18 جمعرات , جنوری 2018

سلمان تاثير جو اغوا ٿيل پٽ شهباز تاثير چئن سالن بعد بلوچستان مان آزاد

Shahbaz-Taseer (1)ڪوئيٽا (م ڊ) پنجاب جي مقتول گورنر سلمان تاثير جو پٽ شهباز تاثير 5 سالن بعد آزاد ٿي ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب شهباز تاثير کي بلوچستان علائقي ڪچلاڪ مان بازياب ڪرايو ويو آهي. گهرو وزير چوڌري نثار به تصديق ڪري ڇڏي آهي. بلوچستان ۾ سي ٽي ڊي جي سربراهه اعتزاز گورايا چيو ته پوليس ۽ انٽيليجنس ادارن ڳجهي اطلاع تي ڪچلاڪ جي هڪ ڪمپائونڊ ۾ ڪارروائي ڪئي. ڪمپائونڊ مان هڪ ئي شخص مليو. جنهن پنهنجو نالو شهباز تاثير والد جو نالو سلمان تاثير ٻڌايو. بلوچستان سرڪار جي ترجمان به بازيابي جي تصديق ڪئي آهي. واضح رهي ته شهباز تاثير کي 5 سال اڳ 26 آگسٽ 2011ع ۾ لاهور عالم روڊ کان اغوا ڪيو ويو هو. تحريڪ طالبان جي بيان ۾ چيو ويو ته 2012ع ۾ شهباز تاثير ڊرون حملن ۾ ماريو ويو آهي پر اها خبر غلط ثابت ٿي. جولاءِ 2013ع ۾ لاهور پوليس 4 ماڻهن کي گرفتار ڪيو پر سندن گرفتاري باوجود شهباز تاثير جي بازيابي ممڪن نه ٿي. شهباز تاثير جي آزادي بابت سندس گهر وارن کي آگاهه ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رد ٿيل گُڏن کي عوام وري وائکو ڪري ڇڏيو: مريم نواز

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءُ ۽ ن ليگ اڳواڻ مريم نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے