21 منگل , نومبر 2017

عمران خان عوامي عدالت ۾ ڏوهاري ثابت ٿيو، هاڻ عدالت مان پيو ڀڄي: اڪبر ايس بابر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ اڪبر ايس بابر چيو آهي ته عوامي عدالت ۾ عمران خان ڏوهاري ثابت ٿي چڪو آهي. پي ٽي آءِ جو چيئرمين هاڻ پاڻ عدالت مان ڀڄي رهيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اڪبر ايس بابر چيو ته جيڪڏهن عمران خان معافي گهري ٿو ته شايد اهو معاملو ختم ٿي وڃي ها، تحريڪ انصاف جو چيئرمين اسٽي ان ڪري وٺي رهيو آهي ڇو ته هو ڏوهاري آهي. هن چيو ته نيازي خان هاءِ ڪورٽ ۾ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ التوا جي درخواست داخل ڪئي آهي. خان صاحب اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿي معافي گهري ته ادارو مضبوط ٿيندو، عمران خان اليڪشن جي تذليل ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ن ليگ مون سان مليل گهجي ها ته ايف آءِ اي  مان ڪيس جي ڪارروائي ڪرائي ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ومبلڊن چيمپيئن جانا نووٽنا حياتيءَ جي جنگ هارائي وئي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) جمهوريا چيڪ جي ٽينس رانديگرياڻي جانا نووٽنا ڊگهو عرصو ڪينسر جي مرض …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے