24 منگل , اپریل 2018

عمران خان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جو جسٽس آصف سعيد کوسا خلاف ريفرنس ان جا بدنيت ارادا ظاهر ڪري ٿو جنهن جو مقصد نواز شريف جي ڪرپشن بچائڻ آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي پيغام ۾ عمران خان چيو ته اياز صادق بيان ڏنو ته ان جي آفي جاچ ايجنسي ناهي، هن منهنجي خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ ريفنس ڪيئن موڪليا ۽ نواز شريف جي خلاف ڇو نه موڪليو، اياز صادق پنهنجي جانبداري پهرين ئي ظاهر ڪري ڇڏي هئي. هن چيو ته هاڻ صاف ظاهر آهي ته هو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي آفيس جي ذميواري سنڀالڻ لاءِ موزون ناهي، اياز صادق فوري طور تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي عهدي تان مستعفيٰ ٿئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مريد ڪي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

مريد ڪي(ويب ڊيسڪ) مريد ڪي ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ سبب 5 ڄڻا مارجي ويا. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے