23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر نه آيو، پهرين ذوالحج 23 آگسٽ تي ٿيندي

رياض (ويب ڊيسڪ): سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر نه آيو آهي، تنهن ڪري هاڻي پهرين ذوالحج 23 آگسٽ تي ٿيندي، سعودي عرب ۾ چنڊ ڏسڻ لاءِ لاڳاپيل ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جڏهن ته چنڊ ڏسڻ جي ڪا شاهدي نه ملي، جنهن بعد چنڊ نظر نه اچڻ جو اعلان ڪيو ويو، سعودي عرب ۾ پهرين ذوالحج 23 آگسٽ تي ٿيندي، ۽ حج خميس ڏهاڙي 31 آگسٽ تي ادا ڪيو ويندو، جڏهن ته سعودي عرب ۾ عيد پهرين سيپٽمبر تي جمعي ڏهاڙي ملهائي ويندي، پاڪستان ۾ ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت حلال ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ عام ڪرڻ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل

لاهور( ويب ڊيسڪ ) پنجاب سرڪار ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ رپورٽ عام ڪرڻ جي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي