21 منگل , نومبر 2017

معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ جو غريب عوام

صاحب خان ڀٽي

ڌارين جي لوڌ آهي ته وسيلن جي ڦرلٽ به ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ڪو  آواز به اٿاري ٿو ته ڏينهن ڏٺي فرشتا ان کي گم ڪري  ٿا ڇڏن، جيڪڏهن ان گم ٿيڻ جي ڪو دانهن ڪري ٿو ته اهو ڪٿي ڏسڻ ۾ نٿو اچي.

اهڙي صورتحال هوندي به سنڌ سرڪار پنهنجيون اکيون ٻوٽي ويٺي آهي، هتان جا چونڊيل نمائندا  عياشي واري زندگي گذاري رهيا آهن، جن کي سنڌ جي ڪا به پرواهه نه آهي، جنهن سبب سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ هن وقت رڪجي نه سگهي آهي، سنڌ ڌرتي کي قدرت ڪوئلي ۽ گيس جي ذخيرن  سان مالا مال ڪيو آهي، عالمي سطح  جي دشمنن جون نظرون آهن ته ملڪي سطح تي دشمنن سنڌ جي وسيلن  تي قابض  ٿيڻ جي  لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي. هڪ طرف سنڌ جو ڪوئلو ٽرڪون ڀري ٻين صوبن ڏانهن منتقل ٿي رهيوآهي ته ٻي طرف وري ڌماڪا ڪري سنڌ مان گيس  ۽ پيٽرول جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، ٿر ۾ به ساڳيو ئي حشر آهي.

هن وقت پرڏيهي ڪمپنيون جو ڌيان صرف سنڌ جي ننڍن علائقن ڏانهن آهي،جن جو مقصد صرف سنڌ جو ڪوئلو، گيس ۽ پيٽرول آهي ۽ اهي صرف اهي ئي شيون چاهين ٿا، جن وٽ سنڌ جي عوام جي خوشحالي لاءِ ڪو  وزن نه آهي، اهي صرف جي وسيلن تي قابض ٿيڻ  لاءِ آيا آهن ۽ اسان جا حڪمران انهن جي ڏينهن رات مهمان نوازي ڪرڻ لاءِ پورا آهن، ٿر ۾ گوڙاڻو ڊيم خلاف ماڻهو  احتجاج ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري سنڌ جي مقامي ماڻهن کي روزگار مُهيا نه پيو ڪيو وڃي، اهڙو حشر ٿر ۾ به آهي، جتي ڪوئلو ته نڪري رهيو آهي پر اتان جي مقامي ماڻهن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي، جنهن سبب ٿر جا نوجوان بيروزگاري سبب پريشان آهن. جيتوڻيڪ سنڌ هن ملڪ جو 70 سيڪڙو توانائي ضرورتون پوريون ڪري رهي آهي پر ان باوجود هن ڌرتي جي ماڻهن کي نه روزگار ڏنو پيو وڃي نه ئي وري صحت، تعليم جهڙيون بنيادي سهولتون مُهيا ڪيون پيون وڃن، عدالتن ۾ به ڪيس هلي رهيو آهي ته سنڌ جا به گٽرن جو پاڻي پي رهيا آهن پر ان باوجود سنڌ جي حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري.

جيڪڏهن دنيا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪنهن شهر مان گيس يا پيٽرول نڪرندو آهي ته اتي مقامي ماڻهن کي سموريون سهولتون ڏنيون وينديون آهن پر هتي گنگا ئي ابتي وهي رهي آهي، هتي جيڪڏهن ڪنهن  هنڌ پيٽرول يا ڪوئلو نڪري پئي ته اتان جي علائقن کي سيل ڪري اتان جي ماڻهن کي خالي آسرا ڏئي بي دخل ڪيو ويندو آهي ۽ ڪجهه صحافتي ادارن کي پنهنجي ڪاغذي ڪارروائي ڏيکاري انهن کي وڏين هوٽلن ۾ دعوتون ڏئي خاموش ڪرايو ويندو آهي ۽ جيڪي ناليوارا ليکڪ يا اديب هوندا آهن ته انهن  جي مٿي تي  هٿ رکي انهن کي پنهنجي هلندڙ منصوبن جو معائنو ڪرايو  ويندو آهي ۽ اهي اديب هڪ ٻن ويلن جي ماني کائڻ بعد خاموش ٿي ويهي رهندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو گوڙاڻو ڊيم وارو معاملو به هاڻ سنڌ جي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا تان مڪمل طور ختم ٿي ويو آهي ۽ مقامي ماڻهن جي دانهن ٻڌ ڻ وارو ڪو به نه رهيو آهي،

رهي ڳالهه قومپرست ڌرين  جي ته، پوءِ انهن سان به جيڪو حشر هي سنڌ سرڪار ڪري رهي آهي، اهو به سڀني جي سامهون آهي، جيڪڏهن ڪا قومپرست جماعت ساٿ ڏيڻ ٻاهران نڪري به ٿي ته ان خلاف وفاق کي ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت ئي نه ٿي پوي هتان سنڌ سرڪار پاڻ ئي انهن جي گهرن تي  چڙهايون ڪرائي ڌماڪي خاموش ڪرائي ڇڏي  ٿي. هن وقت هڪ ته سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ  آهي ته ٻي طرف معدني وسيلن جي ڦرلٽ ٿي رهي آهي،

وفاق چئي رهيو آهي ته سنڌ کي پنهنجو حصو ملي رهيو آهي، هاڻ خبر ئي نه ٿي پئي ته اهو حصو هتان جي ووٽ وٺندڙ سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي ملي رهيو آهي يا وري سنڌ جي عوام کي ڏنو پيووڃي ۽ نه ئي وري وفاق اهو منجهارو  ختم ڪرڻ لاءِ ڪا وضاحت پيش ڪري رهي آهي.  بهرحال  سنڌ ۾ وڌندڙ بيروزگاري جو ڪارڻ سڀ کان وڏو سبب ڌارين جي لوڌ ئي آهي، جن کي روڪڻ لاءِ سنڌ سرڪار 1973ع کان ڪي به قدم نه کنيا آهن ۽ نه ئي وري انهن کي بي دخل ڪرڻ لاءِ  ڪا حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو آهي، ڪجهه ته اهڙا  به وزير آهن جيڪي  ڪجهه ووٽن جي لالچ ۾ سنڌ جا سودو به ڪرڻ لاءِ تيار آهن، جن جو ثبوت ٻيو ڪٿي نه پر صرف سوشل  ميڊيا تان ئي ملي ويندو.  جيڪي هميشه جيان هاڻ به ڌارين جي لوڌ کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ  انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا  آهن، ڪجهه ته اهڙيون به پارٽيون آهن، جيڪي بنگلاديش جي  رفيوجيز ڪيمپس ۾ ترسيل آهن،  انهن کي  سنڌ ۾ آباد ڪرڻ  لاءِ ڏينهن رات جتن ڪري رهيون آهن پر ان باوجود هتان جون سياسي پارٽيون خاموش تماشي بڻيل آهن، ڪجهه   پارٽيون خوفزده آهن ته ڪن پارٽين وري سنڌ جي دشمنن سان هٿ ملائي  ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪري سنڌين کي اقليت تبديل ڪرڻ جو معاهدو ڪري ڇڏيو آهي.

بهرحال هن وقت  ٻين جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر گيس، تيل ۽ ڪوئلي جي پيدار سڀ کان وڌيڪ آهي پر ان باوجود هتان جا ماڻهو بک ۽ بدحالي  واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن،  پر حڪمران جماعت جي ڪن تي جونءَ ئي نه چري رهي آهي،  بک ۽ بدحالي سبب سنڌ جا ماڻهو  پنهنجا ٻچا وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، سنڌ اندر جيڪي به  ادارا آهن ۽ انهن ۾ ڌارين جي لوڌ کي ڀرتي ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. ڪيترائي ڀيرا سنڌ اندر احتجاج به ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترن ئي  نوجوانن احتجاجن طور پاڻ کي  ساڙيو به آهي، پيپلزپارٽي جي دور ۾ جن سنڌين کي ڀرتي ڪيو ويو انهن کي به جعلي ڀرتيون قرار ڏئي نوڪورين تان برطرف ڪيو ويو،خبر ئي نه ٿي پئي ته آخر جعلي ڀرتيون ڪنهن ڪيون ۽ انهن جو ذميوار ڪير هو، جيڪڏهن سنڌي سنڌ  جي سرڪاري ادارين ڀرتي ٿئي ٿو ته  ان کي جعلي ڀرتي قرار ڏنو وڃي ٿو پر جيڪڏهن سنڌ ۾ پنجاب، پٺاڻ ۽ ٻين ملڪن سان تعلق رکندڙن کي سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ ڀرتي ڪيو وڃي ٿو ته انهن کي جعلي قرار نٿو ڏنو وڃي،

آخر سنڌ جي ماڻهن هن ملڪ جي هلائيندڙن جو ڪهڙو گناهه ڪيو  آهي جو نه ته، انهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ نه ئي وري انهن جي روزگار لاءِ  ڪي اپاءُ ورتا وڃن ٿا، آخر تيل، گيس  ۽ ڪوئلي جي وسيلن سان مالا مال  هن سنڌ جي ماڻهن کي بک ۽ بدحالي جو شڪار ڇو ٿو بڻايو وڃي، ڇا ڪوئلو، گيس ۽ تيل سبب سنڌ جي تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي يا وري سنڌ جي ماڻهن کي ان ڪري روزگار نه ٿو فراهم ڪيو وڃي انهن ادارن ۾ جتي پيٽرو، گيس ۽  ڪوئلو نڪري رهيو آهي، ته جيئن انهن کي خبر نه پئجي وڃي ته هتان ڪيڏي پيدوار ٿي رهي آهي.

بهرحال اهو ته  سنڌ سرڪار جو ڪم آهي ته هتان ڪيتري پيداوار ٿي رهي آهي ۽ ان مان اسان جي  سنڌ ڌرتي کي ڪيترو حصو ملي رهيو آهي، ان جو  بيروزگار ۽ معصوم سنڌين جو ڪو تعلق في الحال نه ٿو ٺهي، جيڪڏهن هن وقت به سنڌ سرڪار صرف خاموش تماشائي بڻيل رهي ته پوءِ آخر هن سنڌ اندر صرف ڌارين جي ئي لوڌ هوندي ۽ سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا ۽ ان جي سڀ کان وڏي ذميوار ٻيو ڪير نه هتان جي حڪمران جماعت ئي هوندي، ڇاڪاڻ ته جڏهن  به  هن ملڪ ۾ جمهوريت قائم ٿي آهي، ان وقت ئي سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ تيز ڪئي وئي ويندي آهي، هن وقت اهو ساڳيو ئي حشر آهي.

هن وقت ته ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ ڪوئلي جا پهاڙ لڳايا ويا آهن، جن جون رپورٽون مختلف خانگي ٽي وي چينلن تي به هلي چڪيون آهن. جن ۾ صاف صاف ڏيکاريو ويو آهي ته ڪوئلو وڏي مقدار ۾ ٻاهرن ملڪن موڪليو پيو وڃي ۽ اتي وڏي مقدار ۾ ڪوئلو جمع ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ماڻهن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ٿي رهي آهي. جيڪڏهن سنڌ جو ڪوئلو ڪم جو نه هجي ته ٿر ۾ ايڏي سڪيورٽي سخت  نه ڪئي وڃي هي ۽ نه ئي وري ٿر جا ماڻهو گوڙاڻو ڊيم خلاف احتجاج ڪن ها.هاڻ اها سنڌ حڪومت ئي جي ذميواري آهي ته قدرتي وسيلن  تي پنهنجي رٽ قائم ڪري ۽ سنڌ جي نوجوانن کي روزگار مُهيا ڪري ته جيئن هتان جو عوام خوشحال ٿئي، جيڪڏهن سنڌ سرڪار سنڌ  اندر تعليم صحت سميت ٻين بنيادي سهولتن کي مُهيا ڪرڻ لاءِ ڪي قدم نه کنيا ته پوءِ حالتون اڃا وڌيڪ خراب ٿي وينديون

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ اندر ٻارڙن سان ٿيندڙ ناروا سُلوڪ ختم ٿي سگھندو؟

افضل  شيخ اڄ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ ٻارڙن جو عالمي ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي. ھي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے