23 آچر , سيپٽمبر 2018

صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او جو پاڪستان ۾ پيئڻ واري پاڻي ۾ زهريلي مواد جي وڏي مقدار تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او پاڪستان ۾ پيئڻ واري پاڻي ۾ زهريلي مواد سينکئي جي وڏي مقدار ۾ موجودگي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته سنڌو دريا کي کاٻي ڪپ تي ۽ ملڪ جي اوڀرندي علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ  6 ڪروڙ ماڻهن جي  زندگي خطري ۾ آهي. ڊبليو ايڇ او طرفان پاڪستان جي مختلف علائقن مان ورتل جـَرَ واري پاڻي جي 12 سئو نمونن جي چڪاس ڪرائي، جنهن مان پيئڻ واري پاڻي ۾ سينکئي جو وڏو مقدار هئڻ جي تصديق ٿي. جديد تحقيق واري سائنسي رسالي ۾ ڇپيل ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنکيو  بي ذائقي مادو آهي، جيڪو گرم پاڻي ۾ حل ٿي ويندو آهي، هن جو هڪ قطرو موت جي سبب لاءِ ڪافي آهي. ڊبليو ايڇ او جي معيار موجب، هڪ ليٽر پاڻي ۾ سنکئي جو وڌ ۾ وڌ مقدار 10 مائيڪرو گرام هجڻ گهرجي پر پاڪستان جي مختلف حصن ۾ پيئڻ واري پاڻي ۾ اها شرح 50 مائيڪرو گرام  تائين آهي. رپورٽ موجب گهربل مقدار کان وڌيڪ سينکيو مليل پاڻي استعمال ڪندڙ ڪينسر، دل، چمڙي ۽ ٻين بيمارين جو شڪار ٿي سگهن ٿا. تحقيق موجب، سينکيو مليل پاڻي واپرائيندڙ پاڪستان جي اوڀرندي علائقن ۽ سنڌو درياهه جي ميداني علائقن ۾ رهندڙ پنج کان ڇهه ڪروڙ ماڻهن جي حياتي خطري ۾ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد ۾ عورت عملي کي هيسائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ انتظامي آفيسرن طرفان عورت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے