23 جمعرات , نومبر 2017

ايف سي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو، 2 اهلڪار شهيد، 3 زخمي

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) تربت جي علائقي دشت ۾ دهشتگردن ايف سي جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. تربت جي علائقي دشت ۾ دهشتگردن ايف سي جي چوڪي کي نشانو بڻايو ۽ اهلڪارن تي سخت فائرنگ ڪئي. دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا. دهشتگرد حملو ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، زخمي اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته دهشتگردن جي ڳولها لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي وڏينفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميجر اسحاق شهيدن جي قافلي ۾ شامل ٿي ويو، قوم عظيم پٽ کي ياد رکندي: نواز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ميجر اسحاق شهيدن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے