23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ضرورت ۽ اهميت

اشرف لاريب

سنڌي ٻولي جنهن جو وجود 5 هزار سال کان پهرين موجود آهي، ان جي عظمت ۽ اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته، قرآن شريف جو ترجمو سڀ کان پهريائين سنڌي ٻولي ۾ ڪيو ويو. اها اسان سنڌين لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ ان جو مطلب اهو به آهي ته اسان جي سٻاجهڙي سنڌي ٻوليءَ ۾ سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ جيڪي لفظ استعمال ٿين ٿا انهن ۾ لفظن جو ذخيرو ايترو ته موجود آهي جو جنهن جي پڙهڻ سان، پڙهڻ واري جي دل پڙهڻ تي مائل ٿي ويندي آهي. لفظن جا اچار ۽ لهجو ايترو ته پرڪشش آهي جو ٻڌندڙ تي هڪ ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي. سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ جي اها خاصيت پڻ آهي ته هو دنيا جون ڪيئي ٻوليون درست لهجي ۾ ڳالهائي ۽ سکي سگهي ٿو ۽ اها خاصيت صرف سنڌي ڳالهائيندڙن ماڻهن ۾ ئي موجود آهي.

سنڌي ٻولي جي قدامت، عظمت، شاهوڪاريت ۽ اهميت ان مان ظاهر آهي ته دنيا جي سڀ کان وڏن شاعرن مان سنڌي ڳالهائيندڙ شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي، جنهن جي هر هڪ بيت ۾ قومي ٻولي سان محبت ڪرڻ جو درس ڏنل آهي. پر تنهن هوندي به سنڌي ٻولي ڏکن ۽ سورن ۾ آهي. ان جو اسان کي تدارڪ ڪرڻو پوندو. هونئن ته سنڌي ٻولي جا گهڻا معاملا آهن پر هتي اسان سنڌي ٻولي جي تعليمي صورتحال جو ذڪر ڪنداسين. سنڌي ٻولي جي شعر ۽ ادب جو باقاعدي رڪارڊ اسان کي سومرن جي حڪومتي دور کان ملي ٿو. ان کان اڳ جي علم ادب جون ڪجهه روايتون مليون آهن، جن مان هڪ روايت اها آهي ته قرآن پاڪ جو سڀ کان اڳ ۾ سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو ويو. اها روايت ته ملي ٿي پر ترجمو نٿو ملي. ترجمو ڪهڙي رسم الخط ۾ ڪيو ويو ان جي به خبر نٿي پئي. ان مان اهو پتو ضرور پئي ٿو ته سنڌي ٻولي ايتري شاهوڪار هئي جو ان ۾ لکيو ۽ پڙهيو ويندو هو. سنڌي ٻولي ۾ لکڻ پڙهڻ، شاعري ڪرڻ ۽ مڪتبن ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو سلسلو تمام گهڻو آڳاٽو آهي هڪ دور اهڙو به آيو جو ارغونن، مغلن ۽ ترخانن جي زماني ۾ جڏهن سنڌي ٻولي خلاف ڪات ڪهاڙا تيز ڪيا ويا ۽ مڪتبن مان سنڌي ٻولي ختم ڪئي وئي ته شاگردن وڏا احتجاج ڪيا. ان حد تائين جو هنن چيو ته جيڪڏهن سنڌي نه پڙهائي وئي ته زبان وڍرائي ڇڏينداسين پر ٻي ٻولي ۾ نه پڙهنداسين. فارسي گهوڙي چاڙهسي خلاف مزاحمتي عمل تيز ٿي ويو. ان مزاحمت جي نتيجي ۾ ئي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رڳو سنڌي ۾ ڪلام چوڻ شروع ڪيو. ٻولي جي تحريڪ ئي سنڌي ماڻهن کي سجاڳ ڪيو. ارغونن، مغلن ۽ ترخانن جي راڄ کي ختم ڪري سنڌي ماڻهن پنهنجو راڄ قائم ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪلهوڙا سنڌ جا حڪمران بڻيا. هي همراهه هن ڌرتي جي اصل وارثن منجهان هئا. هنن جي اچڻ سان سنڌ جي ماڻهن سک جو ساهه کنيو ۽ سنڌي ٻولي کي وڌيڪ ترقي ملي. هن دور جي خوشنصيبي هئي جو شاهه سائين جهڙو عظيم شاعر ان دور ۾ پيدا ٿيو. جنهن ڪري سنڌي ادب جي سونهري دور جو درجو ڪلهوڙن جي دور کي مليو. ان دور ۾ شعر ۽ ادب کانسواءِ تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي وڏي اهميت ۽ ترقي ملي. مدرسن جي مختلف عالمن سنڌي ۾ تعليم ڏيڻ جي لاءِ باقاعدي نصاب جوڙيو. هنن ان سلسلي ۾ ڪتاب لکيا، ڪتابن لکڻ لاءِ عالمن سنڌي ٻولي جي الف ب جي پنهنجي پنهنجي طريقي سان ٺاهي. سنڌي ٻولي لکڻ جا مختلف نمونا سامهون آيا. هر عالم جي سنڌي لکڻ جو طريقو سندس نالي سان سڃاپجڻ لڳو، جيئن مخدوم ابو الحسن جي سنڌي، مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي، مخدوم احمد جي سنڌي وغيره نصابي ڪتابن ۾ مقدمه الصلات سنڌي ٻولي جو پهريون ڪتاب ڳڻيو وڃي ٿو. اهڙي ريت سنڌي ٻولي جو سفر جاري رهيو. ڪلهوڙن کانپوءِ ٽالپر آيا، ٽالپر به هتان جا ٿي ويا هئا. هنن جي دور ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي جاري رهي. البته هن دور ۾ سنڌي فارسي سان گڏ سرائيڪي ٻولي جي اهميت به وڌي وئي. انهيءَ ماحول ۾ 1843ع ۾ سنڌ تي انگريزن مڪمل قبضو ڪري پنهنجي حڪومت ٺاهي. انهن جڏهن ڏٺو ته هتان جا ماڻهو پنهنجي ٻولي سان بي پناهه محبت ڪن ٿا ۽ سندس ٻولي تمام گهڻي شاهوڪار ۽ قديم آهي تڏهن هنن به سنڌي ٻولي جي ترقيءَ لاءِ اپاءَ ورتا. هي پهريون ڀيرو هو جو سنڌي ٻولي کي باقاعدي سرڪاري سرپرستي نصيب ٿي. انگريز جيئن ته پڙهيل لکيل قوم هئي، تنهن ڪري هنن کي سنڌي ٻولي لکڻ جي بي ترتيبي پسند نه آئي، نيٺ هنن سنڌي ٻولي جي رسم الخط جو هڪ معيار Standard مقرر ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي ٺاهي. ان ڪاميٽي جي سفارش تي 1853ع ۾ حڪومت هاڻوڪي لکت پڙهت رائج ڪئي. تعليمي ادارن انهن جي پوئيواري ڪئي. اڳتي هلي 20 آگسٽ 1857ع تي انگريز سرڪار هڪ ٻيو حڪم جاري ڪيو، جنهن مطابق سنڌي ٻولي کي دفتري ٻولي جو درجو ڏنو ويو. سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر حڪم ڪيو ته درخواستون وغيره به سنڌي ۾ لکيون وڃن. جيڪڏهن ڪو عربي يا فارسي ۾ لکي ٿو ته ان جو سنڌي ترجمو لازمي ڏئي. اهڙي ريت انگريزن هتي نوڪري ڪندڙ ملازمن کي به پابند ڪيو ته هو لازمي طور سنڌي لکن، پڙهن ۽ ڳالهائن. انهن حڪمن ۽ اپائن سان سنڌي ٻولي وڏي ترقي ڪئي. تعليمي ادارن ۾ سنڌي عام جام ٿي وئي. عربي ۽ فارسي جي تعليم هوندي به ميڊيم سنڌي هوندو هو. جڏهن 1947ع ۾ پاڪستان ٺهيو ته سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي اسڪول سنڌي ميڊيم وارا هئا. ڪراچي ۾ توڙي ٻين شهرن ۾ ڪي ٿورا اسڪول انگريزي ميڊيم وارا هئا. 1947ع کانپوءِ تيزيءَ سان سنڌي ميڊيم تبديل ٿيندو ويو. تبديلي جو هڪ سبب هندستان مان لڏي آيل مسلمان ڀائر هئا، ٻيو سبب هتان جي حڪومت جون پاليسيون هيون. خاص طور تي پير الاهي بخش جڏهن سنڌ جو وڏو وزير ٿيو ته هن نه فقط سنڌ کي وفاق حوالي ڪري ڇڏيو پر سنڌي ٻولي کي آپشنل قرار ڏئي ڇڏيو. آپشنل قرار ڏئي ڪراچي ۾ سنڌي ميڊيم اسڪول بند ڪري سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ اردو ميڊيم اسڪول کولڻ جو حڪم ڏنو. پاڪستان ٺهڻ سان سنڌي قوم پنهنجو سڀ ڪجهه پاڪستان حوالي ڪري ڇڏيو. ان ۾ ٻولي به شامل آهي. هن خطي جون سموريون قومون سنڌي، پنجابي، پٺاڻ، بلوچ سڀ پاڪستاني بڻجي ويا. ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ٻولي کي ٻيو وڏو ڪاپاري ڌڪ ون يونٽ جي ڪري لڳو، جڏهن سڀئي قومون هڪ قوم بڻجي ويون ته پاڪستان جي قومي ٻولي به رڳو هڪ اردو ٻولي ۽ بنگالي بڻائي وئي، ٻين ٻولين کي علائقائي ٻولين جو درجو ڏنو ويو. سنڌ جي اصل وارثن سنڌي ٻولي جي سرڪاري سرپرستي نه ٿيڻ جو سخت نوٽيس ورتو ۽ مختلف مرحلن تي پنهنجي خواهش ۽ ڪاوڙ جو اظهار به جاري رکيو. ان جي نتيجي ۾ سنڌ سرڪار 7 جولاءِ 1972ع ۾ سنڌ اسيمبلي مان هڪ بل پاس ڪيو، جنهن کي سنڌي ٻولي جي تعليم جي واڌاري ۽ استعمال ٽيچنگ پروموشن اينڊ يوز آف سنڌي لينگويج جو نالو ڏنو. اهو به گورنر جي منظوري کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جي تڏهوڪي سيڪريٽري نالي واري ڪهاڻيڪار محترم جمال ابڙي 17 جولاءِ 1972ع تي جاري ڪيو. ان بل ۾ چوٿين درجي کان 12 هين درجي تائين اردو سان گڏ سنڌي ٻولي پڙهائڻ لازمي ڪئي وئي. سنڌي ٻولي کي صوبي جي سرڪاري ٻولي مڃيو ويو. سرڪاري آفيسن، ادارن، عدالتن ۽ اسيمبلين ۾ سنڌي ۾ لک پڙهه لازمي ڪئي وئي. سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ اڪيڊمين، بورڊن، ۽ ثقافتي ادارن جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان بل تي وڳوڙ ٿيا، نتيجي ۾ عمل روڪيو ويو. اڳتي هلي ڪجهه ڳالهين تي عمل ڪيو ويو. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي لاءِ سنڌي ادبي بورڊ ته پهريان کان موجود هو پر سنڌي لينگويج اٿارٽي ۽ سنڌ جي يونيورسٽين ۾ مختلف چيئرز سرڪار بعد ۾ ٺاهيون انهن ادارن جو ڪم لکت ۾ ته مختلف آهي پر عملي طور ساڳيو ڪم ڪري رهيا آهن. سڀئي ساڳين ساڳين موضوعن تي ڪتاب شايع ڪن ٿا ائين کڻي چئجي ته گهڻي ڀاڱي اشاعتي ادارن وارو ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌي ٻولي اٿارٽي جو بنيادي ڪم سنڌي ٻولي کي دفترن ۾ رائج ڪرائڻ آهي پر ان سلسلي ۾ ڪابه اڳڀرائي نظر نٿي اچي. ٻولي واري ايڪٽ جي روشني ۾ سنڌي ٻولي کي اردو سان گڏ چوٿين درجي کان نائين درجي تائين پڙهائڻ تي عمل ته ٿي ويو پر بل مطابق يارهين درجي تائين رکيل سنڌي مضمون تي عمل نه ٿي سگهيو. يارهين درجي ۾ غير سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن کي آسان سنڌي جو مضمون پڙهڻو آهي. جڏهن ته سنڌي شاگردن کي يارهين درجي ۾ آسان اردو جو مضمون پڙهڻو آهي. سنڌي شاگرد ته آسان اردو پڙهندا آهن پر آسان سنڌي تي عمل نٿو ٿئي.

آسان سنڌي تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي سالن کان سڃاڻ ڌريون ڪوششون ڪنديون پيون اچن پر انهن ۾ سنڌ جي ڪاليجي استادن جون تنظيمون سپلا سنڌي سبجيڪٽ سوسائٽي ڪاليجز ڪراچي سنڌي ادبي سنگت ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمون شامل آهن ان جاکوڙ جي نتيجي ۾ ارباب رحيم جي وڏ وزارت دوران تمام گهڻي اڳڀرائي ٿي. ڊاڪٽر حميدا کهڙو سنڌ جي تعليم جي وزير هئي، ان جي ڪوشش به رنگ لاتو ۽ سنڌ جي تعليم کاتي پاڪستان سرڪار جي تعليم کاتي جي ڪريڪيولم ونگ کان اسڪيم آف اسٽڊيز منظور ڪرائي 27 سيپٽمبر 2005ع تي ترت لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. اهو نوٽيفڪيشن سنڌ جي هاڻوڪي چيف سيڪريٽري ۽ تڏهوڪي تعليم واري سيڪريٽري غلام علي شاهه پاشا جاري ڪيو. ان اسڪيم مطابق سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن کي يارهين ۾ آسان اردو جو 100 مارڪن ۽ ٻارهين ۾ سنڌي لازمي جو 100 مارڪن جو پرچو ڏيڻو آهي. آسان سنڌي کانسواءِ ٻين مضمونن جا ڪتاب ته اڳ ئي موجود هئا پر پوءِ آسان سنڌيءَ جو ڪتاب تيار ڪيو ويو. ان جون هزارين ڪاپيون شايع ڪيون ويون. سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان سولي سنڌي ٻولي پڙهائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

جڏهن عمل جو وقت آيو ته هڪ سياسي ڌر جي ڪجهه اڳواڻن سخت مخالفت ڪئي، نتيجي ۾ عمل روڪڻ لاءِ مختلف سبب سامهون آندا ويا. وڏو سبب ڪراچي ۾ سنڌي مضمون جي ڪاليجي استادن جي کوٽ ڄاڻايو ويو. سنڌي سبجيڪٽ سوسائٽي ڪاليجز ڪراچيءَ تعليم کاتي کي آڇ ڪئي ته اسان تيستائين وڌيڪ پيرڊ وٺنداسين جيستائين نوان استاد ڀرتي ڪريو ۽ ڀلائي ڪري هن سان ئي آسان سنڌي لاڳو ڪيو. پر ڳالهه نه مڃي وئي، خوشي جي ڳالهه اها هئي ته ڪراچي جي ڪجهه ڪاليجن ۾ آسان سنڌي پڙهائجڻ به شروع ٿي وئي ۽ گهڻي ڀاڱي شاگردن ۽ سنڌي مائٽن پاران آجيان به ٿي. تنهن هوندي به حڪومت پنهنجو ڪيل فيصلو واپس ورتو. سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي سنڌ جي عوام جي دٻاءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌي مضمون جا 119 استاد به ايڊهاڪ تي ڀرتي ڪيا. آگسٽ 2006ع ۾ انهن استادن کي ڪاليجن ۾ جوائن ڪرايو ويو. مزي جي ڳالهه اها ٿي ته ڪراچيءَ جي ڪاليجن جي لاءِ مقرر ڪيل انهن استادن مان 40 سيڪڙو استادن کي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ رکيو ويو. آڪٽوبر 2006ع ۾ ڪراچي ۾ يارهين درجي جا ڪلاس شروع ٿيا. پر استادن جي اڻاٺ ختم ٿيڻ باوجود آسان سنڌي جو مضمون پڙهائڻ لاءِ اڄ تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي. موجوده عوامي حڪومت انهن ايڊهاڪ استادن کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي پڪو ڪري ساراهه جوڳو ڪم ته ڪيو آهي پر مفاهمت واري پاليسي هيٺ سنڌي مضمون کي دفن ڪري ڇڏيو آهي. ڳالهه رڳو اتي دنگ نٿي ڪري اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌي مضمون پڙهائڻ جو مسئلو منجهيل ئي هو ته ڪراچيءَ جي انٽرميڊيئيٽ ايجوڪيشن بورڊ سنڌي شاگردن کان سنڌي مضمون پڙهائڻ جو حق کسي ڇڏيو. 2001ع ڌاري اهڙو فيصلو ڪيو ويو ته اهڙو ڪوبه سنڌي شاگرد انٽرميڊيئيٽ ۾ مادري ٻولي وارو سنڌي مضمون نه پڙهي سگهندو، جنهن مئٽرڪ ۾ مادري ٻولي وارو سنڌي مضمون نه پڙهيو هوندو.

ڪراچيءَ جي ٻن ٽن اسڪولن جهڙوڪ سنڌ مدرسي، اين جي وي، گڏاپ ٽائون ۽ بن قاسم ٽائون جي هڪ عدد اسڪول کانسواءِ ڪٿي به مئٽرڪ ۾ مادري ٻولي وارو سنڌي مضمون نٿو پڙهايو وڃي. جڏهن مئٽرڪ ۾ هتي ان مضمون پڙهائڻ جو مڪمل بندوبست نه آهي ته پوءِ پابندي غيرقانوني آهي. ان فيصلي سان هر سال سوين سنڌي شاگرد متاثر ٿي رهيا آهن. جڏهن انٽر ۾ سنڌي مضمون نه پڙهبو ته پوءِ بي اي ۾ به نه پڙهي سگهبو. قانون مطابق بي اي ۾ سنڌي مضمون نه هوندو ته ايم اي سنڌي، ايم فل، پي ايڇ ڊي به نٿي ڪري سگهجي. نتيجي ۾ هوريان هوريان سنڌي ٻولي جي تعليم ختم ٿي ويندي. انٽرميڊيئيٽ آرٽس ۾ يارهين ۽ ٻارهين درجي ۾ اختياري مضمون کانسواءِ لازمي سنڌي مضمون سائنس ۽ ڪامرس ۾ ٻارهين درجي ۾ لازمي سنڌي مضمون ۽ يارهين ۾ آسان اردو، جڏهن ته بي اي سال پهرئين ۽ آخري ۾ اختياري سنڌي مضمون ۽ فائنل ۾ لازمي سنڌي مضمون پڙهي سگهجي ٿو. بي ايس سي فائنل ۾ اردو جي جاءِ تي سنڌي مضمون پڙهي سگهجي ٿو. يونيورسٽين ۾ بي ايس پروگرام ۾ به لازمي سنڌي مضمون ۽ اختياري سنڌي مضمون پڙهي سگهجي ٿو.

سنڌي شاگردن کي گهڻي ڀاڱي سنڌي مضمونن جي خبر نه هوندي آهي. يا انتظاميا به لڪائيندي آهي تنهن ڪري ڪراچي ۾ ڪٿي به داخلا وٺڻ شرط سنڌي استادن سان رابطو ڪيو وڃي. سنڌي ماڻهن جي ذهن ۾ به اهو به هوندو آهي ته سنڌي مضمون پڙهڻ سان ڊگري جي اهميت گهٽجي ويندي. سو ائين نه آهي بلڪه اهميت وڌي ويندي، ڇاڪاڻ ته سنڌي شاگرد پنهنجي مضمون ۾ فطري بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سٺيون مارڪون کڻي سگهندا ۽ هنن کي انگريزي، اردو ۽ ٻين مضمونن سان گڏ سنڌي ٻولي ۽ ادب بابت واڌو ڄاڻ به ملي ويندي. جنهن کان غير سنڌي شاگرد محروم هوندا آهن. ڪراچيءَ ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبا قائم آهن ۽ هر سرڪاري ڪاليج ۾ سنڌي شعبا پڻ کليل آهن. انهن سان به رابطو ڪري سگهجي ٿو. ملڪ ۾ نيشنل يونيورسٽي آف مارڊرن لينگويجز (نمل) به ڪم ڪري رهي آهي. پر انهن جو به سنڌي ٻولي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ آهي. اها پنجابي ٻولي کي ته ماڊرن سمجهي ٿي پر سنڌي کي نٿي سمجهي. نمل ۾ سنڌي شعبي کولڻ جي سخت ضرورت آهي. سنڌي ادبي سنگت سنڌ، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي وارو درجو ڏيارڻ واري مهم شروع ڪئي آهي جنهن جي ڪاميابي سان سنڌي ٻولي کي فائدو پهچندو. سنڌي هڪ قوم آهي، قوم جي سڀني وصفن تي اسان پورا لهون ٿا. اسان وٽ ڌرتي آهي ٻولي آهي، پنهنجي ثقافت آهي مطلب ته قوم جي سڀني معيارن تي پورا آهيون. جڏهن اسان قوم آهيون ته پوءِ سنڌي ٻولي به اسان جي قومي ٻولي آهي. پر افسوس جو اسان گهرن ۾ سنڌي ٻولي جي بجاءِ اردو ٻولي کي اهميت ڏيون ٿا ۽ اردو ۽ انگريزي ٻولي کي پنهنجي سنڌي ٻولي جي جاءِ تي فوقيت ڏيون ٿا. وڏن وڏن گهراڻن ۾ سنڌي ٻولي جي بجاءِ اردو ٻولي ڳالهائڻ جو رواج پئجي ويو آهي. جنهن لاءِ اسان کي سوچڻ گهرجي ۽ سنڌي ٻولي کي پنهنجي گهرن ۾ لازمي طور تي سکڻ ۽ ڳالهائڻ تي زور ڀرڻ گهرجي. دنيا جون ترقي يافته قومن پنهنجي مادري ٻولي ذريعي ترقي ڪئي آهي.

آمريڪا، چين، جرمني، سعودي عرب جهڙن ترقي يافته ملڪن ۾ پڻ پنهنجي قومي ٻولين ذريعي تعليم ڏني ويندي آهي. ان لاءِ اسان کي پڻ پنهنجي مادري ٻولي سنڌي ڳالهائڻ، سمجهڻ، سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن. سنڌي ٻولي ڪيئن پڙهائجي؟ ان لاءِ پڻ اعليٰ سطح تي ڪوششون وٺڻ گهرجن ۽ تربيت لاءِ سيمينار، ورڪشاپ ۽ ٽريننگ پروگرام منعقد ڪرڻ گهرجن. سنڌي ٻولي کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنهنجن گهرن ۾، آفيسن ۾، سنڌي ۾ ڳالهائڻ گهرجي ۽ ڳالهائڻ وقت نج سنڌي لفظ ڳالهائڻ گهرجن. سنڌي سان گڏ ڌارين ٻولين جا لفظ ڪڍي ڇڏڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته اهڙا ڪيترائي لفظ آهن جيڪي اسان جي سنڌي ٻولي مان اوپرا ٿي ويا آهن، جن کي سمجهڻ، ڳالهائڻ ۽ اچارڻ اسان جي نئين نسل لاءِ ڏکيو ٿي پيو آهي. پنهنجي سنڌي ٻولي جي بقا لاءِ اسان کي اويلن لفظن ۽ اهي لفظ جيڪي نج سنڌي ٻولي جا آهن انهن کي نئين سري سان پنهنجي ٻولي ۾ شامل ڪرڻ گهرجن ته جيئن اسان جي ٻولي مستقبل ۾ پڻ ڳالهائي ۽ سمجهي سگهجي ته جيئن ان جو وجود خطري ۾ نه پئجي سگهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پنهنجي سنڌ ڌرتي سان گڏ پنهنجي ٻوليءَ جي بقا لاءِ جاکوڙ ڪريون.

ڳڀو پاڻيءَ ڍُڪَ ۾، ٻوڙي جي کائين،

پنهنجي اوچي ڳاٽ کي، مور نه جهڪائين،

ته تنهنجي سائين ڏات، ڏهوڻي ٿي پئي.

پنهنجو اوچو ڳاٽ ڪرڻ لاءِ سنڌ سان محبت ڪريو ۽ سنڌ سان محبت ڪرڻ جو ثبوت سنڌي ٻولي کي اهميت ڏيڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عدالتن کي منهن ڏيندڙ جماعتون ۽ سياسي طاقت جو مظاهرو

صاحب خان ڀٽي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي اميد ئي نه هئي ته پاناما ڪيس سندس …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي