23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

موسمياتي تبديلي ۽ ماليات

قاضي اعجاز

                         هتي “ موسمي تبديلي ” جي ٻن لفظن مان بُلڪل به اها مراد نه وٺڻ گهرجي ته اونهاري کان پوءِ سيارو، بهار ۽ خزان اچڻ واري موسم جي تبديلي آهي پر سموري دنيا سميت پاڪستان ۽ سنڌ ۾ اسان گرمي جي موسم وارن ڏينهن ۾ واڌ ۽ گرمي پد جو 50 سينٽي گريڊ کان وڌي وڃڻ، هٿ ٿڌ ۾ واڌ، ڪٿي برساتن پوڻ جو غير مندائتو جهجهو پوڻ، ڪٿي وري سوڪهڙي جو وڌڻ، ٻوڏن ۾ اضافو ۽ ان جون تباهيون آهن. سنڌ جي راڄڌاني شهر ڪراچي ۾ گرمي جي تپش ۾ ٿيندڙ واڌ ۽ ان جي نتيجي ۾ شهرين جو وڏي انگ ۾ اسپتالن ۾ پهچڻ ۽ موت جو شڪار ٿيڻ واري غير متوازن موسمي حالتن کي اسان هتي “ موسم جي تبديلي” چئون ٿا. جنهن کي عام طور تي “GLOBAL WARMING CLIMATE CHANGE ” عالمي تپش چيو وڃي ٿو. ان عالمي تپش جي لفظن پويان اسان ZONE LAYER ماحولياتي گئسن GREEN HOUSE GASSES وغيره کان به واقف ٿيا آهيون. يورپ جهڙن ٿڌن ملڪن جي ٿڌن ماڻهن جا گرمي جي تپش خلاف لکن جي تعداد ۾ روڊن تي احتجاج ڪندي ڏسندا آهيون، جيڪي سج جي ڪرڻن جا ايڏا ته سڪايل هوندا هئا جو جڏهن اتي سج ظاهر ٿيندو هيو ته اتان جا ٿڌ جي هنج ۾ پليل ٻار، نوجوان، ٻڍا ۽ عورتون سج جي ڪرڻن ۾ پنهنجا پٺا اگهاڙا ڪري (SUN BATH) گرمي حاصل ڪندا هئا،60 سيڪڙو انساني سرگرمين جي ڪري گرين هائوس گئسن تي اثر پيو آهي. ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ(CO2) ۾ ٽي سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. قدرتي نامياتي ٻارڻ، تيل، گئس ۽ ڪوئلي جو استعمال، ٻيلن جي وڍجڻ، جانصرن جي ڦوڳ، جانورن جي فصل، زرعي دوائن، موٽر گاڏين، ايئرڪنڊيشن جي جهجهي استعمال جي ڪري فضا ۾ ميٿين، نائيٽروجن، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ سميت ٻين گئسن جي اخراج يا پيدا ٿيڻ ڪري گرين هائوس گئس (ماحولياتڳ گئسون) ۾ واڌ ٿي آهي. گرمي جي تپش جي ڪري گليشيئرز به متاثر ٿي رهيا آهن.

گڏيل قومن جي ماحوليات واري پروگرام (UNEP) ورلڊ گليشيئر مانيٽرنگ سسٽم موجب سال 2000ع کان هر سال انهن جي ڳرڻ ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي. سيٽلائيٽ شاهدي موجب اينٽارڪٽيڪا سمنڊ جي برف گذريل 10هن سالن 1996ع کان 2000ع تائين واري عرصي دوران برف جي ڳار ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ماحوليات کي 75 سيڪڙو نقصان ٿيو آهي ان کان سواءِ هڪ سروي موجب 1970ع کان 2004ع جي وچ ۾ في ماڻهو جي سراسري آمدني ۾77 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته وڌندڙ آبادي جي ڪري ماحولياتي گئسن جي خارج ٿيڻ ۾ اضافو ٿيو آهي. ماحولياتي ماهرن موجب ترقي  يافته ملڪن جي آبادي جيڪا ڌرتي جي ڪُل آبادي جو 18 سيڪڙو آهي، انهن عالمي طور تي 2007ع واري سال ۾ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ (Co2) جو 47 سيڪڙو اخراج ڪيو آهي، ج0هن ته ترقي پذير ملڪن جي آبادي جيڪا ڌرتي جي آبادي جو 82 سيڪڙو آهي تنهن 53 سيڪڙو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪئي آهي.

هڪ ٻي رپورٽ موجب 1950ع کان 2011ع تائين دنيا ۾ شهري آبادي ۾ پنجوڻ تي اضافو ٿيو آهي جيڪي ڌرتي جي مٿاڇري جو 2.8 سيڪڙو آهي. سال 2008ع کان وٺي 50 سيڪڙو آبادي شهرن ڏانهن منتقل ٿي آهي، جتي بجلي جي وڌندڙ پيداوار استعمال، گئس، تيل نامياتي ٻارڻ، ٽرانسپورٽ جي وڌندڙ استعمال، گهرجي رڌ پچاءَ، صنعتي پيداوار، ڦوڳ، گند ڪچرو، جانورن جي وڌندڙ افزائش نسل، ٻيلن جي ڪٽآئي، لکين مانحن جي آبادي جي لڏ پلاڻ، زرخيز زمين جي تباهي، زرعي زمين کي رهائشي مقصدن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڪري فصلن جي پيداوار ۾ گهٽتائي ۽ دنيا ۾ سوڪهڙي وارين حالتن سبب خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي. گرمي جي وڌندڙ تپش جي ڪري هر سال ٻيلن کي باهيون لڳڻ وارن واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري نو فقط جانور ۽ پکي مرن ٿا پر انساني زندگي سميت ڌرتي جو ماحول پڻ متاثر ٿئي ٿو. ڪراچي، ٺٽو۽ بدين ۾ تمر جا ٻيلا وڍجڻ سبب انڊس ڊيلٽا سخت خطري ۾ آهي. تمر جي ٻيلن جي تباهي جي نتيجي ۾ مڇي جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي ۽ سمنڊ، دريائن ۽ ڍنڍن ۾ گندي پاڻي جي منتقلي جي ڪري مڇي جي زندگي خطري ۾ پئجي وئي آهي، جنهن جو مثال سنڌو درياءَ/  منڇر ۽ حمل ڍنڍ ۾ آربي او ڊي جي گندي پاڻي جي ڪري پيئڻ جو پاڻي، زرعي پاڻي زهريلو ٿيڻ جي ڪري مڇي جو ناياب نسل ختم ٿي رهيو آهي. هڪ رپورٽ موجب عالمي تپش ۽ موسمي تبديليءَ جي ڪري پاڪستان ۾ گرمي پد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، اترين علائقن ۾ برسات ۾ واڌ ۽ گرم علائقن ۾ انساني آبادي طرفان گرين هائوس گئس جي وڌندڙ نيڪال کي نظر ۾ رکندي  ڪيل تحقيق موجب پاڪستان ۾ سال 2020ع تائين گرمي جي درجي ۾  1.3 کان 1.5 تائين واڌ اچي سگهي ٿي جڏهن ته سال 2050ع تائينه گرمي پد 2.5 کان 2.8 تائين وڌڻ جا امڪان آهن.سڄي  دنيا وانگر پاڪستان ۾ به موسمي تبديلي جي ڪري 2010ع جي ٻوڏ ۽ ٺٽي،. بدين ۾ آيل طوفان جي تباهي، ڪشمير ۾ آيل زلزلو، ٿر، ڪاڇوسميت ٻين علائقن ۾ وڌندڙ خشڪ سالي، آبادي جي لڏ پلاڻ اسان جي موجوده نسل ۽ ايندڙ نسل لاءِ خطري جي گهنٽي آهي ۽ هاڻي اهي لفظGLOBAL WARMING  ۽ CLIMATE CHANGE جي خوف ۽ ان خلاف گڏيل قومن جي ڇانو ۾ يالمي ماحولياتي تپش خلاف انيڪ قسم جون تنظيمون ۽ ادارا عام ۽ خاص کي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ سان گڏ پوئتي پيل ملڪن جي حڪومتن کي به عالمي تپش کي گهٽائڻ سميت موسم جو توازن بگاڙيندڙ موسمي تبديلي کي وڌيڪ اڳتي روڪڻ لاءِ اربين رپين جو فنڊ ۽ امداد ڏئي رهيا آهن، ٻئي پاسي ماحوليات جي هتي معنيٰ اها ٿيندي ته عالمي توڙي مقامي سطح تي گرمي جي شدت کي گهٽائڻ، موسمي تبديلي جي بگڙجندڙ صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومتي، عالمي ۽ نجي سطح تي ٿيندڙ خرچ يا فنڊ آهي، جنهن وسيلي گرين هائوس گئسن جي وڌندڙ اخراج کي گهٽائڻ ۽ ان جو موسم جي تبديلي تي پوندڙ اثر کي گهٽائڻ آهي، ان ماحولياتي FINANCE ۾ موسمي تبديلي ماليات (MITIGATION FINANCE) (موسم جي تبديلي جي شدت کي پختي ارادي سان گهٽائڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ منصوبن کي فنڊ مهيا ڪرڻ آهي) شامل آهي. ٻيو ADAPTATION FINANCE سنڀال جي ماحوليات آهي جنهن ۾ انهن منصوبن کي فنڊ مهيا ڪرڻ آهي جيڪي موسمي تبديلي تي نظر رکن يا سار سنڀال لهن ۽ ٽيون آر اِي ڊي ڊي  (REDUCING EMISSION FROM DEFORESTATION AND FOREST DEGRATION IN DEVELOPMENTING COUNTRIES)

تحت ٻيلن جي حفاظت ۽ نئين سر ٻيلا لڳائڻ لاءِ پئسو خرچ ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪڏهن ڪنهن وقت ڪاربان جي واپار وارين اسڪيمن جو واپار به ڪيو وڃي ٿي. انهن ٽن قسم جي مالڳات جي نتيجي ۾ مقامي/ ضلعي ۽ ڪمونٽي سطح تي موسمي تبديلي متيلق فنڊ جو استعمال ماحول کي خوشگوار بڻائي ٿو. ڪائونسل آف پاڪستان نيوز ايڊيٽرس (سي پي اين اڳ) طرفان تازو شحافين ۽ معلومات ڏيڻ وارن شعبن ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ هڪ ڪتابچو   CLIMATE – SMART REPORTINGشايع ڪيو ويو آهي، جنهن موجب موسمي تبديلي جي ماحوليات جي حوالي سان هڪ قصمي سطح تي ٿيل هل اڀياس موجب ” پاڪستان کي موسمي تبديلي تي ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ سال ۾ 7 ارب ڊالرن کان 14 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي.“.

پاڪستان م هونئن ته موسمي تبديلي جي اڀياس، گرمي جي شدت گهٽائڻ ۽ عوام الناس ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ سميت سرڪاري سطح تي ماحوليات ۽ موسمي تبديلي جي کاتن کي فنڊ مهيا ڪرڻ لاءِ ۽ موسمي تبديلي لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ عالمي سطح ليول جي ادارن کان ملندڙ فنڊ، حڪومتي سطح ۽ ملڪ ۾ موجود پرائيويٽ سيڪٽر تي فنڊ خرچ ٿي رهيو آهي. سرڪاري سطح تي صوبائي توڙي وفاقي سطح تي ماحوليات، موسمي تبديلي، ٻيلن جو تحفظ ۽ وڻڪاري لاءِ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح 15 کان مٿي ادارا پنهنجي بجيٽ خرچ ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ ماحوليات، موسمي تبديلي کان وٺي نيشنل هاءِ وي شامل آهي. عالمي طور تي فنڊ ڏيندڙ ادارن ۾ UNDP, UNFCC, GREEN CLIMATE FUND, UNITED NATION ENVOIRNMENT PROGRAMME (UNEP)، ورلڊ بئنڪ، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ (اي ڊي بي)، ايشيا پئسفڪ نيٽ ورڪ فار گلوبل چينج ريسرچ، انٽر نيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر (IUCN)، آڪفيم انٽر نيشنل، يو ايس ايڊ سميت ٻيا عالمي ادارا شامل آهن جڏهن ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ملڪ ۾ موجود نجي ادارا پڻ ماحوليات ۽ موسمي تبديلي جي سلسلي ۾ منصوبا ٺاهي فنڊ خرچ ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولها ڪندڙ يا ان تي ڪم ڪندڙ ادارا، آٽو انڊسٽري، بوتلن جون ڪمپنيون جهڙوڪ؛ ڪوڪو ڪولا وغيره، اينگرو ڪمپني، شيل ڪمپني، يوني ليور ۽ ٻيا نجي ادارا شامل آهن.

موسمي تبديلي ماليات(CLIMATE CHANGE FINANCE)   ۾ عالمي ادارن طرفان آيل فنڊ، حڪومتي بجيٽ ۽ نجي ادارن طرفان ٿيندڙ يا استعمال نه ٿيندڙ فنڊ جي مانيٽرنگ لاءِ ڪو عوامي ۽ سرڪاي سطح تي مانٽرنگ ۽ احتساب جو گهربل مضبوط ۽ مستقل نظام موجود هجڻ گهرجي. عام شهري کان وٺي صحافي تائين معلومات ڏيڻ جي حق(RIGHT OF INFORMATION) تحت انهن فنڊن جي استعمال ۽ منصوبن جي ڄاڻ سولائيءَ سان ملڻ گهرجي. ان حوالي سان حاصل ٿيل معلومات موجب صرف هائر ايجوڪيشن 14-2013 جي مالي سال ۾ هڪ سئو سيڪڙو خرچ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻيا ادارا 50 سيڪڙو تائين خرچ ڪري سگهيا ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي بجيٽ ۾ 200 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو. تازو سي پي اين اِي پارانCLIMATE SMART REPORTING رهنمائي واري ڪتاب جي مهورت واري پروگرام ۾ سي پي اين اِي جي پروگرام ۽ پراجيڪٽ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽڙ جبار خٽڪ پنهنج تقرير ۾ انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته “اين ايچ اي(NHA) ملڪ ۾ روڊن جي نئين سر مرمت ۽ نون روڊن جي تعمير دوران 10 سلان اندر 10 ڪروڙ وڻ ڪٽيا آهن، پر ان جي جاءِ تي هزارين وڻ به ناهن لڳايا.” ڊاڪٽر موجب جي اها ڳالهه اسان کي مجبور ڪري ٿي ته اين ايڇ اي کان اها معلومات ورتي وڃي ته ان ماحوليات جي سلسلي ۾ ڪيتري بجيٽ رکي وئي ۽ ڪيتري خرچ ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت طرفان سنڌ ۾ آيل ٻوڏن، طوفانن، انڊس ڊيلٽا جي تباهي ۽ موسمي تبديلي جي ڪري پيدا ٿيندڙ ٻين اثرن جي باوجود سنڌ بجيٽ سال 18-2017ع ۾ ماحوليات، موسمي تبديلي جي بجيٽ ۾ 12 سيڪڙو گهٽتائي ڪري 400 ملين رکي وئي آهي، جيڪا اي ڊي پي جو 0.11 سيڪڙو آهي. تازو سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان پاڻي ڪميشن رپورٽ موجب سنڌ جي 10 هن ضلعن جا ماڻهو انساني ڦوڳ مليل پاڻي واپرائين ٿا. عدالت اڳ ئي سنڌ حڪومت کي هدايت ڪري چڪي آهي ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ ماحوليات کاتي جون آفيسون کوليون وڃن، جنهن موجب سنڌ حڪومت کي پهرئين مرحلي ۾ 10 ضلعن ۾ آفيسون کولڻيون هيون، جنهن لاءِ ماحوليات کاتي سنڌ طرفان حڪومت کي 245 ميلين جي بجيٽ جو ڪاٿو موڪليو هو، جنهن جي جواب ۾ اداري جا هڪ سئو ميلين رپيا منظور ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ 10 ضلعن ۾ ماحوليات کاتي جون آفيسون کولڻ، اسٽاف رکڻ، ماحوليات سروي ۽ رپورٽون ٺاهڻ ممڪن ئي ناهي. جڏهن ته ميرپور خاص ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ماحوليات کاتي جي ڊويزنل آفيسن کي پنهنجون آفيسون ۽ گهربل اسٽاف ڪونهي. موسمي تبديلي جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ فنڊ (FINANCE)جو پورائو ضروري آهي. پاڪستان کي عالمي ادارا جيڪو فنڊ ڏئي رهيا آهن اهو پاڪستان طرفان ماحوليات جي عالمي معاهدن تي صحيح ڪرڻ يا ان جي پوئواري ڪرڻ واري وعدي تحت ملي رهيو آهي پر اڄ جڏهن ماحوليات جي فرانس واي عالمي ڪانفرنس ۾ چيف کي ايندڙ 10 سالن ۾ هڪ هزار پاور پلانٽ بند ڪرائڻ لاءِ راضي ڪيو ويو آهي ته ٻئي پاسي پاڪستان ۾ ٿر جي ڪوئلي جا پاور پلانٽ لڳائي عالمي معاهدن جي ڀڇڪڙي ڪندي فضا ۾ گرين هائوس گئسن ۾ اضافي ڪرڻ جي ذميواري وڌائي پئي وڃي. ان ڪري امڪان آهي ته ماحوليات جا عالمي ادارا موسمي تبديلي. ماحوليات جي سلسلي ۾ پاڪستان کي فنڊ ڏيڻ ۾ ڪٽوتي ڪري سگهن ٿا. پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت کي ملٽي نيشنل ادارن کي CORPORATE SOCIAL RESPONSBILITIES)  تحت موسمي تبديلي. ماليات جي حوالي سان منصوبن کي لازمي طور شروع ڪرڻ گهرجي. بدين، قمبر، وارهه ۽ ڪاڇي وغير۾تيل گئس جي لاءِ ڪم ڪندڙ ڪمپنين جا علائقي جي ماحول، آبادي کي صاف سٿرو پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ خرچ ڪندڙ بجيٽ کي سنڌ اسيمبلي ۽ ٻين ادارن آڏو ظاهر ڪرڻ ۽ انهن علائقن جي ماحولياتي سروي ڪرڻ لاءِ منصوبابندي تحت ٿيڻ گهرجي. موسمي تبديلي جي خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ ان جي اثرن کي گهٽائڻ ۽ بچڻ لاءِ ماليات جو اهم ڪردار آهي، ان ڪري حساب ڪتاب صاف ۽ شفاف رکڻ ضروري آهي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عدالتن کي منهن ڏيندڙ جماعتون ۽ سياسي طاقت جو مظاهرو

صاحب خان ڀٽي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي اميد ئي نه هئي ته پاناما ڪيس سندس …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي