19 پیر , فروری 2018

اسان وٽ 2 لک سول آرمڊ فورسز جا جوان موجود آهن، جديد هٿيار ڏينداسين: احسن اقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته اسان وٽ 2 لک سول آرمڊ فورسز جا جوان موجود آهن، سول آرمڊ فورسز کي جديد هٿيار ڏينداسين، ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال جو چوڻ هو ته اسان جي سول آرمڊ فورسز وٽ ٻي مهاڀاري جنگ جا هٿيار آهن، هاڻي انهن فورسز کي جديد هٿيارن ۽ اوزارن سان ليس ڪيو ويندو، سول آرمڊ فورسز ايڪٽ آڻينداسين، احسن اقبال چيو ته ڪراچي ۾ رينجرز جي آپريشن سان نمايان ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن، رينجرز ڪراچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري رکندي، ڪراچي ۾ پرامن سياسي سرگرمين جو احترام ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪارڪنن جي ووٽ سان ئي سربراهي جو معاملو حل  ٿيندو: فاروق ستار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته جيڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے