18 اربع , جولاءِ 2018

اين اي 120 ۾ سڄي پنجاب حڪومت چونڊ مهم هلائي رهي آهي: جهانگير ترين

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري جهانگير ترين چيو آهي ته اين اي 120 ۾ سڄي پنجاب حڪومت چونڊ مهم هلائي رهي آهي جنهن جي باري ۾ سيڪٽري اليڪشن ڪميشن کي سموري صورتحال بابت آگاهه ڪري چڏيو آهي. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته اليڪشن آزاد ۽ طاقتور هئڻ گهرجي ۽ چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جو ڪردار اهم هوندو آهي، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي اين اي 120 ۾ پولنگ اسٽيشن جي اندر ۽ ٻاهر فوج مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ته آر او جي آفيس ۽ ڳڻپ دوران به فوج مقرر هجي. سيڪريٽري  جنرل تحريڪ انصاف جو چوڻ هو ته نواز شريف جي نااهل ٿيڻ کان پوءِ آئين ۾ ترميم جو خيال آيو، جنهن کي نه قوم مڃندي ۽ نه ئي ترميم ڪرڻ ڏينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلاول کي مسئلن جي ڪهڙي خبر، زرداري به جلد اڊيالا ويندو: عمران خان

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے