23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

عوامي آواز:کاٻي ڌر سان واسطو رکندڙ انقلابي اڳواڻن، پروفيسر جمال نقوي کي ڪميونسٽ تحريڪ جو عالم ڪردار قرار ڏيندي چيو آهي ته جمال نقوي ٽارچر سيل ۾ رهي به عوام سان وفاداري وارو ڪردار ادا ڪيو،

هن تمام ڏکين حالتن ۾ سياست ڪئي ۽ سختيون برداشت ڪيون پر آخري دم تائين هو عوامي انقلابي جدوجهد سان سلهاڙيل هو.

ڪميونسٽ اڳواڻ ۽ دانشور پروفيسر جمالي نقوي جي ياد ۾ حيدرآباد ۾ ڪوٺايل تعذيتي ميڙاڪي  ميڊيا کي خطاب ڪندي ڪيو.

ميڙاڪي کي خطاب ڪندي جهوني سياسي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي چيو ته جمال نقوي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، هو سختين هوندي به ڊڪٽيٽر کي للڪاريندو رهيو ۽ هن سدائين جمهوريت جي ڳالهه ڪئي، هو اسان لاءِ هڪ مثالي ڪردار رهيو آهي.

شبير شر چيو ته جمال نقوي، ڪميونسٽ تحريڪ جو عالم ڪردار رهيو آهي، 1960 ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ رهيو،

حسن ناصر جي شهادت ۽ سجاد ظهير جي جلاوطن کان پوءِ هن اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڊي ايس ايف جو بنياد وڌو.

هن چيو ته جمال نقوي، پارٽي کي منظم ڪيو ۽ تحريڪ جي شروعات حيدرآباد کان ڪامريڊ ڄام ساقي جي ذريعي ڪئي، هو ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ بنيادي اڳواڻ رهيو.

پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته  جمالي نقوي ملڪ جو وڏو دانشور هو، هن پاڪستان ۾ ترقي پسند تحريڪ جو بنياد وڌو، جنهن کان پوءِ مٿس پابندي لڳائي وئي، هو سدائين پنهنجي تحريڪ سان وفادار رهيو.

هن اڻبراري واري رويي کي ختم ڪرڻ لاءِ انقلابي جدوجهد ڪئي. هن اڻبراري کي ختم ڪرڻ لاءِ انقلابي جدوجهد ڪئي ۽ ملڪ ۾ جمهوري راڄ قائم ڪرڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪندو رهيو.

هو اهڙو دانشور هو، جيڪو عوام سان وفادار رهيو، آخري دم تائين جيل ڪاٽيا، تڪليفون ڏٺيون ۽ نظربنديون رهيو.

ڊاڪٽر رياض چيو ته جمال نقوي مشڪل حالتن ۾ ڪم ڪيو، هو ڪميونسٽ تحريڪ جو باني هو ۽ هو تحريڪ کي اڳيان وٺي ويو، سندس عوامي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا.

ڊاڪٽر توصيف احمد چيو ته جمالي نقوي سچو ۽ بهادر اڳواڻ هو، هن تمام وڏي جدوجهد ڪئي، هو ڪميونسٽ تحريڪ ۾ سدائين زنده رهندو.

عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ بخشل ٿلهو چيو ته جمالي نقوي جي شخصيت ۽ ڪردار اهڙو هو جو کيس ڪنهن هڪ دائري ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي هو سڀني جو ليڊر رهيو آهي تعذيتي ميڙاڪي کي پروفيسر جعفر احمد،  سهيل سانگي، زاهده حنا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز|فيصلي خلاف اپيلون منظور ٿيڻ بعد مشرف وائڙو ٿي ويو آهي: فرحت الله بابر

پيپلز پارٽي اڳواڻ فرحت الله بابر چيو آهي ته مشرف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي