23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

23 آگسٽ: ڇا ڏنو ڇا ورتو

فقير محمد سنڌي

  • 23آگسٽ 980ع تي مشهور سائنسدان بوعلي سينا جنم ورتو.
  • 23آگسٽ 1299ع تي مشهور سياح مرڪوپول کي جيل مان آزادي ملي.
  • 23آگسٽ 1623ع تي صوفي شاعر، شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جو وصال ٿيو.
  • 23آگسٽ 1798ع تي ٺٽي جي اڳوڻي گورنر غلام علي نظاماڻي وصال ڪيو.
  • 23 آگسٽ  1943ع تي محقق، تاريخدان ۽ اديب محمد لائق زرداري ولد احمد خان زرداري ڳوٺ محمد موسيٰ زرداري تعلقي موري ضلعي نوشهرو فيروز ۾ ڄائو.
  • 23آگسٽ 1944ع تي بالي ووڊ اداڪاره سائرہ بانو جو جنم ڏينهن آهي.
  • 23 آگسٽ  1946ع تي مثالي سماجي ورڪر ۽ ادبي ذوق رکندڙ شخصيت محمد ملوڪ انڙ ڳوٺ راهب شاهه تعلقي سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ ڄائو.
  • 23 آگسٽ  1967ع تي نئين ٽهيءَ جي شاعره رخسانه پريت اصل نالو رخسنه ڌيءَ محمد صديق چنڙ ڪاري موري، حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
  • 23آگسٽ 1972ع تي شاعر انور علي شاهه چڪ واري جي وفات ٿي.
  • 23آگسٽ 1976ع تي سينيٽ، اسلام آباد يونيورسٽي جو نالو تبديل ڪري قائداعظم يونيورسٽي رکڻ جو بل منظور ڪيو.
  • 23آگسٽ 1986ع تي ترڪي جي سابق صدر جلال بايار جي وفات ٿي.
  • 23آگسٽ 1987ع تي مترجم، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار فضل احمد بچاڻي وفات ڪئي.
  • 23 آگسٽ  1992ع سنڌ جو مشهور شاعر سليم هالائي لاڏاڻو ڪيو.
  • 23آگسٽ 2010ع تي شاعر اختر لڪياري هي فاني جهان ڇڏيو. 23آگسٽ 2014ع تي ناليواري شاعر ڪرم ٽالپر جو انتقال ٿيو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عدالتن کي منهن ڏيندڙ جماعتون ۽ سياسي طاقت جو مظاهرو

صاحب خان ڀٽي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي اميد ئي نه هئي ته پاناما ڪيس سندس …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي