21 منگل , نومبر 2017

وزيراعظم جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس، آمريڪا سان سخت احتجاج جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان ۽ افغان پاليسي تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان ان معاملي تي آمريڪا سان سخت احتجاج ڪندو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس  ٿيو، جنهن ۾ پرڏيهي وزير خواجا آصف آمريڪا جي افغانستان جي حوالي سان نئين پاليسي تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن ۾ عسڪري قيادت کان به صلاح ورتي ويندي. اجلاس ۾ آمريڪا جي بيان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ويو ته آمريڪا پاڪستان جي دهشتگرديءَ خلاف قربانين کي ناهي مڃيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ومبلڊن چيمپيئن جانا نووٽنا حياتيءَ جي جنگ هارائي وئي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) جمهوريا چيڪ جي ٽينس رانديگرياڻي جانا نووٽنا ڊگهو عرصو ڪينسر جي مرض …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے