22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

گدلو پاڻي پيئڻ سان نورو وائرس جو خطرو آهي: طبي ماهر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) طبي ماهرن چيو آهي ته گدلو پاڻي پيئڻ سان ماڻهو نورو وائرس جو شڪار ٿي سگهن ٿا. ڊريڪسل يونيورسٽي جي تحقيق موجب اتر آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ڊائريا ۽ معدي جي مرضن ۾ ورتل ماڻهن تي تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته انهن مرضن جو سبب گدلو پاڻي هو. 10 کان وڌيڪ تحقيقن موجب معدي ۽ آنڊن جي بيماري جو واسطو گدلي پاڻي سان هوندو آهي، جنهن کي نورو وائرس چيو ويندو آهي. ماهرن موجب گدلو پاڻي معدي کي ڪمزور ڪندو آهي، جنهن سبب الٽي، موشن ۽ ڊائريا جي شڪايت پيدا  ٿي ويندي آهي. پاڻي گهڻي قدر نڙي ۽ پائيپ لائين جي ڪري گدلو ٿي ويندو آهي يا وري تيز مينهن ۾ به پاڻي صاف ناهي رهندو. گهڻي دير تائين بوتل ۾ رکيل پاڻي پيئڻ به صحت لاءِ هاڃيڪار آهي، ڇو ته ان ۾ خطرناڪ گئس پيدا ٿي ويندي آهي. تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پاڻي اُٻاري پيئڻ سان ان مان زهريلا جراثيم ختم ٿي ويندا آهن، پاڻي جو خراب هجڻ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪندو آهي ته ان ۾ مٽي ۽ ٻين جيوڙن جا ذرا موجود آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Generates biodiesel of tones too!

آنڊن جا جيوڙا بجلي به ٺاهيندا آهن!

ڪيليفورينا( ويب ڊيسڪ ) سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته آنڊن ۽ هاضمي جي نظام مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے