20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

ايس ايس پي تشدد ڪيس ۾ عمران خان ۽ طاهرالقادري جي ملڪيت جو رڪارڊ طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجو تشدد ڪيس ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پڇاڻي واري درخواست منظور ڪندي ايندڙ پيشي تي ڊاڪٽر نصير ۽ ڊاڪٽر تنويز کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي لاءِ طلب ڪري ورتو آهي. خاص عدالت جي جج شاهه رخ ارجمند ٻڌڻي ڪئي، تنهن هوندي ايس ايس پي عصمت الله ۽ ٻيا گواهه پيش نه ٿيا، عدالت کي ٻڌايو ويو ته عصمت الله جوڻيجو آمريڪا ۾ ڪورس جي لاءِ 26 سيپٽمبر تائين موڪلن تي آهي، پڇاڻي واري وڪيل درخواست ڪئي ته ايس ايس پي جو ميڊيڪل ڪندڙ ٻن ڊاڪرن کي پيش چاهيون ٿا، عدالت پڇيو ته عمران خان ۽ طاهر القادري جي ملڪيت جي تفصيل جي ڇا ٿيو؟ جنهن تي سيڪريٽريٽ ٿاڻي جي پوليس آفيسر ٻڌايو ته اسان خط لکي ڇڏيو آهي، جواب جمع ڪرائينداسين، ڊي سي اسلام آباد لکيو آهي ته ڪا خاص جاءِ ٻڌايو جنهن جو رڪارڊ گهرجي. عدالت حڪم ڏنو ته ٻيهر سمورن ماڻهن کي خط لکي ياد ڏياريو وڃي، ايندڙ ٻڌڻي تائين ملڪيت جو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ختم نبوت قانون ۾ تبديلي جا ذميوار وائکا ڪيا وڃن: سراج الحق

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪومت واعدو ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے