21 منگل , نومبر 2017

زرداري جي آمد ۽ سنڌ ۾ نيب کي ڪم جاري رکڻ جي اجازت.

منان  چانڊيو

                         ڪيڏي نه عجيب اتفاق جي ڳالھه آھي ته ملڪ جو اڳوڻو صدر پ. پ. پ. جو شريڪ چيئرمين رئيس وڏو پرڏيھه مان ھوا کائڻ کان پوءِ تازو توانو ٿي، جنھن وقت زنده دلين جي شھر لاھور جي ھڪ پوش پاڙي ۾ ملڪ رياض جھڙي سخي مرد جي پگھر پورھئي جي رقم مان تعمير ٿيل بلاول ھائوس_ٽو جي اڱڻ تي چوياري لڳائي، پنجاب جي سياست کي فتح ڪرڻ جا طور طريقا ۽ گس گرُ تلاش ڪري رھيو ھو، ۽ ان کان اڳ چنيوٽ واري ڪامياب عوامي ميڙاڪو مچائڻ تي پنھنجي پڳدار پٽ کي شاباس ڏئي رھيو ھو. ٺيڪ تنهن وقت سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس احمد علي شيخ جنھن جو تعلق لاڙڪاڻي سان آھي، تنھن ھڪ درخواست جي روشني ۾ سنڌ اندر نيب کي ڪرپشن ۽ ڪرپٽ ھمراھن کي پڪڙ ۾ آڻڻ لاءِ پروانو جاري ڪري رھيو.

ھونئن ته مٿي بيان ڪيل ٻنھي ڳالھين جو ھڪ ٻئي سان سڌو سنئون واسطو ناھي، پر پوءِ به اھي معامرا پ. پ. پ جي قيادت سان سلھاڙيل ۽ انتھائي اھم آھن. ڇو ته ھڪ طرف پنجاب ۾ پ. پ. پ  پنھنجي وڃايل سياسي ساک کي نئين سر بحال ڪرڻ جون ترتيبون ۽ ترڪيبون ڏيڻ جي جستجو ۾ جنبيل هئي. سو به ان وقت جنهن وقت ميان نواز شريف نااھل ٿي اقتداري ايوان مان تڙجي وڃڻ باوجود وڏي طمطراق سان عوامي انبوهه ساڻ ڪري اسلام آباد مان اُسھي، لاھور اڃان مس رسيو ھو. ۽ ان کان سواءِ اڌ ديسي اڌ ولائيتي مولوي صاحب پڻ مال روڊ تي ماڊل ٽائون واري سانحي جي مرحومن جي ياد ۾ لڳل ھڪ ڌرڻي کي خطاب ڪري رھيو ھو. ان ئي احتجاجي جلسي کي خطاب ڪرڻ لاءِ شيخ رشيد ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ به مولوي صاحب جي ساڄي کاٻي پاسن کان بيٺل ھئا.

تنھن جو مطلب ته ھن وقت لاھور ملڪي سياست جو اھم محور بنيل آھي. ان ڪري آصف زرداري اھو محسوس ڪيو ته نواز شريف جي مٿان جيڪا سياسي ۽ قانوني مصيبت نازل ٿي آھي، ان مان مڪمل سياسي فائدو وٺڻ جو انتھائي اھم موقعو آھي. تنهن موقعي مان تحريڪ انصاف کي فائدو وٺڻ جي آڏو سياسي ڍال بنجڻ لاءِ زرداري صاحب پرڏيهھ ۾ عيش عشرت واري زندگي بصر ڪرڻ کان وڌ پنجاب ۾ پ. پ. پ کي مظبوط بنائڻ جي گھرج محسوس ڪندي پنھنجي رھبري ۾ سياسي سرگرميون شروع ڪرڻ کي ترجيح ڏني ۽ جتي پ. پ. پ مان وڌيڪ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو تحريڪ انصاف ڏانھن وڃڻ واري سلسلي کي بند ڪرڻ لئه پ. پ. پ پنجاب جي اھم سينئير اڳواڻن سان صلاح مصلحت ڪرڻ شروع ڪري ڏني آھي، اتي وري جيڪي ڪجهه وقت اڳي پ. پ. پ کي خيرباد چئي ٻين سياسي پارٽين ڏانھن وڏا يا ننڍا اڳواڻ ويا ھئا انھن کي واپس آڻڻ لاءِ به سوچ ويچار شروع ڪري ڏني آھي.

ڏٺو وڃي ته ملڪ جي ٽنھي صوبن کان وڌيڪ پنجاب ۾ قومي اسيمبليءَ جون سيٽون آھن. ۽ اھا به حقيقت آھي ته جيڪا به سياسي پارٽي پنجاب کي اليڪشني طرح فتح ڪندي اھائي پارٽي ملڪ جي اقتداري تخت ۽ تاج تي ويھندي. ان سياسي ۽ اليڪشني صورتحال کي نظر ۾ رکندي تحريڪ انصاف جو خان صاحب اھو پنھنجو سياسي حق سمجھي ٿو ته ھن ئي ميان صاحب کي پي. ايم ھائوس مان آئوٽ ڪرايو آھي. انڪري ايندڙ وقت ۾ ھو ئي پي. ايم ھائوس ۾ ديرو دمائڻ جو حق رکي ٿو.

جڏھن ته زرداري صاحب جي به اھائي تمنا آھي، ته پ. پ. پ جي باني ذوالفقار علي ڀٽي 1970ع ۽ 1977ع جي عام چونڊن ۾ پنجاب اندر شاندار سوڀ ماڻي ھئي. ۽ ان کان علاوہ محترمه جي قيادت ھيٺ 1988ع ۽ 1991ع ۾ پ. پ. پ ساڳئي قسم جي روايت کي برقرار رکيو، ۽ ھاڻي وري ھڪ ڀيرو ٻيھر سندس ۽ بلاول ڀٽو جي رھنمائي ۾ پنجاب کي سياسي طور ھيٽرڪ ڪرڻ جو مناسب ۽ سونھري موقعي مان ڀرپور فائدو وٺي اھو ثابت ڪرڻو آھي، ته پ. پ. پ ڪالهھ به زنده ھئي، اڄ به زنده آهي ۽ سڀاڻي به زنده رھڻي آهي.

ھتي اھا ڳالھه نوٽ ڪرڻ جھڙي آھي، ته پاناما ڪيس، جي. آءِ. ٽي ۽ سپريم ڪورٽ جي زد ۾ اچي ميان صاحب پھرئين مرحلي ۾ گھر ڀيرو ٿي چڪو آھي، ۽ ٻئي مرحلي ۾ پنھنجي اولاد سميت نيب جي وڪڙ ۾ اچڻ وارو آھي. تنهن جي باوجود اھڙين پيچيدہ حالتن ھوندي به ھن آڻ ڪون مڃي آھي. ان کان سواءِ سندس ئي پارٽي جو ھڪ ليگي شاھد خاقان عباسي وزارت اعظمي جي منصب تي برجمان آھي. اھڙي ريت ننڍو ميان صاحب به پنجاب جھڙي اھم ۽ طاقتور صوبي جو خادم اعلي آھي. انڪري نوازليگ ۽ ان جي قيادت آساني سان پ. پ. پ ۽ تحريڪ انصاف کي پنجاب اندر سياسي ديرو دمائڻ ڪونه ڏيندي. ھا باقي اهو ضرور ٿيو آھي، ته شينھن جي ماريل کي گدڙ لازمي کائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي، پر اھو امڪان گھٽ آھي، ته پنجاب اندر گذريل ڪيترن ئي سالن دوران ميان شھباز شريف پنھنجي پيداواري وسيلن ۽ وڏي ميان جي ھِتان ھُتان پٽ ڊوهه ڪري جھڙي طرح پنجابي عوام کي نوازيو آھي. ان نوازش کي پنجابي ماڻھو ٺڪرائي ڪنھن غير پنجابي ليڊر جي پويان ھلن اھو ناممڪن نه پر تڏھن به مشڪل ضرور آھي. خير، پاڪستان جھڙي ملڪ ۾ ڪجهه به ٿي سگھي ٿو.

اسان شروعات ۾ چيو هو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ طرفان نيب کي سنڌ اندر پنھنجو ڪم جاري رکڻ جي اجازت ملڻ کان پوءِ سنڌ سرڪار جي منسٽرن چونڊيل عيوضين ۽ دبنگ آفيسرن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي چڪي آھي. ڇاڪاڻ ته اھو سمجھي کين دلجانءِ ٿي ھئي، ته سنڌ اسيمبلي ٻه ڀيرا پنھنجي يعني پ. پ. پ جي ايم. پي. ايز پاران نيب کي سنڌ مان تڙي ڪڍڻ وارن بحال ڪيل ٺھرائن جي ڪري، ھو ڪرپشن جھڙي ٻه مھين بلا جي ڏنگڻ کان محفوظ ٿي ويندا. ليڪن ھمراھن تان اھا آفت ڪونه ٽري، ۽ ھو اڳ وانگي نيب جي سخت پڇاڻن دڙڪن، دھمانن ۽ سزائن کان بچي نه سگھندا.

مزي جي ڳالهه اھا آھي، ته ميان صاحب جي نااھلي ۽ نيب جي حاضرين ڀرڻ تي زرداري صاحب ۽ ھن جا حمايتي تمام گھڻو خوش ٿيندي وڏي واڪي اهو چئي رھيا آھن، ته ميان برادران جي ڪيل مھان ڪرپشن جو پائي پائي جو حساب وٺي کين ڪيفي ڪردار تائين پھچايو وڃي، پر جڏھن ساڳئي قسم جا الزام مٿن لڳن ۽ ظاھر ٿين ٿا ته پوءِ ھو وفاق جي بي واجبين جي ڳالھ ڪندي صوبن ۽ قومن جي قومي، آئيني ۽ جھموري حقن تي ڌاڙا لڳڻ جو بي سرو راڳ آلاپڻ شروع ڪن ٿا. ھنن جي اھڙي ٻٽي معيار اختيار ڪرڻ تي سنڌ جي ھڪ يگاني درويش، وتائي فقير جي ھڪ چوڻي ياد اچي ٿي جيڪا پ. پ. پ جي ڪرپٽ ڪردارن تي صفا ٺھڪي اچي ٿي، يعني ھڪ پوڙھي مائي وتائي فقير وٽ ھلي آئي، ھن کيس چيو ته مونکي ميٽ کائڻ جي عادت آھي، دعا ڪر ته اھا عادت ڇڏيان. ان تي وتائي فقير چيس ته سڀاڻي اچجانءِ. مائي هڪ ڏينهن ڇڏي جڏھن صبح جو وٽس آئي، ته وتائي فقير کيس دعا ڪئي. ان جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ مائيءَ وتائي فقير کان پڇيو، ته اوھان ڪالھ ڇو نه دعا ڪئي..؟ جواب ۾ وتائي فقير کيس چيس، ته اصل ۾ ڪالھ آئون پاڻ ميٽ کاڌو ھو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ اندر ٻارڙن سان ٿيندڙ ناروا سُلوڪ ختم ٿي سگھندو؟

افضل  شيخ اڄ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ ٻارڙن جو عالمي ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي. ھي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے