21 منگل , نومبر 2017

ڀارت پهرين ون ڊي ميچ ۾ سريلنڪا کي گهمائي لاٿو، ڌون جي سينچري

دمبولا (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽيم شيکر ڌون جي جارحاڻي بيٽنگ عيوض سريلنڪا کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. دمبولا ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڀارتي ٽيم ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو درست ثابت ٿيو ۽ سريلنڪن ٽيم 216 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ميزبان ٽيم جا 6 رانديگر ڊبل فگر تائين به نه پهچي سگهيا. نروشان ڊڪويلا 64، انجيلو ميٿيوز ۽ ڪوسل مينڊس ترتيب وار 36-36، جڏهن ته گناٿلاڪا 35 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. جواب ۾ ڀارت جي پهرين وڪيٽ تڪڙي ڪري پئي ۽ 23 رنسن جي مجموعي اسڪور تي روهت شرما 4 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ رن آئوٽ ٿي ويو پر ان کانپوءِ ڪپتان ورات ڪوهلي اڳ ئي ڪريز تي موجود شيکر ڌون سان گڏجي سريلنڪن بالرن جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي ٽيم کي 28.5 اوورن ۾ 9 وڪيٽن تان ڪاميابي ڏياري ڇڏي. شيکر ڌون جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 90 بالن تي 132 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي، جڏهن ته ورات ڪوهلي به 82 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڀارتي ٽيم ميچ ۾ 9 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي 5 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

بي پي ايل: حسن علي جي تباهه ڪندڙ بالنگ، ڪوميلا وڪوٽورينز ڪامياب

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني فاسٽ بالر حسن علي بنگلاديش پريميئر ليگ جي  ميچ ۾ بهترين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے