23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

پ پ پ جي نئين سر تنظيم سازي بلاول ڀٽو جوازم

عبدالمجيد بروهي

ڪجهه مهينا اڳ جڏهن پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو پاران ملڪ جي سڀني صوبن جي صوبائي توڙي ڊويزنن ضلعن سميت سڀني يونٽن  کي ختم ڪري نئين سر تنظيم سازي جو اعلان ڪيو ويو هيو، جنهن بعد  پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران صوبن ۾ نئين سر تنظيم سازي جي لاءِ ڪوآرڊينيشن ڪميٽيون تشڪيل ڏنيون ويون هيون، جنهن کانپوءِ هر ضلعي ۽ ڊويزن ۾ ورڪرز ڪنوينشن گھرايا ويا هئا، انهن ۾ پارٽي جي هر ورڪر کي ڪنهن به عهدي تي بيهڻ لاءِ درخواست ورتي وئي هئي، اهو ختم ڪرڻ بعد پ پ پ چيئرمين پاران صوبن جي باڊيز جي لاءِ انٽرويو ڪيا ويا هئا، ان بعد چئني صوبن جي لاءِ عهديدار چونڊيا ويا،  ان مرحلن ۾ خاص ڳالهه اها هئي ته انهن ورڪرن کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي، اهم عهدن تي جيالن ۽ ورڪرن کي  کنيو ويو صوبائي عهديدارن کي اعلان بعد ڊويزنن ۽ ضلعن جي اميدوارن جي لاءِ انٽرويو ڪري  انهن جو اعلان پڻ ڪيو ويو.

اتي ڪجهه ماڻهو اهي تبصرا ڪندا هئا ته هاڻي ورڪرن بجاءِ ضلعن ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن کي اهميت ڏني ويندي، پر سلام آهي، پ پ پ جي نوجوان چيئرمين کي جنهن ڊويزنن ۽ ضلعن جي اهم عهدن تي 90 پرسنٽ ورڪرن ڀٽو ازم سان چاهه رکندڙن کي عهدا ڏئي جيالن جون دليون کٽي ورتيون آهن، هن وقت ضلعن جي اهم عهدن جي چونڊ بعد پوري ملڪ سميت سنڌ صوبي ۾ به تعلقن سٽيز جي لاءِ تنظيم سازي تيز ڪئي وئي آهي ضلعن ۽ ڊويزنن جا عهديدار ڏينهن رات هڪ ڪري هر شهر تعلقي ۾ وڃي ورڪرن جا انٽرويو ڪري انهن کان درخواستون وصول ڪري رهيا آهن، شهرن جي هر وارڊ جي لاءِ درخواستون پڻ ورتيون ويون آهن ان کان علاوه سٽيز جي 11 عهديدارن سميت 11 ورڪنگ ڪميٽي جي ميمبرن جي لاءِ هر شهر مان سوين درخواستون وصول ڪيون ويون آهن  تعلقن جي عهدن جي لاءِ پڻ ڪيترائي جيالا ميدان تي لٿل آهن ان کان علاوه پ پ پ جا ووٽر ۽ همدرد پڻ عهدا ماڻن جي لاءِ درخواستون ڏئي رهيا آهن.

پ پ پ ۾ هر ووٽر ۽ ڪارڪن کي ساڳي اهميت ڏئي پ پ پ جا اڳواڻ پنهنجي قائدين جي منشور کي اڳتي وڌائي رهيا آهن سٽيز ۽ تعلقن سميت وارڊن ديهن يوسيز تي سنڌ جي عوام پاران پ پ پ جي عهدن جي لاءِ درخواستون ڏيڻ واري عمل کي ڏسي اهو واضع ٿي چڪو آهي ته پ پ پ سنڌ جي عوام جي پارٽي آهي جنهن کي عوامي پارٽي سمجھي سنڌ جا ماڻهون ان پارٽي ۾ شامل ٿي پ پ پ کي پنهنجو گھر سمجھي، ان ۾ عهدو حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهن.

عوام جي دلچسپي کي ڏسي اهو واضع ٿي چڪو آهي ته پ پ پ سنڌ ۾ واحد جماعت آهي، جيڪا پوري ملڪ سميت سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ عوام ۾ تمام گهڻي مقبول بڻيل آهي، پنهنجي پ پ پ جي چيئرمين جي حڪم کي لبيڪ چئي محنت ۽ لڳن سان ايندڙ اليڪشن ۾ چيئرمين جي حڪم تحت 90 فيصد سيٽون کٽڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيندي، سنڌ جي عوام پاران پ پ پ جي عهدن ۾ دلچسپي ان جو واضح ثبوط آهي.

ها اهو پ پ پ جي چيئرمين جو حڪم پڻ آهي ته آئندا ٿيندڙ تنظيم سازي مهم ۾ 90 فيصد ترجيح ڪارڪنن ڀٽو ازم سان سچائي ڏيکاريندڙن کي ڏني وڃي، پ پ پ ۾ اهميت ان ڪارڪن کي ڏني وڃي، جيڪي هزار مشڪلاتن باوجود پنهنجي پارٽي سان سچا رهيا آهن، ڇو ته پ پ پ جون پاڙون ان لاءِ مضبوط آهن، جو ان ۾ ڀٽو ازم جا چاهيندڙ گھڻا آهن، هي اهي چاهيندڙن آهن، جن کي ڀلي ڪجهه به نه ملي، پر اهي ڪنهن به ڏکئي موڙ تي پنهنجي پارٽي کي ناهن ڇڏيندا هر محاذ تي پارٽي جو دفاع ڪندا رهندا آهن، ان جي لاءِ ئي پ پ پ جي چيئرمين پاران پ پ پ جي نئين سر تنظيم سازي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪارڪنن کي اهميت ڏيڻ جو چيو ويو آهي.

اميد به اها ئي آهي ته جهڙي طريقي سان صوبن ڊويزنن ۽ ضلعن جي عهدن ۾ ڪارڪنن ۽ جيالن کي اهميت ڏني وئي آهي، اهو ساڳيو ئي ٽريڪ برقرار رکندي يونٽ سطح تائين به ڪارڪنن ۽ جيالن کي ئي اهميت ڏني ويندي، ان سلسلي ۾ جيالا پنهنجي ڊويزنل ضلعي ۽ صوبائي پ پ پ جي نئين ٽيم مان پر اميد آهن ته اهي پ پ پ جي هر تعلقي سٽي جي عهدن تي انهن جيالن کي اهميت ڏيندا جيڪي صبح ۽ شام پنهنجي پارٽي جي مضبوطيءَ جي لاءِ ڪم ڪندا رهن ٿا.

هتي آئون جيالن کي پڻ اهو چوندس ته قيادت ۽ اڳواڻن پاران پارٽي جي مفادن کي مدنظر ڏسي ڪري عهدن بابت فيصلا ڪيا ويندا، قيادت پاران پارٽي جي حوالي سان ٿيندڙ هر فيصلو هر جيالي کي دل سان قبول ڪرڻو پوندو ۽ مون کي اميد آهي ته جيالا پنهنجي قائد جي هر فيصلي تي لبيڪ چوندا ڇو ته جيالو نالو ئي اهڙو آهي جيالو اهو هوندو آهي جيڪو ڪنهن به مفاد جي پويان ناهي ڀڄندو، ان جي لاءِ پارٽي ۽ قيادت ئي سڀ ڪجهه هوندو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

عدالتن کي منهن ڏيندڙ جماعتون ۽ سياسي طاقت جو مظاهرو

صاحب خان ڀٽي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي اميد ئي نه هئي ته پاناما ڪيس سندس …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي