24 جمعہ , نومبر 2017

سيد جلال محمود شاهه کي واڌايون

جي اين  مغل

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي“ ايس يو پي” جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جي تعريف ڪرڻ جي لاءِ لفظ ڪو نه ٿا ملن. واضح رهي ته گذريل آچر تي سندس پارٽي جي قيادت ۾ سنڌ جي عوام جي هڪ تمام وڏي ريلي ڪڍي وئي، انهيءَ ريلي جتي پنهنجن کي ڏڍ ڏنو آهي، اتي پنهنجو پاڻ کي سنڌ کان اوپرو سمجهندڙن کي پيغام ڏنو آهي ته سنڌ جاڳي پئي. سنڌ جو عوام دهشتگرد ناهي ۽ نه ئي سندن سياست ڪنهن منافرت تي ٻڌل آهي، پر سنڌ جو عوام پنهنجي ڌرتي لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. اهو يقيني طور سيد جلال محمود شاهه جي قيادت ۾ سنڌ جي عوام جو اهو پهريون قدم آهي، انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته انهيءَ ريليءَ ۾ ايس يو پي جو ڪجهه “ٿورين ئي سهي” پر ڪجهه ٻين قومپرست پارٽين به ساٿ ڏنو، آئون ڪنهن عرصي کان اهو چوندو پيو اچان ته سنڌ جي سياسي ڌرين کي جيڪڏهن سنڌ جو تحفظ ڪرڻو آهي ته پنهنجي سياست جو مرڪز ڪراچي کي بنائڻو پوندو.

هن مرحلي تي آئون ان ڳالهه جو ذڪر به انتهائي مناسب سمجهان ٿو ته ڪجهه عرصو اڳ جسقم جي بهادر اڳواڻ شهيد بشير خان قريشي جي قيادت ۾ به سنڌ جي سياسي ڪارڪنن جي هڪ وڏي ريلي ڪراچي ۾ ڪڍي وئي هئي. پر بعد جي حالتن مان پڌرو ٿيو ته اها ڳالهه ڪيئي ڌرين کي پسند نه آئي، جن ۾ شايد ڪي طاقتور ڌريون به شامل هيون. ان جي  نتيجي ۾ پرسرار طور تي بشير خان قريشي کي شهيد ڪري سنڌ ۽ سنڌ جي عوام کان سدائين جي لاءِ ڌار ڪيو ويو. ان مثال مان ڪو ڊپ ڪرڻ جي ضرورت ناهي، ان مان ڪنهن به صورت ۾ اهو مطلب نه ڪڍيو وڃي ته سيد جلال محمود شاهه ان سلسلي کي اڳيان نه وڌائي. سنڌ جي عوام کي سيد جلال محمود شاهه مان تمام وڏيون اميدون آهن. مون اٽڪل ٻه ٽي مهينا اڳ ٻه ٽي ڪالم لکي سنڌ جي سنڌ دوست ڌرين کي گڏجي ڪراچي ۾ پنهنجي پرامن سياسي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي، ان سلسلي ۾ مون هڪ ڪالم ۾ خاص طور تي سيد جلال محمود شاهه کي اڳيان وڌي عوامي سياست جي قيادت ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. ان جو بلڪل اهو مطلب ناهي ته سيد جلال محمود شاهه ۽ سندس پارٽي منهنجي ان اپيل تي اهو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي،

سچي ڳالهه اها آهي ته جڏهن ڀٽن وڃي ڳڙهي خدابخش جو قبرستان وسايو آهي، تڏهن کان سنڌ ۾ هڪ وڏو سياسي خال پيدا ٿي پيو آهي. ڀٽن کانپوءِ پيپلزپارٽي جن جي ور چڙهي تن سنڌ سان جيڪو حشر ڪيو آهي، سو مڙني جي اڳيان آهي، ڪو وقت هو جڏهن سنڌ جي قيادت سائين جي ايم سيد جي هٿن ۾ هئي، ان کانپوءِ اهو خال ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد بينظير ڀٽو پُر ڪيو، هاڻ وري سنڌ جي سياست ۾ خال آهي ۽ اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته سنڌ جا پير، جاگيردار ۽ وڏيرا انهيءَ خال کي نه  ڀري سگهندا. اهي ته پاڻ سنڌ کي وڌيڪ فقير بنائڻ جي لاءِ اوپرن ماڻهن جي اشارن تي ڪا قصر نه ڇڏيندا ۽ نه ئي هنن ايستائين ڪا ڪمي ڪئي آهي، آئون ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪندو هلان ته سائين جي ايم سيد نه جاگيردار هو، نه پير هو ۽ نه ئي سائين جلال محمود شاهه ڪو جاگيردار ۽ وڏيرو آهي، ها هو سيد ۽ وچولي طبقي جو زميندار ضرور آهي، پر هن جي خلاف اڄ ڏينهن تائين سندس علائقي جي ماڻهن سان غلامن وارو سلوڪ ڪرڻ جي ڪا به شڪايت نه آئي آهي.

اهو ئي سبب آهي جو موجوده حالتن ۾ مونکي واحد سيد جلال محمود شاهه جي شخصيت نظر آئي ۽ مون کائنس توقع ڪئي ته جيڪڏهن هو ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد بينظير ڀٽي وانگر عوامي سياست جي قيادت ڪري ته نه فقط سڄي سنڌ سندس قيادت ۾ اٿلي پوندي، پر سنڌ کي به هڪ مضبوط ڀرجهلو ملي پوندو. آئون سمجهان ٿو ته سائين جلال محمود شاهه گذريل آچر تي ڪراچي ۾ جيڪا شروعات ڪئي آهي، تنهن سچ پچ سنڌ جا ڪيئي عوامي سياست جا رڪارڊ تازا ڪري ڇڏيا آهن. حالانڪه سڀني سنڌي اخبارن ان ريلي جي سٺي ڪوريج ڪئي آهي، پر آئون خاص طور تي عوامي آواز جي تعريف ڪرڻ بغير رهي نٿو سگهان، جنهن انهيءَ ريليءَ جي بي مثال ڪوريج ڪئي ۽ خاص طور اهو جملو پنهنجي رپورٽ ۾ شايع ڪيو ته ”ان ڏينهن سنڌين جو سمنڊ ڪراچي ۾ اٿلي پيو“ ، اها ڳالهه به همت افزا آهي ته انهيءَ ريليءَ کي خطاب ڪندي سيد جلال محمود شاهه سيپٽمبر کان سنڌ ۾ ڪرپشن خلاف رابطا مهم هلائڻ جو اعلان ڪيو. ان اعلان جي به جيتري آجيان ڪجي اها ٿوري آهي. اها ڳالهه ته اعطمينان جوڳي آهي ته سنڌي پرنٽ ۽ سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا انهيءَ ريلي جي زبردست ڪوريج ڪئي.

ساڳي وقت ان مرحلي تي آئون اردو اخبار جنگ جي تعريف ڪرڻ بغير رهي نٿو سگهان، جنهن نمايان جڳهه تي خبر شايع ڪئي، آئون تجويز ڏيندس ته سيد جلال محمود شاهه جي هدايتن تحت ايس يو پي جي سيڪنڊ رينڪ رهنمائن جي هڪ ٽيم اخبار جنگ جي چيف ايڊيٽر سان ملي انهيءَ جي تعريف رڪارڊ ڪرائي. ان جي برعڪس، افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته ٻي اردو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا يا ته بلڪل ڪوريج نه ڏني ۽ جي ڏني ته نالي ماتر. منهنجي تجويز آهي ته قومي ميڊيا جي جن به اخبارن ۽ چئنلن انهيءَ ريليءَ جي مناسب ڪوريج ڪئي آهي، انهن جي سربراهن سان به ايس يو پي جي ساڳي گروپ کي ملي ان ڪوريج جو شڪريو ادا ڪرڻ گهرجي. باقي قومي ميڊيا جي جن اخبارن ۽ چئنلن هيڏي وڏي ريلي کي نظرانداز ڪيو آهي، انهيءَ خلاف مناسب احتجاج ڪيو وڃي ۽ بيان به ڪڍيا وڃن ۽ انهن اخبارن ۽ چئنلن جي انتظاميا سان ملي، انهن کي پنهنجي جذبات کان آگاهه ڪري، خبر دار ڪيو وڃي ته جيڪڏهن انهن اخبارن ۽ چئنلن طرفان آئينده به اها روش اختيار ڪئي وئي ته پوءِ انهن اخبارن ۽ چئنلن خلاف سڄي سنڌ ۾ بائيڪاٽ ڪرايو ويندو ۽ مختلف خانگي ادارن تي زور ڀريو ويندو ته انهن اخبارن ۽ چئنلن کي آئينده اشتهار نه ڏنا وڃن.

هن مرحلي تي آئون سائين جلال محمود شاهه جي انهن ڪاوشن جي هڪ ڀيرو ٻيهر هن ئي ڪالم ۾ تعريف ڪندس ۽ کيس اپيل ڪندس ته سندن هي ريلي سنڌ جي جدوجهد جي سلسلي ۾ پهريون ڪامياب قدم آهي، انهن کي اهڙا ٻيا به قدم کڻڻا پوندا. ان سلسلي ۾ آئون هنن کي خاص طور تي تجويز ڏيندس ته هو هاڻ ٻيو قدم اهو کڻن ته سنڌ جون اهي سياسي ڌريون جيڪي خود کي محب وطن ڌريون سڏين ٿيون، انهن جي قيادت وٽ هلي وڃي ۽ سندس ان جدوجهد ۾ ساٿ ڏيڻ تي زور ڀري، ان ۾ سندن گهٽتائي نه هوندي، اها سنڌ جي ۽ سندن عزت هوندي. پاڻ گهٽ ۾ گهٽ اهڙي قيادت جي نشاندهي ڪري انهن وٽ لنگهي وڃي هنن کي اپيل ڪري ته هو به ساڻس گڏ ٻاهر نڪرن ۽ سنڌ کي درپيش چئلينجن جو گڏجي مقابلو ڪن. انهيءَ مرحلي تي آئون سنڌ جي انهن مڙني سياسي ڌرين جي قيادت کي به اپيل ڪندس ته هو سنڌ جي هن سڏ کي سڏ ڏئي خود سيد جلال محمود شاهه سان رابطو ڪن ۽ ان جدوجهد جو حصو بڻجڻ جو اعلان ڪن.

ان ۾ سندن عزت هوندي، هو سيد جلال محمود شاهه کي چون ته اوهان اڳتي وڌو اسان ان جدوجهد ۾ توهان سان گڏ آهيون، پر جيڪڏهن سائين جلال محمود شاهه خود هنن وٽ لنگهي اچي ٿو ۽ سنڌ کي درپيش چئلينجن ڏانهن متوجهه ڪري ٿو پوءِ کيس مايوس نه ڪن ۽ هن جدوجهد ۾ سائين جلال محمود شاهه سان پهرين صف ۾ گڏ هجن، جيڪڏهن انهن مان ڪا به ڌر منهن ڦيرائي ٿي ته ياد رکن ته سنڌ ۽ سنڌ جو عوام ڪڏهن به هنن کي معاف نه ڪندو. آئون ڪيتري عرصي کان چوندو اچان ته سنڌ تي چئو مکي جنگ مسلط ٿيڻ واري آهي، سنڌ جو عوام ۽ سنڌ جي سياسي قيادت مڙي مٺ ٿئي ۽ ان چئومکي جنگ جو گڏجي پير ڄمائي مقابلو ڪري.

هينئر ڇا پيو ٿئي؟ ڇا اڃا به اسان جي سياسي قيادت ان ڳالهه کان آگاهه ناهي ته سنڌ تي چئو مکي چڙهائي ٿي چڪي آهي. مسلم ليگ جي حڪومت چئن سالن کان صوبن کي آئين تحت قومي مالياتي ايوارڊ نه ڏنو آهي، يا ارڙهين آئيني ترميم تحت جيڪي ادارا صوبن جي حوالي ٿيڻا هئا، ان جي اڪثريت اڃا مرڪز جي قبضي ۾ آهي، مسلم ليگ جي انهن آئين دشمن قدمن جو سڀ کان وڌيڪ متاثر سنڌ صوبو آهي، سنڌ جو هي گورنر ڇا آهي ۽ ڇا پيو ڪري؟ ڇا ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري، ڪراچي تي گورنر راڄ لاڳو ٿي چڪو آهي، ڪراچي جي ڪجهه نسلي تنظيمن طرفان گڏجي هڪ ٿيڻ جون ڪوششون ڇا سنڌ خلاف ڪنهن به وقت ڪو وڏو طوفان اٿڻ جون نشانيون ناهن؟، سڀ کان وڏي ڳالهه ته لنڊن ۾ آمريڪي کان آيل آمريڪي انتهاپسند، ايم ڪيو ايم جو باني ۽ خان آف قلات جي ملاقات ۾ ڪهڙي منصوبابندي ٿي رهي آهي، اهي سڀ سرگرميون ڪهڙا نتيجا ڪڍي سگهن ٿيون؟، ڇا اڃا به اسان جي قيادت کي يقين ناهي ته سنڌ هن وقت ڪنهن خطرناڪ چئو مکي جنگ جي وڪڙ ۾ اچڻ واري آهي، ڇا اهڙي مرحلي تي به اسان کي پنهنجي پارٽي ۽ پنهنجي قيادت پياري هوندي؟.(انهن مڙني نقطن تي آئون هڪ الڳ تفصيلي ڪالم لکندس)

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

موت جو راڪاس بڻجي ويل سنڌ جا روڊ..!!

محمد حيات تنيو ڪجھه مخصوص منظور نظر ۽ مراعايت يافته طبقي جي ماڻهن کان علاوه، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے