19 پیر , فروری 2018

ٽرمپ ۽ مودي جو جنگي جنون کين ٻوڙي ڇڏيندو: شاهي سيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر شاهي سيد چيو آهي ته ٽرمپ آمريڪا ۽ مودي ڀارت جو چريو آهي، ٻئي ڄڻا دنيا کي جنگ ۾ دنيا ۾ ڌِڪڻ چاهين ٿا. صحافين سان ڳالهائيندي شاهي سيد چيو ته پاڪستان کي مضبوط پرڏيهي پاليسي جوڙڻي پوندي، ڇو ته جيستائين پرڏيهي پاليسي مضبوط نه هوندي، آمريڪا طرفان ڊو مور جا مطالبا ٿيندا رهندا. سندس چوڻ هو ته آمريڪا ۽ ڀارت جو رويو دنيا کي ٽين عظيم جنگ ڏانهن وٺي وڃڻ جهڙو آهي، ٽرمپ ۽ مودي جو جنگي جنون کين ٻوڙي ڇڏيندو، ڇو ته ٽرمپ آمريڪا جو چريو ۽ مودي ڀارت جو چريو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪارڪنن جي ووٽ سان ئي سربراهي جو معاملو حل  ٿيندو: فاروق ستار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته جيڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے