17 اڱارو , جولاءِ 2018

عوامي آواز رپورٽ|جروار: ڪنڊير شاخ جا ڪپر ڪمزور ھُجڻ سبب 60 فوٽ گھارو

جروار ويجهو  آرڊي 82 وٽان ڪنڊير شاخ جا ڪپر ڪمزور ھُجڻ سبب 60 فوٽن جو گھارو پئجي ويو

 گھاري پوڻ سبب ڳوٺاڻن جو سوين ايڪڙ بيٺل  وونئڻ جو فصل  ٻڏي ويو، اطلاع باوجود آبپاشي عملو چار ڪلاڪ دير سان پُھتو.

ان موقعي تي ڳوٺانن پاران احتجاج پڻ ڪيو ويو، ڳوٺاڻن جلب لنڊ، مٺل پتافي راحب ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري نقصان جو ازالو ڪرڻ جي گهر ڪئي

 هنن چيو ته آبپاشي عملي جي لاپرواهي  سبب ڪنڊير شاخ کي گهارو پيو جنهن ڪري سندن سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل  ٻڏي ويو .

ھنن وڌيڪ چيو آھي ته وري به انجنيئر امير بخش بوزدار جس لهي جنهن  نوٽيس وٺي ڪرين موڪلي گھارو بند ڪرايو ۽ وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو.

احتجاج ڪندڙن هارين سنڌ جي  وڏي وزير کان مطالبو ڪيو آھي ته نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو ……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Equality of women not showing in the general election

جنرل اليڪشن ۾ عورتن جي نمائيندگي نه هجڻ جي برابر  | پروگرام : اليڪشن 2018

عوامي آواز |  جنرل اليڪشن ۾ عورتن جي نمائيندگي نه هجڻ جي برابر  | پروگرام : …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے