25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

عوامي آواز نيوز|اليڪشن ڪميشن عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 14 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 14 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن ۾ عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عمران خان جا وڪيل بابر اعواڻ ۽ اڪبر ايس بابر جو وڪيل احمد حسن اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو.

تحريڪ انصاف جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن جي توهين عدالت جي فيصلي تي اپيل جو حق آهي، توهين عدالت بابت فيصلي جي ڪاپي 21 آگسٽ تي ملي، هاءِ ڪورٽ ۾ موڪلون آهن اتي اپيل داخل ڪئي آهي.

ان موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا حيات چيو ته فيصلي جي ڪاپي 15 آگسٽ تي تيار ٿي، اها الڳ ڳالهه آهي ته توهان کي دير سان ملي.

چيف اليڪشن ڪمشنر عمران خان توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 14 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے