري زبان طرف ڌيان ڏنو ۽  جئه هند ڪاليج مئنجمينٽ ’سنڌ ايڊيوڪيشنسٽس ايسوسيئيشن‘ جو سيڪريٽري هئڻ ناتي هڪ اهم فيصلو وٺي هن ‘سنڌي سرڪل‘ کي نئين سر جياريو. منهنجي دور ۾ ڪاليج جي واسطيدار هيڊ آف ڊپارٽمينٽ هئڻ ناتي اُتي ’سنڌي سرڪل‘ جو چيئرمن هوندو هوس؛ تڏهن سيڪريٽري شاگردن مان کڻندا هئاسين؛ جڏهن ته ڪاليج جي انهن تمام ڪلچرل تنظيمن جو پريزيڊنٽ؛ پرنسپال ئي هوندو هئو.

هاڻ 2008ع ۾ پروفيسر شوداساڻي، پرنسپال طور رٽائر ڪرڻ کانپوءِ مئنيجمينٽ ۾ ’سيڪريٽري‘ جون جوابداريون نڀائي رهيو  هئو. ان هينئر ’سنڌي سرڪل‘ جي چيئرمن جون جوابداريون پاڻ تي رکيون ته مئنيجمينٽ جي جوائنٽ سيڪريٽري، پروفيسر پريا ميرپوريءَ کي وري سنڌي سرڪل جو سيڪريٽري بڻايو ويو. جڏهن ته ڪاليج ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ئي ڪم ڪندڙ پارٽ ٽائيم ليڪچرر ڪاجل رامچنداڻيءَ کي ’سنڌي سرڪل‘ جو جوائنٽ سيڪريٽري بڻايو ويو هئو.

اهم ڳالهه اها هئي ته پروفيسر شوداساڻيءَ ’سنڌي سرڪل‘ کي ٻيهر جيئارڻ لاءِ هڪ ميٽنگ جو اهتمام ڪيو.  اها هن جي ڀلمانسائي هئي، جو ان مهل جيتوڻيڪ آءٌ جئه هند ڪاليج ڇڏي چڪو هوس؛ پوءِ به هن مون کي ان ميٽنگ ۾ خاص طور گهرايو هئو. اُن بعد ’سنڌي سرڪل‘ لاءِ هڪ ايڊوائيزري بورڊ ٺاهي ويئي.  ان ۾ مون کي پڻ هڪ ميمبر ڪري کنيو ويو ۽ پروفيسر شوداساڻيءَ طرفان منهنجي عزت ڪرڻ باعث آءٌ ڄڻ اُن ائڊوائيزري بورڊ جو هڪ اهم رڪن بڻجي پيس.

پروفيسر شوداساڻي ڪجهه به ڪرڻ چاهيندو هئو، ته پهرين ان لاءِ ميٽنگ سڏائي سڀ کان صلاحون وٺندو هئو ۽ پوءِ جيڪي به فيصلا ڪيا ويندا هئا؛ ان موجب ئي عمل درآمد ٿيندو هئو. هينئر اها صلاح بيٺي ته مدت پوڻ باعث پهرين ’سنڌ سرڪل‘ جو هڪ ‘Revival Function’ رکيو وڃي؛ جنهن لاءِ 26-اپريل 2008ع جو ڏينهن طئه پايو. ان فنڪشن لاءِ دادا رام ڄيٺملاڻيءَ کي چيف گيسٽ ڪري گهرايو ويو. مئنيجمينٽ جا ڪيترائي ميمبران گهرايا ويا. پر اتي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندڙ ڀيڻ ڪاجل رامچنداڻيءَ جي پيڪي گهر ۾ ڪجهه اهڙو  واقعو ٿي پيو؛ جو اُها ڪو نه اچي سگهي. اهڙي صورت ۾ سموري جوابداري وڃي شوداساڻي صاحب جي ڪلهن تي پيئي.

پروگرام شام جو رکيل هئو؛ جنهن لاءِ تمام مهمانن کي ڪاليج جي چوٿين ماڙي تي زولاجي ليباريٽريءَ ۾ پهرين بهترين ناشتو ڪرايو ويو. ان بعد سمورا مهمان ان ئي ماڙي تي ٺاهيل الٽرا-ماڊرن آڊيو-وزيوئل سينٽر ۾ آندا ويا. جتي پروفيسر نانڪ شوداساڻيءَ ’سنڌي سرڪل‘ جي چيئرمن جي حيثيت ۾ تمام مهمانن اڳيان پنهنجو استقباليائي خطبو ڏيندي هڪ هڪ شخص کي جسماني توڙي روحاني طور سنڌي سرڪل سان جڙڻ لاءِ اپيل ڪيئي ته جيئن ان ڏکئي دور ۾ سائوٿ بامبي جي ميٽروپوليٽن ماحول ۾ پڻ سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر کي بچائي سگهجي.

پروفيسر نانڪ شوداساڻي صاحب بعد ۾ پنهنجي تقرير ختم ڪندي مون کي پوڊيم تان ڳالهائڻ لاءِ گهرايو ته جيئن آءٌ ’سنڌي سرڪل‘ جي وجود تي روشني وجهي سگهان. مون مکيه مهمان رام ڄيٺملاڻي ۽ تمام حاضرين کي مخاطب ٿيندي شروعات ئي ان سان ڪيئي ته ’سنڌي سرڪل‘ جي وجود لاءِ اسان کي ڊي.جي.سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ جي تاريخ تي نظر ڊوڙائڻي پوندي؛ جتي ئي ’سنڌي سرڪل‘ جو جنم ٿيو هئو. ڇو ته اها جئه هند ڪاليج جي مئنيمينٽ ئي هئي؛ جيڪا ورهاڱي جي  نتيجي ۾ ڊي.جي.سنڌ ڪاليج، ڪراچي ڇڏي بمبئيءَ اچي 1948ع ۾ جئه هند ڪاليج برپا ڪيو هئو.

مون لاءِ ضروري هئو ته سڀ کان پهرين آءٌ ڊي.جي.سنڌ ڪاليج بابت  ٻڌايان. اوڻويهين صديءَ جي پوئين دور ۾ ديارام گدومل ايلفسٽن ڪاليج، بمبئيءَ مان بي.اي.پاس ڪري سنڌ واپس وريو هئو. هن هينئر سنڌ ۾ پڻ اعليٰ تعليم جا مواقع فراهم پئي ڪرائڻ چاهيان: تڏهن پوري سنڌ، گجرات ۽ مهاراشٽرا گڏ ڪندي ’بامبي پريزيڊنسي‘ سڏيا ويندا هئا؛ جنهن لاءِ گاديءَ جو هنڌ بمبئي هوندو هئو.

ديا رام گدومل کي ڪراچيءَ ۾ اهڙي ڪاليج برپا ڪرڻ لاءِ ڏيارام ڄيٺمل ۽ سندس ڀاءُ ميٺارام، ساڌو هيرانند ۽ سندس ڀاءُ نولراءِ شوقيرام، ڪوڙومل چندن مل کلناڻي، ٽهلرام کيمچند ۽ هرچند راءِ  وشنداس جو ڀرپور ساٿ مليو. هنن، گڏجي ڪري هڪ اپيل ڪڍي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي هندن، پارسين ۽ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ يوروپي لوڪن کان 90-هزار روپين جي امداد ڪٺي ٿي ويئي. ڏک اهو هئو ته حسن علي آفنديءَ ان پوري پروجيڪٽ جي مخالفت پئي ڪيئي، جنهن ڪري نه صرف حسن علي، پر ٻيا پڻ ڪيترائي اهل ايمان ڀائر ان پروجيڪٽ جي ويجهو ئي ڪونه پئي آيا. عدل جي دنشا ۽ ايڇ.جي.رستم جي، پارسين دل کولي سهايتا ڪيئي هئي. ڪراچي ميونسپالٽيءَ کان پڻ هر سال لاءِ ڇهه هزار روپين جي امداد منظور ڪيئي ويئي. 1886ع ۾ ’سنڌ ڪاليج ايسوسيئيشن‘ برپا ٿي ۽ 17 جنوري 1887ع تي ڪراچيءَ ۾ ’سنڌ آرٽس ڪاليج’ قائم ٿي سگهيو. ڪاليج جو افتتاح ڪرڻ لاءِ گورنر آف بامبي پريزيڊنسي، لارڊ ري کي گهرايو ويو هئو؛ جڏهن ته ڪاليج جي نئين عمارت 1891ع ۾ جڙي راس ٿي.

17-مئي 1871ع تي مشهور ڪانگريس ليڊر، جيرام داس دولترام جي والد دولترام ڄيٺمل، ڪاليج جي ترقيءَ لاءِ 25- هزار روپيه ڏيڻ جي آڇ ڪيئي ان طرح گڏيل صلاح موجب ڪاليج جو نالو بدلائي ’ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج‘ رکيو ويو. پوءِ وري ان ۾ ٿوري ترميم آڻيندي ’ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج‘ ڪري سڏيو ويو.

ان ڊي.جي.سنڌ ڪاليج اندر سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ لاءِ ’سنڌي سرڪل‘ جو بنياد وڌو ويو هئو؛ جنهن لاءِ اتي سنڌي ٻوليءَ جي تعليم ڏيندڙ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي وغيره پڻ پنهنجون خدمات ڏيئي چڪا هئا. بعد ۾ ويهين صديءَ  جي ٻين چوٿائيءَ ۾ پرنسپال نارائڻ بٽاڻي، ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي ۽ رام پنجواڻيءَ پڻ ان سنڌي سرڪل لاءِ عملي خدمات انجام ڏنيون هيون.

ڊي.جي.سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ واري اها تنظيم’سنڌ ڪاليج ايسوسيئيشن‘ هِتي بمبئيءَ اچي ’سنڌ ايڊيوڪيشنسٽس ايسوسيئيشن‘ برپا ڪيئي ۽ ڊي.جي.سنڌ ڪاليج ڇڏي آيل پرنسپال ٽي.ايم.آڏواڻيءَ جي سرڪردگيءَ ۾ ڏاڍي هڻ هڻا کانپوءِ آخر مس وڃي هڪ سال اندر 1948ع ۾ اُهي ’جئه هند ڪاليج‘ کولي سگهيا هئا. اهو ڪاليج پهرين ايلفسٽن ڪاليج جي ڪجهه حصي ۾ ۽ پوءِ پيڊر روڊ جي هڪ عمارت ۾ هلي رهيو هئو؛ جو پرنسپال ٽي.ايم.آڏواڻي ڪجهه ٻين تعليم دانن جو وفد وٺي ان مهل جي وڏي وزير، بي.جي.کير سان گڏيو ۽ موجوده جئه هند ڪاليج، چرچگيٽ  وارو پلاٽ کين الاٽ ٿي سگهيو.

ائين اُتي جئه هند ڪاليج ۾ سنڌي سرڪل لاءِ رام پنجواڻي، ارجن شاد ۽ ٻلديو مٽلاڻيءَ سلسليوار پنهنجون خدمتون انجام ڏنيون هيون. هينئر بيحد بيحد خوشي جي ڳالهه  هئي جو جڏهن ڪيترا سنڌي ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ پڻ مادري زبان ڳالهائڻ کان نابري واري ويٺا هئا، تڏهن پروفيسر نانڪ شوداساڻيءَ ڪاليج لاءِ ڊئريڪٽر ۽ مئنيجمينٽ جي سيڪريٽريءَ طور ڪم ڪندي ’سنڌي سرڪل‘  کي ٻيهر جيئارڻ جي ذميواري پنهنجي ڪلهن تي هموار ڪيئي هئي.

مون تمام مختصر نموني پنهنجي طرفان جو ذڪر ڪندي سيپٽمبر 1981ع کان وٺي ڊسمبر 1993ع تائين سنڌي سرڪل طرفان منعقد ڪيل ڪجهه بهترين فنڪشن  جي ياد ڏياري هئي؛ جنهن مان 1984ع دوران ’چوٿين انٽر-ڪاليجئيٽ سنڌي ڊراما ڪامپٽيشن‘ لاءِ ته ان مهل جي پرنسپال ٽي.جي.خوبچنداڻيءَ جي خواهش تي خود دادا رام ڄيٺملاڻي پاڻ اسان وٽ چيف گيسٽ ٿي آيو هئو.

مون کان پوءِ جئه هند ڪاليج لاءِ ان مهل جي پرنسپال، ڪيرتي نارائڻ به ڳالهايو ۽ شڪر ادائيءَ جي رسم پروفيسر پريا ميرپوريءَ طرفان ادا ڪيئي ويئي. هئي. آخر ۾ هڪ محفل موسيقي به ڪيئي ويئي هئي؛ جنهن ۾ گهنشيام واسواڻي ۽ ڪاجل چنديراماڻيءَ ڏاڍي ڌوم مچائي ڇڏي هئي.

ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ 1996ع کان 2000ع تائين ڊاڪٽر سنيهلتا ديشمک صاحبه، وائيس چانسلر ٿي رهي هئي. ان دوران ڪڏهن هندوستان سرڪار جي منسٽري آف ايڇ.آر.ڊي. وارن کانئس ’نيشنل ڪائونسل فار  پروموشن آف سنڌي لينگئيج (N.C.P.S.L.) لاءِ ڊئريڪٽر جي اپوائنٽمينٽ لاءِ صلاح گهري هئي؛ ته هن کين منهنجي نالي جي پٺڀرائي ڪندي منهنجو بايو ڊيٽا پڻ انهن ڏانهن موڪلي ڏنو هئو. پر چوندا آهن ته ’بندي جي من ۾ هڪڙي ته الله جي من ۾ ٻي!‘ ڳالهيون، ڳالهيون ئي رهجي ويون.

پوءِ وري 2002ع ۾ يونيورسٽيءَ آف ممبئي اندر مونکي پروموشن ڏيندي ’پروفيسر‘ جو گريڊ ڏنو ويو، ته ان بعد منسٽري آف ايڇ.آر.ڊي. وارن جي ’ڊئريڪٽر،اين.سي.پي.ايس.ايل.‘ لاءِ ايڊورٽائيزمينٽ  آئي. هاڻ ته منهنجي لاءِ اتي درخواست موڪلڻ جو سوال ئي ڪونه  هئو؛  جو آءٌ اڳواٽ ئي مٿانهين گريڊ ۾ پهچي چڪو هوس. هينئر ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻيءَ اتي درخواست موڪلي ڏني هئي. منوهر کي آگسٽ 2008ع ۾ ’سانا‘ طرفان ڊالاس (آمريڪا) ۾ ساليانه ڪنوينشن ۾ پيپر پيش ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو هئو. منوهر، ان آمريڪا دوري کان موٽيو ته خدا جي فضل سان جلد ئي سندس ’ڊئريڪٽر، اين.سي.پي.ايس.ايل.‘ لاءِ آرڊر اچي ويو ۽ هن 10 – سيپٽمبر 2008ع کان ڊيپوٽيشن تي وڃي اها پوسٽ جوائن ڪيئي.

تڏهن ان مهل وارو ’اين.سي.پي.ايس.ايل.‘ وائيس چيئرمن، رام امر لال پنجواڻي، منوهر جي ڪم کان بيحد خوش هوندو هئو. هوُ اتي وڃڻ سان ئي پنهنجي ڪم کي جنبي ويو. رام امر لال پنجواڻي صاحب ۽ ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي، ٻنهي گڏجي  سنڌي ادب جا ناياب ڪتاب؛ ’قديم سنڌ‘ جنهن کي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ تحقيقي بنيادن تي تحرير فرمايو هئو  هڪ ڪتاب ’رگ ويد‘ ۽ چچ نامو‘ (سنڌي ۾ انگريزي) اين.سي.ايس.ايل. طرفان اشاعت ڪيا؛ جيڪا پنهنجو پاڻ ۾ هڪ وڏي ڳالهه هئي.

اُن اين.سي.پي.ايس.ايل واري پنهنجي دور ۾ دهلي، جئپور، اجمير، ممبئي، بينگلور، ڪلڪته، احمد آباد ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ ادبي ڪلچرل پروگرام منعقد ڪيا. پر بعد ۾ منوهر کي دهليءَ جو سياسي ماحول راس نه آيو ته هن منسٽري آف ايڇ.آر.ڊي. ڏانهن پنهنجي استعفيٰ ڏياري موڪلي.

ان استعفيٰ ته ڪمال ڪري ڏيکاريا. ان مهل ڀارت سرڪار طرفان ڪپل سبل صاحب، مسنٽر آف ايڇ.آر.ڊي. مقرر ٿيل هئو ۽ قائدي موجب ان کي منوهر جي استعفيٰ قبول ڪرڻي هئي. ڪپل سبل ته ايڏو ايماندار شخص هئو، جو هن منوهر جي استعفيٰ قبول نه ڪندي کيس پنهنجي آفيس ۾ گهرايو. هن نه صرف منوهر کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائيندي استعفيٰ نه ڏيڻ لاءِ سمجهايو؛ پر ايترو پڻ چيو ته هن کي منوهر جهڙن ايماندار ماڻهن جي ضرورت آهي!

ڪپل سبل صاحب ته منوهر کي سمجهائيندي کيس اهو به ٻڌايو ته خود هُن کي ئي پنهنجي منسٽريءَ ۾ انيڪ تڪليفن سان منهن ڏيڻو  پوندو آهي؛ پر ان جو اهو مطلب هرگز ناهي ته هُو ميدان ئي ڇڏي هليو وڃي! منوهر ته بيحد مسرتن وچان ايڏي وڏي شخصيت جي صلاح جو خير مقدم ڪيو ۽ وري اچي پنهنجي ڪم سان لڳو.

پر منوهر کي جنهن ماحول کان چڙ هئي؛ هوُ ان کي بدلائي نه سگهيو ته ٻيهر هوُ هندوستان جي منسٽر آف ايڇ.آر.ڊي. ڪپل سبل کان ٽائيم وٺي سندس آفيس ۾ وڃي پنهنجي استعفيٰ ڏني ۽ کانئس اجازت گهري ته کيس ‘Relieve’ ڪيو وڃي ته جيئن هوُ واپس ان جي ئي وزارت هيٺ، ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ وڃي ٻيهر سنڌي ٻوليءَ لاءِ ريڊر (ايسوسيئيٽ پروفيسر) جي پوسٽ جون خدمات انجام ڏئي. آخر ڪپل سبل صاحب کيس دل سان آشيرواد ڏيندي کيس رخصت ڪيو ۽ منوهر، ڊئريڪٽر، اين.سي.پي.ايس.ايل.جي نوڪري ڇڏي واپس 27-جنوري 2010ع تي ممبئي يونيورسٽي اچي جوائن ڪيئي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے