23 منگل , جنوری 2018

عالمي رانديگرن کي تحفظ ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: وفاقي گهرو وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي سٺو سنئوڻ آهي، وفاقي گهرو وزير احسن اقبال سان پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو ته پاڪستان ايندڙ ٽيمن کي سڪيورٽي ڏني ويندي، دهشتگردن ۽ انتشار ڦهلائيندڙ عنصرن جي چيلهه ڀڄي چڪي آهي، ملڪ ۾ امن جي صورتحال راندين جي حوالي سان موزون آهي، هن چيو ته حڪومت راندين جي پذيرائي لاءِ سرگرم آهي، عالمي رانديگرن کي تحفظ ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، رانديگرن کي سڪيورٽي لاءِ منظم ۽ مربوط حڪمت عملي بڻائي ويندي، عالمي ٽيمن جي دوري ۽ ميچز سان دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت تصور ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قتل جي سزا ڦاهي آهي، جوابدار کي قانون ۾ لکيل سزا ملڻ گهرجي: راڻا ثناءُ الله

لاهور(ويب ڊيسڪ) قانوني  واري صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله زينب جي قاتل جي گرفتاري جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے