23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

ڪراچي برسات پوڻ کانپوءِ

گذريل ٻن ڏينهن ۾ پوندڙ برسات لڳ ڀڳ ڪراچيءَ جي سڀني حصن کي پنهنجي مِهر سان نوازيو آهي، ڪراچيءَ ۾ ساليانو جيتري برسات پوڻ گهرجي ان جي نه پوڻ سبب، ڪراچي شهر جيڪو  وڏي ايراضيءَ تي ڦهليل آهي، ۽ جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر آهي، ڪيتريون تڪليفون ڀوڳي ٿو،  جنهن ۾ گرمي، گهٽ ٻوسٽ ۽ ان سبب پيدا ٿيل ڪيتريون ئي بيماريون آهن، اهڙين حالتن ۾ ستن کان ڏهن ڪلاڪن جي ٿيندڙ لوڊشيڊنگ جيڪا هتان جي رهواسين کي تڪليف ڏئي ٿي، ان جو اظهار پرنٽ ميڊيا توڻي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي لڳاتار جاري آهي.

ٻئي پاسي ان سموري عمل خلاف ڪراچيءَ جي شاهراهن تي هر هفتي اندر ٿيندڙ احتجاجي جلوسن ۽ ڌرڻن جي صورت ۾ به لڳاتار جاري آهي ۽ ان سڀ هوندي بجليءَ جي لوڊشيڊنگ پڻ لڳاتار جاري آهي، ڇاڪاڻ ته بجلي ڏيندڙ ادارن جا مالڪ حڪمرانن جا مٽ، مائٽ ۽ دوست آهن، ظاهر آهي ته انهن کي چوڻ وارو ٻيو ته ڪوئي به نه آهي، جيڪي چوڻ وارا آهن انهن جي لاءِ لوڊشيڊنگ جو تصور اڃان تائين نه جڙيو آهي.

تازين برساتن کانپوءِ ڪراچيءَ جي اڪثر روڊن تي ٻيڙيون اڃان نه پهتيون آهن، اها خوشي ڏيندڙ ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته ايندڙ اليڪشن کي نظر ۾ رکندي ۽ ڪميشن تڪڙي سندن اڪائونٽن ۾ اچڻ واري عمل کي ڏسندي، سنڌ جي حڪمرانن ڪراچيءَ جا ڪجهه شاهراهه تڪڙ ۾ جوڙائي ورتا آهن، جنهن ڪري انهن شاهراهن جي آس پاس رهندڙ ڪراچيءَ واسي هنن برساتن کي ماڻي رهيا آهن، جڏهن ته رهجي ويل اهي سڀ ڪراچيءَ واسي هنن برساتن کي ماڻڻ کان وڌيڪ ڀوڳي رهيا آهن، ڇاڪاڻ انهن جي آس پاس اهي ئي نالا ۽ نديون آهن، جيڪي چين جي حوالي ڪرڻ کانپوءِ به صاف نه ٿيا آهن، اهي ئي گند جا ڍير آهن، جيڪي پنهنجي بدبوءِ ڦهلائي وڏي اڪثريت کي مختلف بيماريون ڏئي رهيا آهن، جن بيمارين مان، ڊينگي ۽ چڪن گونيا، جا نالا اڪثر ڪراچيءَ واسين کي پنهنجي محبوبائن جيان هر وقت ياد رهڻ لڳا آهن، ٻيون ننڍيون وڏيون بيماريون انهن کان سواءِ آهن، جن ڪراچيءَ واسين جو ساهه منجهائي رکيو آهي، هي ساهه منجهائڻ بجلي نه هجڻ سبب ساهه منجهڻ کان الڳ آهي، ۽ هاڻ جڏهن برسات وٺي آهي ته ان کانپوءِ ڇا ٿيڻو آهي؟

ڪراچيءَ ۾ جڏهن به برسات وسندي آهي تڏهن ڪراچيءَ واسي سچ پچ خوش ٿيندا آهن، جڏهن ته انهيءَ وقتي خوشي ۾ هو اهو سڀ وساري ويهندا آهن جيڪو ساڻن پوءِ ٿيڻ وارو هوندو آهي، برسات وسڻ وقت ڪراچيءَ واسي تڪڙو سمنڊ ڏي ڊوڙندا آهن، ڇاڪاڻ ته سندن وندر ۽ ورونهن جو سبب اهو ئي بڻبو آهي. هنن برساتن ۾ به ائين ٿيو آهي، ۽ هاڻ جيڪو ٿيڻ وارو آهي اهو هيءُ آهي ته اهي نالا ۽ نديون بند ٿيڻ شروع ڪندا، جيڪي صاف نه ٿيا آهن، هي گند جا ڍير، لاتعداد بيماريون ڦهلائيندا، جيڪي مختلف جراثيمن جون فيڪٽريون بڻجي ويون آهن، عضحيٰ لاءِ آيل مال منڊيءَ ۾ جيڪڏهن تڪڙي صفائي نه ڪئي وئي ۽ امڪاني ڦهلجندڙ جانورن جي بيمارين کان بچاءَ لاءِ اسپري وغيره نه ڪيو ويو ته جانورن ۾ بيماريون ڦهلجڻ جو خطرو وڌي ويندو ۽ اهي سموريون بيماريون شهر ڏانهن رخ ڪنديون جن جي لپيٽ ۾ اهي سڀ رهواسي ايندا، جيڪي منڊيءَ جي آس پاس وارن ۾ رهن ٿا، جن جي بچاءَ لاءِ اڳواٺ ئي بندوبست ڪرڻ جي گهرج آهي.

ايئن نه ڪرڻ جو نتيجو سدائين جيان اهو نڪتو آهي، جو ڪالهه رات پهرئين بوند پوڻ شرط ڪراچيءَ جي وڏي حصي کي، انٽرنيشنل سٽي/ يا روشنين جي شهر بجاءِ، آفريڪا جو ڪو اهڙو شهر محسوس ڪيو ويو، جنهن شايد ڪڏهن ئي بجليءَ جي روشني ڏٺي هجي. هي روشن شهر اونداهي کنڊ هجڻ جو ڏيک ڏيڻ لڳو ۽ بجليءَ جي اداري ”ڪي اليڪٽرڪ“ جي تُرت اپائن نه وٺڻ سبب هيءَ شهر ڪالهه شام تائين بجليءَ کان محروم رهيو. جنهن سبب ڪراچي وارن ٻن ڏينهن جو وڌيڪ عذاب ڀوڳيو.

ان عذاب ۾ اهي رهواسي وڌيڪ انگ ۾ هئا، جيڪي ڪراچيءَ جون روشنيون ڏسي، پنهنجن اونداهن ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن کي ڇڏي هن شهر ۾ رهڻ لڳا آهن، پر ڇاڪاڻ ته هي شهر جا رهواسي آهن، حڪمران نه آهن، جاگيردارنه آهن ۽ سرمائيدار يا اسيمبليءَ جا ميمبر نه آهن، جيڪڏهن هجن ها ته پڪ سان سندن علائقن جي بجلي ٻه ڏينهن ۽ هڪ رات لڳاتار بند نه رهي ها!!

ان ڪري ڪراچيءَ ۾ وسندڙ مينهن وقتي خوشي ڏيندو آهي ۽ لڳاتار عذاب ڏيندو آهي، پوءِ به هن تازي وسندڙ مينهن ڪراچيءَ جي گهڻ ماڙن عمارتن تان دونهين ۽ ڌوڙ جا سڀ تهه ڌوئي ڇڏيا آهن، وڻ ٽڻ ٻهڪي پيا آهن، انهن جي فطري ساواڻ نکري پئي آهي، ٻاهران سمورو شهر سج جي ڪرڻن ۾ چمڪي رهيو آهي، هيءُ مينهن، جنهن کي اسان رحمت جو مينهن ڪوٺيندا آهيون ان پنهنجي رحمت سان ڪراچيءَ واسين جي من جي ڪيتري مير لاٿي آهي، اهو ڪير ڄاڻي؟

اربع  23  آگسٽ  2017ع،  30  ذوالقعد  1438 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ عدالت پاران تانيا ڪيس جي نگراني جو مامرو

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي