20 خميس , سيپٽمبر 2018

عورتن جي ويس ۾ کيسا ڇو ناهن هوندا..!؟

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) عورتن ۽ مردن جي لباس ۾ کيسن هئڻ نه جي بحث انتهائي پراڻي آهي پر هاڻي عورتن جي ويس ۾ کيسن نه هئڻ کي هڪ روايت قرار ڏنو پيو وڃي. هڪ تحقيق موجب 99 سيڪڙو عورتن جي ويسن ۾ کيسا ناهن هوندا ۽ جڏهن ته 17هين صدي بابت اهو ٻڌايو ويو آهي ته ان وقت ٻنهي مرد توڙي عورتن جي لباس ۾ کيسا نه هوندا هئا ۽ ٻئي پرس يا وري ٻي ٿيلهي وانگر شئي کڻندا هئا. جڏهن ته 18هين صدي ۾ مردن جي لباس ۾کيسا اچي ويا پر عورتن جي ويس ۾ اها شئي نه آئي. فيشن ڊزائنرن موجب عورت جي ويس کي انتهائي نفاست سان ٺاهيو ويندو آهي ۽ ان ۾کيسو نه رکڻ جو سبب سندس حُسن خراب نه ڪرڻ هوندو آهي. جڏهن ته ساڳي وقت عورت جي ويس ۾ کيسو نه رکڻ جو وڏو ڪارڻ هينڊ بيگز جي ڪاروبار کي ڌڪ لڳائڻ کان بچائڻ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳورهاري عورتن کي احتياط بدران جُهمر جو ڏَس

برازيليا (ويب ڊيسڪ) طبي ماهر عام طور تي ڳورهاري عورتن کي غير ضروري طور گهمڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے