21 منگل , نومبر 2017

ايس يو پي جو سنڌ مارچ

حميدشڪيل 

وادي مهراڻ سنڌ ڌرتي ۾ پيدا ٿيل شخصيتن جي  تاريخ ڏانهن نظر ڦيرائي ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ عظيم ڏاها،محقق،سنڌ دوست،سنڌ سان محبت ۽ پيارڪندڙ  ،سياستدانن سنڌ لاءِ جانين جا نظرانا ڏيندڙ ڪيترائي ماڻھو سنڌ جا حق گهرندي ۽ امن قائم  ڪرڻ لاءِ سنڌ دُشمنن سان جنگ جوٽڻ وقت شھيد ٿي امر ٿي ويا، جيڪي هر ماڻھن جي دلين ۾ هن وقت به راڄ ڪري رهيا آھن، جنهن سنڌ لاءِ تاريخ رقم ڪئي ڇو ته اهي ماڻھو هر دور ۾ سنڌ جي ماڻھن ۽ سنڌ سان پيار جو ناتو نڀائيندا آيا آهن. سنڌ ڌرتي امن جي ڌرتي آھي سنڌ جا سٻاجهڙا ماڻھو محبتي ۽ مهمان نواز آھن،

سنڌ جي حلالي پُٽن هميشه سنڌ جي دشمنن خلاف هروقت ڏونگر وانگي مضبوط ٿي جوش جذبي سان  سينو تاڻي  دُشمنن سان مهاڏو اٽڪائي اک اک سان ملائي للڪاريو. جهڙي ريت جي ايم سيد سنڌ دشمنن خلاف ترت اُٿي کڙو ٿيندا هئا ايئن ئي محترم بشير خان قريشي سندس پيروي ڪندي سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ۽ سنڌ خلاف غلط پروپگينڊا ڪرڻ انتها پسندي،شرپسندي، ۽ ڪراچي شھر ۾ سرعام خونريزي جي روڪٿام لاءِ سنڌ امن ريلي جي اڳواڻي ڪري لکين ماڻھن جي قافلي سان  اهو ثابت ڪري ڏسيو هو ته اسان سنڌي سنڌ جا حلالي پُٽ ۽ اصل وارث آھيون.

دهشگردي خونريزي نا منظور آھي ۽ سنڌ اسان سنڌين جي جاگير آھي جيڪا امن جي ڌرتي آھي. اُن کان علاوه تازو گذريل آچر واري ڏينهن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ۽سندس ڪارڪنن ، ڪرپشن،مذھبي انتهاپسندي، ماڻهن ۾  انتشار پيدا ڪرڻ، بلاجواز قومي ڪارڪنن کي کنڀي کڻي گم ڪري سندس جي مائرن جون جهوليون خالي ڪرڻ ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ دهشتگردي خلاف تاريخي سنڌ مارچ ريلي جهر جهنگ مان نڪري لکين ماڻھن جي تعداد ۾ ڪراچي پهچڻ سان ڪارڪنن جو سمنڊ اُٿلي پيو، وڏي تعداد ۾ ماڻھن سنڌ سان ۽ ايس يو پي اڳواڻ  سيد جلال محمود شاھ سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ثابت ڪيو ته اسان سنڌ جا ڌڻي زندهه قوم آھيون اسان مذھبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف آھيون، ۽ امن جي مڪمل بحالي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ سان سنڌ ۾ دهشگردي ختم ٿي سگهي ٿي. رپورٽ مطابق ايس يو پي چيئرمين سيد جلال محمود شاھ چيو ته مذھبي انتها پسندي ۽ دهشتگردي ملڪ کي اڏوهي وانگر کائي ختم ڪري ڇڏيو آهي جيڪا سنڌ ۾ ناسور بڻجي چڪي آھي جنهن جي خاتمي لاءِسڀني کي نڪرڻو پوندو ۽  قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ بند ڪيو وڃي ۽ مطالبو ٿا ڪيون ته کنڀيل ڪارڪنن کي آزاد ڪري بي چيني ختم ڪئي وڃي ۽ جيڪي فيصلا دهشتگردي جي خاتمي بابت ڪيا ويا هئا انهن تي عمل ڪيو وڃي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو آندو وڃي.

نواز ليگ صرف پنجاب کي پاڪستان سمجهي ٿي جيڪو سراسر غلط عمل آھي.پنهنجي سنڌ ڌرتي ۽ سندس جي ماڻھن کي حق ڏيارڻ لاءِ سيد جلال محمود شاھ ڪوششون تيز ڪرڻ لاءِ پرعزم آھي ۽ بنا ڪنهن خوف جي سنڌ جي دُشمنن کي للڪاري اهو ثابت ڪيو ته  ڪنهن جا غلام يا وري ڪنهن جا خريد ٿيل نه آھيون، امن جا راهي سنڌ جا حلالي پٽ وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي اهو ثابت ڪيو ته اسان دهشتگردي، شرپسندي ۽  ڪرپشن جي خلاف آھيون، سنڌ مارچ ۽ ايس يو پي جي ڪارڪنن جو جوش جذبو ڏسي دل ۾ جيئڻ جو  نئون حوصلو پيدا ٿيو، جيڪڏهن اسان سڀني سنڌين ۾ اهڙو جذبو پيدا ٿي پوي سڀ پارٽيون ذاتي مفادپرستي کو پوئتي ڌِڪي هڪ ٿي وڃن ته اسان جا حق ڪير به ڦٻائي نه ٿو سگهي ۽ اسان پنهنجا حق وقت سر وٺي سنڌ امڙ کي سينگاري دُشمنن کي ڏيکاريون ته اسان امن پرست ۽ سنڌ دوست آھيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ اندر ٻارڙن سان ٿيندڙ ناروا سُلوڪ ختم ٿي سگھندو؟

افضل  شيخ اڄ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ ٻارڙن جو عالمي ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي. ھي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے