26 ڇنڇر , مئي 2018

ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: جنرل زبير محمود حيات

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان جو بچاءُ مضبوط آهي،  ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهيون. آءِ ايس پي آر موجب جنرل زبير محمود حيات نيسڪوم جو دورو ڪيو، جتي کيس نيسڪوم جي جاري منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين نيسڪوم جي اسٽريٽجڪ نظام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي جنرل زبير محمود حيات چيو ته ملڪ جو بچاءُ نيسڪوم جي ڪارڪردگي سبب مضبوط ٿي ويو آهي. پاڪستان امن پسند ملڪ آهي، اسان ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي بچاءَ کان غافل ناهيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان کي گڏيل سهڪار سان دهشتگردي جهڙن مسئلن جو حل ڪڍڻو آهي: چيف جسٽس آف پاڪستان

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته اسان کي گڏيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے