21 منگل , نومبر 2017

وڪيلن پاران قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪارروائي

لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان ملتان هاءِ ڪورٽ بار جي صدر شير زمان کي هر حال ۾ گرفتار ڪرڻ جي حڪم کانپوءِ وڪيلن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي عدالت وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، جنهن جي ردعمل ۾ بار جي صدر خلاف عدالتي توهين لاڳو ڪري ان کي هرحال ۾ گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. چيف جسٽس چيو ته عدالت جو تقدس سڀ کان وڌيڪ اهم آهي جنهن تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. چيف جسٽس آر پي او ملتان کي هدايت ڪئي ته بار جي صدر کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. اهڙي حڪم کانپوءِ وڪيلن ۾ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي ۽ هزارين وڪيلن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. وڪيلن طرفان عدالت طرفان پٿراءُ پڻ ڪيو ويو جنهن ڪري ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. وڪيلن جي هنگامي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري پهچي وڪيلن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ سان گڏ واٽر ڪينن جو پڻ استعمال ڪيو ويو. مظاهري دوران وڪيلن طرفان سڪيورٽي تي مقرر هڪ پوليس اهلڪار تي پڻ تشدد ڪيو ويو. وڪيلن جي هنگامي سبب پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ موجود آهي. پهرين مرحلي ۾ پوليس جي سڪيورٽي مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته چيف جسٽس جي عدالت ٻاهران رينجرز جا اٽالا مقرر آهن. وڪيلن جي پي او چوڪ ۽ عدالت جي اڱڻ ۾ هنگامو ڪري نعريبازي ڪئي، جڏهن ته ڪجهه مڇريل وڪيلن چيف جسٽس جي عدالت ڏانهن ويندڙ رستي جي گيٽ پڻ ٽوڙي ڇڏي آهي.

قانون پڙهندڙن مان ڪجهه وڪيل، جڏهن قانون کي هٿ ۾ کڻن ۽ ”غنڊن“ جهڙا ڪم ڪن ته ان عمل کي ڪهڙو نالو ڏجي ۽ انهن وڪيلن کان ئي پڇجي ته اهي ملڪ ۾ انصاف جي بحالي لاءِ آخر ڪهڙو ڪم ڪري سگهندا.؟

اڱارو 22  آگسٽ  2017ع،  29  ذوالقعد  1438 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

مقدس نالن ۽ نعرن جي اوٽ ۾ ٿيندڙ غلط روايتون

پاڪستان ۾ ڪنهن ڏينهن سموريون مذهبي تنظيمون توڙي سياست ڪندڙ ڌريون ان ڏينهن تي سهمت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے