18 اتوار , فروری 2018
نڪور خبرون

سانوري رنگ کي ڀورو ڪرڻ جو طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): چڻن جي دال پاڻي ۾ ڳاري پسائي وٺو ۽ پوءِ کير ۾ ملائي ليپ ٺاهيو ۽ تقريبن 15 کان 20 منٽ تائين منهن تي لڳايو ۽ تنهن کانپوءِ منهن تازي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو، ڪجهه ڏينهن ۾ چهرو صاف ٿي ويندو، سرنهن جو تيل نارنگي ۽ ليمن جون کلون ملائي پيسٽ ٺاهيو ۽ روزاني پنهنجي چهري تي لڳايو، سانورائپ ختم ٿي ويندي، بادام، هيڊ ۽ چانور پيسي ان ۾ ٿورو کير شامل ڪريو ۽ پوءِ هي ماسڪ چهري تي لڳايو ۽ 20 منٽن کانپوءِ منهن ڌوئي ڇڏيو، ڪجهه ڏينهن ۾ فرق محسوس ٿيندو، چمڙي جي صفائي لاءِ هڪ ڪارآمد ابٽن لاءِ هڪ ڪوپ چمبيلي جي ڪلي، هڪ ڪوپ بيسڻ، ٻه وڏا چمچا پسيل هيڊ، هڪ چمچو پسيل دارچيني کي ملائي هڪ پيالي ۾ ان مڪسچر جو هڪ وڏو چمچو وٺو ۽ ان ۾ ڪجهه ڦڙا ليمي جا ۽ پاڻي ملائي استعمال ڪريو، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ رنگ صاف ٿي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٿَڌ ۾ چهري جي سونهن برقرار رکڻ لاءِ گهريلو ٽوٽڪا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سياري جي موسم شروع ٿيندي ئي چهري تي به خشڪي ٿي ويندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے