23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

عوامي آواز نيوز |ڊرٻ ميهر شاه ۾ 18 سالن جو  نوجوان حبدار علي اڄڻ پراسرار بيماري ۾ مبتلا

ڊرٻ ميهر شاه ۾ 18 سالن جو  نوجوان حبدار علي اڄڻ پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.

وارث مختلف اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ باوجود نوجوان ٺيڪ نه ٿي سگهيو، نوجوان جون ڄنگهون سڪي ويون آهن جنهن ڪري گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي بستري تي پيل آهي

 غربت ۽ بيروزگاري سبب نوجوان جا وارث علاج ڪرائڻ کان بي وس  بڻجي ويا آهن.

بيمار  نوجوان جي چاچي صحافي بنگل خان اڄڻ ٻڌايو ته گذريل 12 سالن کان حبدار علي بيماري جي بستري تي پيل آهي، حبدار علي جو ڪراچي جي وڏين اسپتالن مان علاج ڪرايو آهي پر نوجوان جي صحتيابي ۾ ڪو به فرق نه پيو آهي.

 هن چيو ته ڊاڪٽرن ٻڌايو آهي ته نوجوان جي صحتياب ٿيڻ لاءِ 10کان 12لک خرچ ايندو، اسان پهريان ئي زمين ۽ گهر جو الهه تلهه وڪرو ڪري نوجوان جي علاج تي خرچ ڪري ڇڏيو آهي  بيروزگاري  ۽ غربت سبب وڌيڪ علاج نه ٿا ڪرائي سگهون،  هنن چيو ته اسان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ  صحت جي صوبائي وزير سڪندر مينڌرو، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد نواز سوهو ۽سڙندي وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته نوجوان جو علاج ڪرائي زندگي بچائي وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز|فيصلي خلاف اپيلون منظور ٿيڻ بعد مشرف وائڙو ٿي ويو آهي: فرحت الله بابر

پيپلز پارٽي اڳواڻ فرحت الله بابر چيو آهي ته مشرف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي