21 منگل , نومبر 2017

پراسيڪيوشن پنهنجو ڪم ڇو نٿي ڪري، ڪي پي ڪي پوليس ناڪارا آهي: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اغوا جي جوابدار کي جرڳي ذريعي معافر ڪرائڻ واري معاملي تي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته پراسيڪيوشن پنهنجو ڪم ڇو ناهي ڪندي، خيبرپختونخواهه جي پوليس ته بلڪل ناڪارا لڳندي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ اغوا جي جوابدار خالد جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي. عدالت جوابدارن جي ضمانت هڪ لک رپين جي مچلڪن جي عيوض منظور ڪري ورتي، جوابدار خالد تي پشاور مان باسط کي اغوا ڪرڻ جو الزام هو. ٻڌڻي دوران عدالت ۾ اغوا ٿيندڙ باسط جي پيءُ پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن جوابدار کي معاف ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته جرڳي ان کي ضمانت  ڏني. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته توهان معاف ڪري ڇڏيو ڇا ڪوڙو ڪيس فائل ڪيو هو؟ جسٽس مشير عالم چيو ته اسان ڏسي رهيا آهيو اڄ ڪلهه جرڳن ۾ ڪهڙا معاملا هوندا آهن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اغوا ٿيل باسط کان پڇاڻو ڪيو ته ٻن سالن تائين توهان اغوا رهيئو توهان کي خبر ناهي ته ڪٿي هيئو، ڪوڙو ڪيس ڪرڻ تي سزا به ٿي سگهي ٿي، الله تعاليٰ سچ ڳالهائڻ جو حڪم ڏنو آهي، توهان کي اغوا ڪيو ويو ته پر توهان وري به معاف ڪيو؟ جنهن تي باسط چيو ته هن جوابدار کي جرڳي جي چوڻ تي معاف ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ومبلڊن چيمپيئن جانا نووٽنا حياتيءَ جي جنگ هارائي وئي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) جمهوريا چيڪ جي ٽينس رانديگرياڻي جانا نووٽنا ڊگهو عرصو ڪينسر جي مرض …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے