23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

سياسي پارٽِيون ۽ احتساب جي گهرُ..؟

مصطفيٰ  جمالي

                         آل پاڪستان مسلم ليگ جي ٽن اڳواڻن جا نالا ته مونکي ياد آهن،جن ۾ هڪ سابق صدر ۽ اڳوڻو آرمي چيف جنرل پرويز مشرف آهي  ۽  ٻيو ڊاڪٽر امجد ۽ ٽيون احمد رضا خان قصوري آهي جنهن کي تازو تازو پارٽي مان نيڪالي ڏني وئي آهي.جيڪو سندس خرچ برداشت  نه ڪرڻ جي سڀ کان وڌيڪ اهم وجهه آهي،مان سمجهان ٿو ته ڳالهه جيڪڏهن خرچن جي آهي ته پوءِ اها سورنهن آنا سچ هوندي. ڇو ته اهو واحد سبب هوندو آهي جنهن سان پارٽِي جي رهنمائن کي اڪثر نيڪالي ملندي رهندي آهي.!جڏهن ته ڳالهه احمد رضا قصوري جي آهي ته انُ ڊاڪٽر امجد جي باري ۾ الزام لڳايو هو ته فيصل آباد جلسي ۾ آيل هڪ به ماڻهو کي ڏهاڙِي نه ڏني هئي جيڪي هو ٻهراڙِي ۾ في ڏينهن  ڏهاڙي تي وٺي آيو هوُ، جڏهن ته احمد رضا قصوري اهو به چيو ته، هن سان واعدو ڪيو ويو هو ته جيڪي به ماڻهو هو ٻهڙاري کان جلسي لاءِ آڻيندو انهن سڀني ماڻهن کي هڪ ڏينهن جي ڏهاڙِي ڏني ويندي، جيڪو واعدو اڳيان هلي ڪري پورو نه ٿي سگهيو، اهڙِي شڪايت کڻي جڏهن احمد رضا قصوري پنهنجي اڳواڻ وٽ پهتو ته پئسا پئسن جي ماڳ الٽو کيس پارٽي مان نيڪالي جو حڪم جاري ڪيو ويو، ۽ اهڙي ريت احمد رضا قصوري مسلم ليگ کي الواع ڪري ويو،پر ڳالهه جيڪڏهن پئسن جي آهي ۽ ٻهراڙي مان آيل هڪ ڏينهن جي ڏهاڙي تي آيل ماڻهن جي آهي ته پوءِ اها به ڳالهه  پڪ سان سچي هوندي ته هر پارٽِي اندر ماڻهن جو ايترو هجوم پڪ سان انهن جي محبت ۾ نه ايندو هوندو،ڇو ته هن وقت ڪهڙي پارٽي آهي جنهن عوام کي سک ڏنا آهن.

جيڪڏهن الڪيشن ڪميشن تحريڪ انصاف کان پئسن جو حساب گهري رهي آهي ته کيس حساب ڏيڻ گهرجي ڇو ته بقول پارٽي جي اڳواڻ جي ته سندس پارٽي ۾ بدعنواني جو تصور به ناهي، ان ڪري کيس پارٽي جو حساب ڏيڻ گهرجي، ان ڪري تحريڪ انصاف مسلسل انهي ڳالهه کان لهرائي رهي آهي ۽ پاڻ مٿان انصاف جي چادر اوڍڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.جنهن مان صاف ظاهر آهي ته ڪا نه ڪا گڙٻڙ ضرور آهي.جو تحريڪ انصاف پنهنجو انصاف ڏيڻ کان لهرائي رهي آهي، ان ڪري انهي ڳالهه انهي پهاڪي مثل آهي ته اٺ ڪهڙي به پاسي ويهي سگهي ٿو،ان ته هڪ تاريخي واقعو ياد اچي ويو ته عالم دين مولانا دائود غزنوي جيڪو قيام  پاڪستان کان پهرين ڪانگريس جي پنجاب شاخ جا فناس سيڪٽري هو،۽ پوءِ جڏهن هوُ اها جماعت ڇڏي جڏهن مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ته پنڊت نهرو مولانا عطاالله شاهه بخاري کي چيو ته شاهه جي مولانا دائود ڪانگريس ڇڏي ڪري مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويو آهي جنهن جو کيس حق آهي پر توهان کائونس فنڊنگ جو حساب ته وٺو.؟ جڏهن ته شاهه جي جو ڪانگريس سان ڪوبه تعلق نه هو ۽ نه ئي مسلم ليگ سان ڪو تعلق هو،شاهه نهرو سان لطيفي جي انداز ۾ ڳالهه ڪندي چيو ته پنڊت جي محمود غزنوي ڪو حساب ڏنو هو جو توهان مولانا دائود کان حساب گهري رهيا آهيو.

احمد رضا قصوري ٻهراڙي مان ڏهاڙي تي ماڻهو وٺِي اچڻ ۽ پوءِ انهن ماڻهو جي ڏهاڙي جو پارٽي کان حساب گهرڻ تي  پارٽي کان فارغ ته ڪيو ويو آهي، پر حيرت واري ڳالهه ته اها آهي ته اهي هيٺ ويهڻ وارا ڪٿي آهن،جن جواب ۾ پرويز مشرف کي ئي پارٽي نيڪالي ڏئي ڇڏي،۽ ڪٿي آهن اهي جيڪي پاڻ کي پي ايم ايل جا مکُ اڳواڻ سڏائيندا هئا،ان ڪري افسوس آهي جيڪا مسلم ليگ پارٽي کي هڪ ڪرڻ لاءِ نڪتي هئي، اها پارٽي خود حصن ۾ ورهائجي چڪي آهي،ڇو ته هڪ طرف احمد رضا قصوري آهي ۽ ٻئي پاسي پرويز مشرف ۽ ڊاڪٽر امجد ۽ هڪ ٻيو پارٽي اڳواڻ فواد چوڌري جيڪو پهرين ئي پارٽِي کي الواع چڪو آهي،پر ڪنهن زماني اندر عائشه گلالائي به پي ايم ايل جو حصو هئي،جٿان کانپوءِ پوءِ هوُ تحريڪ انصاف ۾ آئي،۽ اها سڀني کي خبر هوندي ته ٿوري وقت ۾ هن پارٽي کان عليدگي اختيار ڪري ورتي آهي،جنهن جي سببن جي به سڀن کي خبرهوندي،پر خير هڪ پارٽِي کان ٻئي پارٽي اندرماڻهن جو اچڻ وڃن ٿيندو رهندو آهي،ڊاڪٽر فرودس اعواڻ به ٿوري عرصي ۾ پ پ کي ڇڏي ڪري تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي چڪي آهي،جڏهن ته سندس ٻه ڀاءُ پهرين ئي تحريڪ انصاف ۾ شامل هئا جن اها پارٽي ڇڏي ڏني آهي،جنهن جو ڪارڻ شايد ڊاڪٽر فرودوس اعواڻ آهي، ظاهري ڳالهه آهي ته انهن ٻنهي ڀائرن مان ڪو هڪ ٽڪيٽ جو اميدوار ته ضرور هوندو پر ڊاڪٽر فردوس اعواڻ جي اچڻ کانپوءِ کين يقين تي ويو هوندو ته کين ڊاڪٽر فردوس اعواڻ جي موجودگي ۾ ٽڪيٽ نه ملي سگهندو، ان ڪري انهن پارٽِي ڇڏڻ کي ئي بهترعمل سمجهيو،ان ڪري هوُ هن وقت پاڪستان پيپلزپارٽِي ۾ هليا ويا آهن ته شايد اتي کين ڪا چانس ملي وڃي.

رهي ڳالهه مسلم ليگ جي ته مسلم ليگ پنهنجي اڳواڻن کي متحد ڪرڻ ۾ اڃان تائين ڪامياب نه وئي آهي جڏهن ته پرويز مشرف جي اها سوچ آهي ته هو ايندڙ اليڪشن کان پهرين پهرين پنهنجي پارٽي کي هڪ مضبوط پارٽي طور سامهون وٺي اچي  ۽ سندس پارٽي جي سياسي قوت حاصل هجي جيڪا ايندڙ اليڪشن ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي سان مقابلو ڪري سگهي،پر اڃان مسلم ليگ متحد نه سگهي آهي ۽ نه ئي اهڙي پوزيشن ۾ آهي جو هو هيڏين وڏين پارٽين جو مقابلو ڪري سگهي،ظاهري ڳالهه آهي ته پرويز مشرف ته هن وقت دبئي ۾ ويٺل آهي ۽ پنهنجي پارٽي جون گڏجاڻيون به دبئي ۾ ڪرائي رهيو آهي ۽ پاڪستان اندر چوڌري شجاعت حسين آهي جيڪو مسلم ليگ جي اڳواڻن کي متحد ڪرڻ جو ڪوششون ڪري رهيو آهي پر اڃان تائين کيس ڪا به ڪاميابي نه ملي سگهي آهي.

جڏهن ته چوڌري شجاعت کي اها اميد آهي ته هوُ اليڪشن کان پهرين پنهنجي پارٽِي اڳواڻن کي راضي ڪري وٺندو ڇو ته کيس يقين آهي ته اليڪشن اندر ڪافي ٽائيم پيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم خاقان شاهد عباسي چيو آهي ته هرحال ۾ اليڪشن 2018ع ۾ ٿيندي،پر جماعتن کي يقين آهي ته ايندڙ اليڪشن 2018ع ۾ ٿي يا 2020۾ پر سياسي موسم هڪ جهڙو ئي رهندو، انهي ڪري جماعتون پنهنجو پنهنجي احستاب جي بحث هميشه ڇيڙينديون رهينديون آهن.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عدالتن کي منهن ڏيندڙ جماعتون ۽ سياسي طاقت جو مظاهرو

صاحب خان ڀٽي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي اميد ئي نه هئي ته پاناما ڪيس سندس …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي