25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

پيرن مان ڌپ ختم ڪرڻ جو آسان گهريلو طريقو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)بدبوءِ کي طبي ٻولي ۾بروموڊوسس چيو ويندو آهي، اِها ڪيفيت پاڻ لاءِ شرمندگي ۽ ٻين لاءِ تڪليف جو سبب ٿي سگهي ٿي. پگهر ۽ ٻين سببن جي ڪري پيرن ۾ڌپ پيدا ٿئي ٿي ۽ ان کي ختم ڪرڻ جا آسان طريقو هيٺ ڏجن ٿا: (1) پيرن جي صفائي: بازار ۾ آتش فشائي پٿر ملندو آهي، ان داڻي دار پٿر کي انگريزي ۾ پومائس چيو ويندو آهي. ان پٿر سان پيرن جي تري کي رهڙي صاف ڪيو ته جئين ڌپ جو سبب بڻجندڙ مريل خلين مان ڇوٽڪارو ملي سگهي. (2 ) لوڻ جو استعمال: پيرن کي لوڻ سان ڀريل پاڻي جي ٽپ ۾ ٻوڙي انهن مان ڌپ ختم ڪري سگهجي ٿي. (3) سرڪو مليل پاڻي: هلڪي گرم پاڻي ۾ ڪجهه چمچا سرڪو وجهي پيرن کي 15 کان 20 منٽ تائين ان ۾ ٻوڙي رکو. ان عمل سان پيرن ۾ ڌپ ختم ٿي ويندي. (4) پيرن مان ڌپ ختم ڪرڻ واري اسپري: پيرن مان ڌپ ختم ڪرڻ واريون اهڙيون ڪيتريون ئي اسپري مارڪيٽ ۾ موجود آهن جن کي پيرن تي استعمال ڪري انهن مان ڌپ ختم ڪري سگهجي ٿو. (5) اينٽي بيڪٽريا صابڻ: ڪنهن سٺي اينٽي بيڪٽريا يا صابڻ سان پيرن کي روزانو رات جو ڌوئڻ سان به تمام فرق ايندو. جيڪڏهن توهان پيرن جي آنڱرين جي وچ ۾ چڱي طرح صابڻ رهڙيندا ته ان سان بيڪٽريا ختم ٿي سگهن ٿا. (6) جوتن ۽ جرابن جو خيال رکو: توهان اهڙا جراب به خريد ڪري سگهو ٿا جيڪي پگهر کي جذب ڪري ڇڏيندا آهن پر بهتر آهي ته جلد جراب تبديل ڪندا رهو ته ڌپ پيدا ڪرڻ وارا جراثيم وڌيڪ پيدا نه ٿيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شراب پيئڻ سبب هر سال 30 لک ماڻهو مرڻ جو انڪشاف

جنيوا (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ هر سال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے