26 اربع , جولاءِ 2017

ليڪچر| پهرين مئي ۽ پاڪستان جا پورهيت

ادارا خانگائڻ سبب پورهيت تحريڪ کي نقصان پهتو، مزدور جو مستقبل خطري ۾ آهي: ناصر منصور
ٽريڊ يونين جي غلط پاليسين سبب مذهبي ڌرين مداخلت شروع ڪئي، مزدور جدوجهد اڄ نالي ماتر رهي آهي
ڀُٽي جي دور ۾ پورهيتن لاءِ قانون سازي ٿي، آمريتن نقصان پهچايو، هاڻ حڪومتون لاتعلق بڻيل آهن
95 سيڪڙو ڪمپنيون مستقل بنيادن تي مزدور نه ٿيون رکن، ترقي پسند اڳواڻ جو عوامي آواز ٽي وي پروگرام ليڪچر ۾ اظهار
ڪراچي (عوامي آواز ٽي وي نيوز) پهرين مئي ۽ پاڪستان جا پورهيت جي عنوان سان عوامي آواز جي هفتيوار پروگرام ليڪچر سينيئر صحافي ڊاڪٽر جبار خٽڪ جي ميزباني هيٺ ٿيو. جنهن ۾ ترقي پسند مزدور اڳواڻ ناصر منصور ڳالهائيندي چيو ته، دنيا ۾موجوده جمهوري نظام پورهيتن جي جدوجهد جي ڪري آهي. دنيا ۾ مزدور تحريڪ هڪ سگهاري ۽ منظم تحريڪ هئي.جيڪا سرمائيداراڻا نظام کان پوءِ ڪمزور ٿي آهي. سرمائيدار ملڪ دنيا جي مظلوم قومن ۽ ملڪن جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا.پهرين مئي شڪاگو جي شهيدن جو ڏهاڙو آهي،ان وقت مزدورن پنهنجا مطالبا رکيا هئا،پر سرمائيدار قوتن مزدور تحريڪن کي ڪچلي ڇڏيو.جڏهن شڪاگو جي پورهيتن پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ تحريڪ جو آغاز ڪيو ته ان وقت جي سرمائيدار طبقي مزودر تحريڪ کان خوفزده ٿي تحريڪ کي ڪچلي ڇڏيو.عالمي مزدور يونين جي وجود سان مزدورن جي تحريڪ کي هٿي ملي. هن چيو ته پاڪستان ۾ موجود کاٻي ڌر جي تحريڪ کي ڌڪ رسيو آهي.ان جو اهم سبب موجود تنظيمن جو پورهيت طبقي سان ويجهڙائپ گهٽ آهي.95 سيڪڙو ڪمپينن وٽ مزدور مستقل بنيادن تي ناهن رکيا ويا جنهن سان پاڪستان ۾ مزدور جي مستقبل کي خطرو آهي. ادارن کي خانگائڻ سان مزدور تحريڪن کي ڌڪ رسيو آهي.جنهن سان مزدور تحريڪون ڪمزور ٿيون آهن، موجوده حڪومت جڏهن پي آءِ اي کي خانگائڻ جو فيصلو ڪيو ته سموري ملڪ ۾ پي آءِ اي جا ملازم رستن تي نڪري آيا. پاڪستان جي تاريخ ۾ بلديا فيڪٽري جو سانحو نهايت ڏکوئيندڙ واقعو هو.. هن چيو ته فوجي آمريتن سبب جمهوريت ۽ پورهيت تحريڪن کي وڏو نقصان رسيو آهي.پنجاب جو مزدور اڄ به وڙهي رهيو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ مزدورن جي حقن لاءِ جيڪا قانون سازي ڪئي وئي.اڄ جون جمهوري حڪومتون مزدورن جي حقن لاءِ پاس ٿيل قانون کان لاتعلق بڻيل آهن.اسان وٽ مزدور يونين ۾ به مذهبي ڌريون مداخلت ڪري رهيون آهن.جنهن جو بنيادي سبب ٽريڊ يونين جون غلط پاليسون آهن. پاڪستان ۾ ماضي ۾ ٽريڊ يونين تحريڪ جا وڏا جلسا ٿيندا هئا جيڪي هاڻي نه هئڻ برابر آهي. ماضي جي ڀيٽ ۾ اڄ جي وقت ۾ مزدور تحريڪ نالي ماتر برابر رهي آهي ٽريڊ يونين جي ڪمزورين سبب اسان جو پورهيت پهرين مئي کان به اڻ واقف آهي.پهرين مئي جي ڏينهن تي به مزدور پورهيو ڪري ٿو. ناصر منصور صحافين اسد چانڊيو، تصوير سنديلو ۽ سماجي اڳواڻ مخدوم شمس ۽ اسد ممتاز رڏ جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: نيوز بليٽن ڏهون

پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن وٽ توهين عدالت ڪارروائي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي