21 منگل , نومبر 2017

پاڪستان تي دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ وارو الزام لڳائڻ درست ناهي: احسن اقبال

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو فاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون به پاڪستان ڏنيون آهن پاڪستان تي دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ جو الزام درست ناهي. نادرا ميگا سينٽر جي دوري جي موقعي تي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو ته پاڪستان پرامن ملڪ ۽ دنيا ۾ امن ڏسڻ چاهي ٿو، عالمي برادري سان گڏجي دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سهڪار جاري رکندو. احسن اقبال چيو ته اسان پاڪستان کي  خوشحال بڻائڻ جي لاءِ رڳو سرحدن نه پر خطي ۾ امن چاهيون ٿا.  پاڪستان خطي ۾ امن جي لاءِ ڪردار  ادا ڪندو رهيو آهي ۽ ڪندو رهندو. دهشتگردي کي هڪ  ٻئي تي آڱريون کڻي ختم نٿو ڪري سگهجي پر سمورن ملڪن کي هڪ ٻئي سان سهڪار ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته سڄي ملڪ ۾ رول آف لا سڀني جي لاءِ هڪ هوندو، هڪ شخص جي گهر وڃڻ جو فيصلو عدالت ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ومبلڊن چيمپيئن جانا نووٽنا حياتيءَ جي جنگ هارائي وئي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) جمهوريا چيڪ جي ٽينس رانديگرياڻي جانا نووٽنا ڊگهو عرصو ڪينسر جي مرض …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے