23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

قدرن ۽ نظرين جي دڪانداري

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

ڇا اوهان ڪو اهڙو ملڪ ۽ اهڙا ماڻهو ڏٺا آهن، جيڪي کوٽن سڪن سان وڏيون خريداريون ڪندا هجن.؟

جيڪڏهن جواب ” نه “ ۾ آهي، ته پوءِ پري وڃڻ جي ڳالهه ڪونهي، پنهنجي ئي ڌرتي تي نظر ڦيرايو، پوءِ اوهان کي مڃڻ کان سواءِ چاروئي نه رهندو ته اسان جو واپار ۽ زندگي جو وهنوار هلي ئي کوٽن سڪن تي ٿو، کوٽو سڪو ڪنهن کي چئبو آهي، اهو جنهن جي هڪ پاسي تي اکر هجن، پر ٻئي پاسي تي مورت نه هجي، يا ٻنهي پاسن تي ڪجهه لکيل چٽيل نه هجي، اسان وٽ آهن، ئي کوٽا سڪا، اسان جي سڪن تي ” حق“  ته لکيل آهي، پر ٻئي پاسي . فرض “ لکيل ڪونهي، هڪ پاسي ” وٺڻ ، ته لکيل آهي، پر ٻئي پاسي . ڏيڻ “ لکيل ڪونهي، هڪ پاسي ” فقط مان“ ته لکيل آهي، پر ٻئي پاسي تي ڪجهه به نه لکيل ڪونهي. ان ڪري سماجي انصاف ۽ توازن کان سواءِ انساني برابري جو جو پري پري تائين ڪو نالو نشان به ڪونهي، هي سنڌ جي موجوده سماج  جون سچائيون آهن، جن کان منهن موڙي نه ٿو سگهجي. چوندا آهن ته پنهنجيءَ وڍي جو ويچ طبيب ٿئي ئي ڪو نه، سو ان وانگر اسان پنهنجي معاشري ۾ پاڻ آزار آهيون ۽ آزار کي پکيڙيون ٿا.

اسان کي فقط پنهنجا جذبا ۽ امنگ، قدر ۽ نظريا، هادي ۽ رهبر پيارا آهن. ٻين جا وڃي ٻن پون، ٻيا جهڙوڪ ماڻهو ئي ڪو نه آهن. جيڪڏهن ماڻهو آهن ته هنن کي دل ڪونهي، اسان چاهينداسين ۽ ٻين کان ٻنهي هٿن سان وٺون، بلڪه نه ملي ته پني يا ڇني به وٺون، پر ٻين کي ڏيڻ ۾ اسان کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي، ها پر جيڪڏهن ڪا خوشي ٿيندي ته تڪليف ڏيڻ ۾، آزار ڏيڻ ۾ ۽ دشمني خواهه نفرت ڪرڻ ۾، مزي جي ڳالهه اها آهي ته  هر ڪو آهي به پيار محبت جو بکيو، پر ڪنهن سان پريت جي ريت رکڻ جي ڪوشش ڪجي ته ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيندو. هن جي هٿ ۾ رکيل کوٽي سڪي جي هڪ پاسي تي لکيل آهي ته هو فقط پنهنجي مرضيءَ ۽ مطلب سان ڪنهن کي چاهيندو، ليڪن چاهيندڙ جون ٽنگون ٻانهون ٽوڙي ڏيکاريندو.

اسان پنهنجي  قدرن ۽ نظرين جي دڪانداري به اهڙن ئي کوٽن سڪن جي آڌار تي چمڪايون ٿا، اهو ئي سبب  آهي، جو اسان پنهنجا ڪپڙا لٽا به دير سان مٽايون ٿا، پر پنهنجي قدرن ۽ نظرين سان وابستگيون جلدي مٽائي ڇڏيون ٿا. ماڻهو به بدلبا رهيا آهن، حالتون تبديل ٿينديون رهنديون آهن، پر قدر ۽ نظريا ساڳيا هوندا آهن، پوءِ  اهي سياسي هجن يا مذهبي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجا قدر ۽ نظريا مٽائي، اسان کي سادو سمجهي ۽ وڌيڪ بي وقوف بڻائڻ لاءِ اهو قبولي ته اڳ ۾ هو غلط هئو  ته ان جي مستقل مزاجي تي ڪهڙو ڀروسو؟  اهڙيءَ غلطيءَ  جو ازالو ” مڃڻ سان نه، پر ” معافي وٺڻ“ سان ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن اڳ ۾ قومي گناهه ڪيو، مگر سرعام معافي نه وٺي، فقط ڳالهه مڃي وري اسان جو هادي ۽ رهبر ٿيو ته سمجهڻ گهرجي، هو کوٽ سڪن جي بنياد تي اسان کي خريدڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ اسان جي محبتن خواهه نسبتن کي لٽي ٿو. اسان عام ۽ سادا ماڻهو انهن کوٽن سڪن  جي هڪ پاسي واري جهلڪ کان متاثر ٿي پنهنجي تاريخ ۾ هيرن کي غدار ۽ غدارن کي هيرو طور شامل ڪري ڇڏيندا آهيون.

انهن  ۽اهڙن کوٽن سڪن جي بنياد تي جڏهن مذهبن جون غلط تشريحون ٿيون، خدا ۽ بندي  جي وچ ۾ اختلاف ۽ خوف جون ديوارون قائم ڪيون ويون ته اسان جي سچن صوفين  بندي ۽ خدا کي هڪ ٻئي جي ويجهي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ محبوب کي من ۾ ڳولهڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ اندر ۾ جهاتي  پائي ڏسڻ جي صلاح ڏني ”تون ۾ ديرو دوست جو“.

غلط تشريحن انسان کي اهڙي ته خوف م وڪوڙيو جو هن لاءِ نفرت ڪرڻ کانسواءِ ڪو چارو ئي نه رهيو، ڪن ماڻهن سان نفرت شروع ڪئي ته ڪن مذهب سان پوءِ دلين کان وٺي ذهنن تائين ۽ گهرن کان وٺي محلن ۽ شهرن تائين وڳوڙ ۽ وڳوڙ جاري ٿي ويا، هن صورتحال پيدا ڪرڻ ۾ اهڙن ئي کوٽن سڪن کي ڪرنسيءَ طور ڪتب آندو ويو. جن جي هڪ پاسي ته فقط ” مان “ ئي لکيل هئي ۽ ٻي پاسي تي ” تون “ لکيل ڪو نه هو.  اهو کوٽو سڪو اڄ به هلي ٿو ۽ جام هلي ٿو. ان ڪري ئي ته هر ڪو چئي ٿو ته مان سچ تي آهيان، فقط مان حق تي آهيان، ٻئي کي سچو ڪري قبول ئي نه ڪبو، ٻئي کي ٻڌائبو، پر هن کي ٻڌبو  ڪونه، ڇو ته اسان سمجهون ٿا ته دنيا جهان ۾ مان ئي  عاقل بالغ آهيان، مفڪر ۽ مدبر آهيان، اسان ٻين کي انهيءَ ڪري ڦاهي نه ٿا چاڙهيون ته هو ڪوڙ تي آهي، بلڪه هن ڪري ڪنهن کي ٽنگيون ٿا ته اسان سچ تي آهيون، دائش ۽ طالبان  پاڻ کي سچ تي سمجهي ماڻهو مارن  ٿا. ۽ ماڻهن کان پڇڻ جي ضرورت  به محسوس نه ٿا ڪن ته اهي سچ تي آهن يا حق تي، اسان به ايئن ئي ڪريون ٿا، اسان جي نفرتن جا بنياد آهي ۽ اهڙا آهن ۽ اسان جي دشمنين جا سبب اهي ئي آهن، ان ڪري ماضيءَ  ۾ اسان تاريخ جي ورقن کي انساني رت سان لکيو ۽ ڳاڙهو ڪيو ۽ حال ۾ هنڌين ماڳين نفرتن، حقارتن، دشمنين  جي  پوک پوکي آهي، ڇو ته اسان جي هٿن ۾ اهي کوٽا  سڪا آهن، جن جي ٻئي  پاسي تي ” در گذر ڪرڻ ۽ معاف ڪرڻ “ جا اکر ئي لکيل ڪونهن.

سنڌجي سماجي ۽ نظرياتي بگڙندڙ صورتحال کي بچائڻ لاءِ  ضروري آهي ته اسان  پنهنجي محبتن ۽ محنتن سان نوان ” ضرب خانا“ قائم ڪيون، جن مان سچا سڪا بڻائي سگهجن. اهڙا سڪا جيڪڏهن هڪ پاسي تي ” وٺڻ “ لکيل هجي ته ٻئي پاسي تي ” ڏيڻ “ به چٽيل هجي، جيڪڏهن هڪ پاسي تي ” مان “ لکيل هجي ته ٻئي پاسي تي ” تون “ به لکيل هجي. جيڪڏهن هڪ پاسي حق لکيل هجي ته ٻئي پاسي تي فرض به لکيل هجي. اهي ۽ اهڙا سڪا ئي اسان کي سنڌ ۾ سماجي توازن، نظرياتي سهپ ۽ انساني برادري کي قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. هاڻي اسان کي کوٽن سڪن سان ڀريل پنهنجون  جهوليون خالي ڪرڻ گهرجن، ڇو ته انهن اسان جون صدين کان وٺي پئي محبتن  ۽ انساني احترام جي وسندين کي خالي ڪيو آهي، انهيءَ  ڪوڙيءَ ڌن اسان کي هن وقت تائين ڪيترا ڪفر جا ڪم ڪرايا آهن. ان ڪري نقلي زيورن سان ڪن چيرائڻ جي ڪهڙي  تڪ آهي؟ تڪ ته اها آهي ته اسان سچا آهيون ۽ پنهنجي کيسي ۾ پاڻ کي کوٽا سڪا رکڻ نه گهرجن، کوٽن سڪن سان ساهه سسين جي ته خريداري ڪري سگهجي ٿي،ليڪن ماڻهپو ۽ محبت وٺي  نه ٿا سگهون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عدالتن کي منهن ڏيندڙ جماعتون ۽ سياسي طاقت جو مظاهرو

صاحب خان ڀٽي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي اميد ئي نه هئي ته پاناما ڪيس سندس …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي